هن مضمون جي ڪلهوڪي حصي ۾ اسان غيروابستا تحريڪ جي مقصدن ۽ محرڪن بابت لکي آهيون. ان تحريڪ جي بانين ۽ ليڊرن بلگريڊ ڪانفرنس ۾ هڪ اعلان منظور ڪيو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته انهن ملڪن جو بنيادي مقصد امن لا ۽ استعماريت ۽ نسل پرستي خلاف هڪ سرگرم جدوجهد شروع ڪرڻ آهي. جڏهن ته ان اعلان ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ رد انقلاب جي برآمد، انهن جي داخلي معاملن ۾ مداخلت ۽ انهن خلاف جارحيت جو سلسلو ختم ڪيو وڃي، کڻي ان جي شڪل ڪهڙي به ڇو نه هجي. ڪانفرنس جي نمائندن مطالبو ڪيو هو ته الجيريا کي آزادي ڏني وڃي، فرانسيسي فوجين کي تيونس مان واپس سڏايو وڃي، ڪانگو ۾ سامراجي مداخلت جو سلسلو ختم ڪيو وڃي ۽ جنوبي آفريڪا ۾ نسل پرستي جي روش ترڪ ڪئي وڃي. انهن اهو به مطالبو ڪيو هو ته فلسطين جي عرب عوام جي جائز حقن کي بحال ڪيو وڃي.
آڪٽوبر 1964ع ۾ غيروابستا ملڪن جي ٻي ڪانفرنس قاهره ۾ ٿي. قاهره ڪانفرنس جي اعلان ۾ امن ۽ بين الاقوامي سهڪار جو هڪ پروگرام پيش ڪيو ويو ان ۾ سڀني ترقي پسند قوتن کي اپيل ڪئي وئي هئي ته هو سامراج جي غلام سمورن ملڪن کي آزاد ڪرائڻ لا ۽ استعماريت ۽ نئين بيٺڪيت جي خاتمي لا گڏجي ڪم ڪن. ان اعلان ۾ اها ڳالهه زور ڏئي چئي وئي هئي ته پنهنجي آزادي لا جدوجهد ڪندڙ قومن کي امداد ڏني وڃي.
غيروابستا رياستن جون پهريون ٻه ڪانفرنسون اهڙيون سامراج مخالف ڪانفرنسون رهيون جيڪي سويت يونين جي پاليسي سان تمام گهڻيون ملندڙ هيون، سوويت يونين جو گهڻو ڪردار به سامراج مخالف ۽ قومي آزادي جي تحريڪن ۾ سهائتا وارو رهيو. بلڪل اهڙي طرح نام جو به بنيادي ڪردار نه رڳو ان تنظيم ۾ شامل نون آزاد ٿيل ملڪن جي آزادي کي برقرار رکڻ هو پر ساڳي وقت اڃا تائين جيڪي قومون سامراجي ظلم جو شڪار هيون، انهن جي آزادي لا پڻ ڪردار ادا ڪرڻ هو. ان لحاظ کان سوويت يونين ۽ نام ۾ اهو هڪ گڏيل قدر پڻ هو. غيروابستا ملڪن جي ٽين ڪانفرنس ٻي ڪانفرنس جي 6 سالن بعد ٿي. ان مدي دوران سامراجين آفريڪي ۽ ايشيائي آزادي جي تحريڪن تي نوان وار ڪرڻ ۽ استعماريت جي چنبي مان قومن جي مڪمل آزادي جي عمل کي روڪڻ جا جتن ڪيا.
ان ڪانفرنس جي ٽن سالن کان پو سيپٽمبر 1973 ۾ الجيرس ۾ غيروابستا ملڪن جي چوٿين ڪانفرنس ٿي ڪيوبا جي اڳواڻ فيدل ڪاسترو ڪانفرنس ۾ خاص طور انتهائي اتساهيندڙ تقرير ڪئي هئي. هن چيو هو ته اسان لا دنيا ٻن نمونن جي حڪومتن ۾ ورهايل آهي، هڪ اها جيڪا سامراج، استعماريت، نيو-ڪلونيئلزم ۽ نسل پرستي جي حمايت ڪري ٿي، ٻيون اهي حڪومتون جيڪي سامراج، استعماريت نيو-ڪلونيئلزم ۽ نسل پرستي خلاف آهن. الجيرس ڪانفرنس جي سياسي اعلان ۾ هي ڳالهه زور ڏئي چئي وئي هئي ته سامراج ۽ استعماريت خلاف پوري قوت سان جدوجهد شروع ڪئي وڃي. استعماريت خلاف جدوجهد کي قومي آزادي جي جدوجهد بابت اتفاق را سان منظور ڪيل اعلان ۾ خاص مقام ڏنو ويو هو ته اسان جي عهد جي هڪ معروضي حقيقت استعماريت، نيو-ڪلونيئلزم، صهيونيت ۽ سامراج خلاف جدجهد ڪرڻ آهي. اهي نعرا ڪولمبو ۾ آگسٽ 1974 ۾ غيروابستا ملڪن جي سربراهن جي پنجين ڪانفرنس ۾ منظور ڪيا ويا هئا.
بين الاقوامي معاشي لاڳاپن ۾ اسرندڙ ملڪن جي پوزيشن پڻ اهم مسئلو هو. بين الاقوامي معاشي لاڳاپن جي نئين سر تشڪيل لا اسرندڙ ملڪن جي سرگرم جدوجهد باوجود ۽ عالمي معيشت ۾ انهن جي وڌندڙ ڪردار باوجود عالمي سرمائيداراڻي معاشي ڍانچي ۾ انهن جي پوزيشن بهتر ٿيڻ بدران نسبتن ابتر ٿي رهي هئي. نوان آزاد ٿيل ملڪ سامراجي رياستن لا ان وقت به وڌندڙ نفعي جو وسيلو هئا. جيتوڻيڪ اسرندڙ ملڪ صنعتي لحاظ کان اسريل اولهندي رياستن لا پنهنجون تيار ٿيل شيون برآمد ڪرڻ ۾ بتدريج اضافو ڪري رهيا هئا، پر انهن جا قرض گهٽجڻ بجا تيزي سان وڌي رهيا هئا. اضافي جي اها شرح 16 سيڪڙو ۽ ڪڏهن ڪڏهن 20 سيڪڙو سالياڻو تائين هئي. نتيجي طور انهن جي ذمي ادائگي جوڳن قرضن جي مجموعي رقم 1978ع تائين 25 هزار ڪروڙ ڊالر تائين پهچي چڪي هئي. اهڙي نموني ايشيائي، آفريڪي ۽ لاطيني آمريڪي ملڪن جي قومي معاشي ترقي جا مسئلا ان حقيقت باوجود سنگين ٿيندا پئي ويا ته پنهنجي آزاداڻي ترقي جي سالن دوران انهن ملڪن هڪ نئين معيشت جي تعمير لا زبردست ڪوششون ڪيون، پر آبادي جي وڏي حصي جي غربت ۽ ناخواندگي ۽ محنت جي عام قومي پيداواري صلاحيت جي هيٺين سطح جي ڪري صنعتي لحاظ کان اسريل ملڪن ۽ ايشيائي آفريڪي ۽ لاطيني آمريڪي نون آزاد ٿيل ملڪن وچ ۾ موجود معاشي فرق وڌيڪ وڌندو رهيو. ان صورتحال جو هڪ اهم سبب سرمائيدار دنيا ۾ رائج بين الاقوامي معاشي لاڳاپن جي اڻبرابري تي ٻڌل نوعيت هئي ۽ اسرندڙ ملڪ انهن جو حصو بڻجڻ تي مجبور هئا. غيروابستا تحريڪ جو هڪ اهم فريضو قومي غلامي جي ان معاشي صورت جو خاتمو آڻڻ به هو. جيڪو هڪ نئين بين الاقوامي معاشي نظام جي گهر ڪري رهيو هو. جڏهن ته ان آڏو رڪاوٽ نيو-ڪلونيئلزم جون قوتون وجهي رهيون هيون. جن جي نمائندگي سامراجي رياستون ۽ ڪارپوريشنون ڪري رهيون هيون. صنعتي لحاظ کان اسريل سرمائيدار رياستون بين الاقوامي معاشي لاڳاپن جي نئين سر تشڪيل جي غيروابستا تحريڪ جي معاشي مقصدن جي صورتگري ڪولمبو ۾ ٿيل پنجين ڪانفرنس جي منظور ڪيل معاشي اعلان ۾ به ڪئي وئي. اهي مقصد هئا: سياسي ۽ معاشي آزادي لا، قدرتي وسيلن تي اندروني معاملن ۾ مڪمل اقتدار اعليٰ لا، شين (جنسن) جي پيداوار ۽ ورڇ ۾ خدمتن جي ميدان ۾ اسرندڙ ملڪن جي شرڪت لا ۽ محنت جي بين الاقوامي ورڇ ۾ بنيادي تبديلين لا جدوجهد. غيروابستا ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن جو بنيادي مقصد هڪ نئين بين الاقوامي معاشي نظام جي قيام جي جدوجهد جي مزاحمت تي ڪنٽرول ڪرڻ هو. جيڪا مزاحمت سامراجي رياستون هڪ متبادل نئين بين الاقوامي معاشي نظام خلاف ڪري رهيون هيون.
ٿلهي ليکي، ويهين صدي ۾ نام جو سامراج دشمن ڪردار گهڻو اڀريل نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ اها اڀري ته “غيرجانبداري” جي نعري سان، پر تاريخ ۾ ان جي سامراج مخالف ڪردار ان کي گهڻو “جانبدار” به رهڻ نه ڏنو. جڏهن ته ٻئي پاسي سوويت يونين جي به ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ نام ۾ شامل ملڪن کي هڪ زبردست سهائتا رهندي پئي آئي. بعد ۾ سوويت يونين جي زوال کان پو نام ۾ شامل ملڪن جي سامراجي رياستن تي ڀاڙڻ وارو ڪردار به بهرحال نظر اچي ٿو. ان مان پڻ اهو واضح ٿئي ٿو ته سوويت يونين جي موجودگي نام لا ڪنهن ڏڍ کان گهٽ نه هئي.
(پورو ٿيو)