ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگائي ماري ڇڏيو

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

پاڪستان جي پوڻا ٽيويھه ڪروڙ وطن واسين منجهان منهنجي ذاتي سروي مطابق ارڙهن ڪروڙ انسان گھٽ آمدنيءَ وارا آھن، جن مان به ست ڪروڙ بنھه بيروزگار آهن. اھي ڏکيا ۽ بکيا بيروزگار سنڌ وانگر بلوچستان، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سرائيڪي بيلٽ ۾ به ڳڻپ کان ٻاهر آهن پر سنڌ ۾ ته مون کي پاڻيءَ جي ڏڪار سان گڏ اناج جو به رت روئاڙيندڙ ڏڪار ڏسڻ ۾ آيو. آئون اڱاري تي ٺٽي ضلعي جي ڪوھستاني ڳوٺڙي (ھاڻي جنگشاهي شھر) ۾ پنھنجي محترم استاد رسول بخش پليجي صاحب جي چوٿين ورسيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وڃڻ مھل ڪوٽڙيءَ کان ڪراچيءَ ڏانهن ويندڙ رستي تان سفر ڪندي ھن ضلعي جي جابلو علائقن ۽ ٻولھاڙي، جھمپير، جھرڪ، سونڍا، چليا، ڇتو چنڊ جھڙن ننڍن ننڍن شهرن ۾ گھڻن ئي ھنڌن تي ماڻهن سان ملندو ۽ سندن اڻھوند، بيروزگاري، بک ۽ اڃ ۽ پاڻيءَ جي ھانءُ ڏاريندڙ اڻاٺ جو واءُ سواءُ وٺندو رهيس. منهنجي ذهن جي اسڪرين تي ماضيءَ جا اھي وڏ ڦڙن وارا منظر نروار ٿيڻ لڳا، جڏهن اسان جي رھبر اعظم شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ھن دعا کي الله سائين قبوليندو ھو ته،
وطن وسائيج ته سنگھارن سک ٿئي!
اڱاري تي مون پنهنجي ھن سفر ۾ بک ۽ اڃ کي واڪا ڪندي نه پر دانھون ۽ ڪيھون ڪندي ڏٺو. ماروئڙن جي ڪومائجي ويل چھرن ۽ ڏٻرن جسمن مان پرکي ورتم ته ھو اڄوڪي جديد سائنسي دور ۾ به ڄڻ غارن ۾ رهن پيا. ٺٽو ضلعو منهنجي بابا سائين مرحوم جي دوستن يارن جو ايڏو ته سکيو ستابو علائقو ھوندو ھو، جو بابا جا سنگتي مالوند اتان ڀٽاريون مينھون ۽ ڍڳيون آڻي گول بلڊنگ سان لڳو لڳ اسان جي وٿاڻ تي ان مھل وڪڻڻ لاءِ آڻيندا ھئا، جڏھن سندين پٽن ۽ ڌيئرن جا ڪاڄ رٿيل ھوندا ھئا. اھا حقيقت ڪئين ڀيرا ورجائي چڪو آهيان ته آئون ڀاڳين جو اولاد آهيان. اھو ئي سکيو ستابو ضلعو ٺٽو اڱاري ۽ اربع ڏينهن مون ڏکيو ۽ بکيو ڏٺو ته مون کي ٿرپارڪر جا ڏڪاريل پنھوار ۽ سنگھار ياد اچي ويا، جيڪي سانوڻ جي مند ۾ مينھن جا وسڪارا نه ٿيڻ ڪري، ٿر مان لڏپلاڻ ڪري بئراجي علائقن ۾ پورھيو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا هئا. اھو پورھيو ته ھزارين ڪٽنبن جي ڳچيءَ جو ڳٽ بڻجي ٿو پوي، جڏهن سنڌي وڏيرا ۽ زميندار انھن کي زالن، نياڻين ۽ ٻارن ٻچن سوڌو “سرڙيا ھاري” ٺاھي، سالن جا سال پنهنجن ڪوٽن ۾ قابو ڪري ڇڏيندا آهن.
ڳوٺاڻا ته رڳو پڪي رسي ھٿ ڪندا آهن ۽ قدرت جي اپايل وڻن ۾ ئي بنا ڪنهن خرچ يا رنڊڪ جي پنهنجي ڳچيءَ ۾ ٽوڙھو ٻڌي پاڻ کي پاڻ ڦاھو ڏيئي ڇڏيندا آهن. غضب جھڙي حالت آهي ته اسان جي ملڪ جا غلام حڪمران قرض ڏيندڙ سامراجي اداري آءِ ايم ايف جي اجازت کان سواءِ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ به واڌارو ڪري نه ٿا سگهن. ملڪ جون ملڪيتون ۽ اثاثا ته ڪئين سال اڳ ۾ ئي گروي رکي ڇڏيائون ۽ رڳو پنهنجا بينڪ بيلنس وڌائي ڪک پتيءَ مان ڪروڙ پتي ۽ ڪروڙ پتيءَ مان ارب ۽ کرب پتي ٿي ويا. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان به باقاعدي ڪرپشن کي وڌايو جنهن جا ثبوت سڀ کان اڳ ۾ ھڪڙي فرض شناس ۽ سچار پوليس آفيسر بشير احمد ميمڻ پڌرا ڪيا. ھاڻي ته ھيرن جا ھار ۽ سونين منڊين جو ذڪر به خدا جي خلق تائين پهچي ويو آهي.
پر سچ ھيءَ آهي ته جيڪي غريب مسڪين ماڻهو عمران خان جي حڪومت واري زماني ۾ مھانگائي وڌڻ خلاف کيس جھوليون کڻي پٽون ۽ پاراتا ڏيندا هئا، سي اڄ سوا مھيني جي وزير اعظم شھباز شريف کي بد دعائون پيا ڏين. سندس پنهنجي ڀائٽي ۽ ميان نواز شريف جي پياري ڌيءَ مريم نواز پنھنجي چاچا کي مھڻا ڏئي پيئي ته عمران خان جي زماني جو ڍونڍ کڻڻ جي اوھان کي ڪھڙي گھرج ۽ لالچ ھئي؟
بھرحال، رڳو ھيءَ ڪوھستاني علائقو نه پر اڄ سڄي پاڪستان ۾ بيروزگاري، اڻھوند ۽ مھانگائي ڪارڻ وڌي ڪنڊن ڀريل وڻ ٿيڻ بکن ۽ ڏکن ڪروڙين ماڻهن جو جياپو اھڙو ته ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي جو ڪيترائي ڏکويل انسان پنهنجن ٻچڙن سميت آپگھات ڪري چڪا آهن ۽ ھزارين ٻيا به زھر يا پکو ڳولھين پيا.
آئون ھتي اھا ڳالھه چٽي طرح لکي ٿو ڇڏيان ته قرضن جو ھيءَ ڍونڍ ورھاڱو ٿيڻ شرط قائداعظم محمد علي جناح جي مقرر ڪيل پھرئين وزير اعظم لياقت علي خان 1948ع کان گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، ڇاڪاڻ ته ھن کي ھندستان مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ پناهگيرن کي پڪا گھر ٺاھي ڏيڻا ھئا، سي به ڪراچي سينٽرل جيل جي پريان لاھياري نديءَ (لياري ندي) جي ڪپ تي لالچند جي ٻنيءَ مٿان جنهن علائقي کي ان زماني جا ماڻهو چوندا هئا، “لالو جو کيٽ” نئين ٽهيءَ به لالو کيت ضرور ٻڌو ھوندو ۽ گھڻن ته ڏٺو به ھوندو. ھاڻي ڪراچيءَ جو ھيءَ ٽڪرو لياقت آباد جي نالي سان سڏجي ٿو.
بدبختي ڏسو ھن ملڪ جي ۽ ڪروڙين پورھيت انسانن جي ته پھرئين وزير اعظم لياقت علي خان خان کان وٺي وزير اعظم بينظير ڀٽو شهيد تائين يا ته پاڪستان جي سياسي اڳواڻن کي ماريو ويو يا وري کين ملڪ کان ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو. جنرل مشرف جھڙن جابرن ھٿان رڳو جلاوطن ڪري کين بيعزتو ڪرڻ واسطي! ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اڳوڻن حڪومت ھلائيندڙ اسٽيبلشمينٽ جي سمورن مھرن به ڪرپشن جا سمورا پراڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. ھيءَ جيڪو آءِ ايم ايف جي قرض جو ڀوائتو نتيجو پاڻ سري لنڪا وانگر اڄڪلھه اکين سان ڏسون پيا، اھو عمران خان جي پوڻن چئن سالن واري کٽارا حڪومت جو ڪيتو ناھي. مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته ملڪ جي پهرئين وزير اعظم لياقت علي خان جي دور کان وٺي وزير اعظم عمران خان تائين اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندڙ سڀني سياسي جماعتن جي اڳواڻن ھن ملڪ جي مسڪين ماڻهن کي ڦريو ۽ لٽيو آهي. ھيءَ جو نئون وزير اعظم شھباز شريف اقتدار ۾ اچڻ شرط ايف آءِ اي جي ڊاڪٽر رضوان جھڙن ايماندار ۽ انسان دوست سينيئر عملدارن کي ھٽائي بدنام ۽ ڪرمنل آفيسرن کي ايف آءِ اي ۽ سي بي آر ۾ مقرر ڪري پيو، ان جو اصل مقصد اسين نٿا سمجھون ڇا؟ ان جو مقصد فقط اهو آهي ته سندن ٻانھا آفيسر شريفن ۽ زردارين جي شگرملز ۽ ٻين ڪارخانن ٺاھڻ ۾ ٿيل ٺڳين جو رڪارڊ ايئن گم ڪري ڇڏين، جيئن زرداريءَ جي سوئيس اڪائونٽس جو رڪارڊ برطانيا ۾ مقرر ڪيل سفير ۽ سندس ذاتي دوست واجد شمس الحسن غائب ڪرائي ڇڏيو ھو.
ھاڻي اچون ٿا سال جي سمورن مھينن کان گرم جون جي مهيني پيش ٿيندڙ گرما گرم قومي ۽ صوبائي بجيٽن تي. اسان وٽ پاڪستان ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين بجيٽ پيش ڪرڻ جو رواج هيءَ آهي ته گرما گرم مھيني جون ۾ گرميءَ جا سٽيل ماڻهو ويچارا آسوند ھوندا آھن ته ھيل ھيءَ اسان جي دلين کي وڻندڙ سرڪار سڳوري غريب مسڪين ماڻهن تان محصول ۽ ٽيڪسن جو بار گھٽائڻ واري بجيٽ ڏيندي. ھر ڀيري ٿيندو ھيئن آهي ته خدا جي خلق تان ٽيڪسن ۽ مھانگائيءَ جو جبر گھٽائڻ بدران سمورين سياسي پارٽين جي حڪمرانن انھيءَ جبر ۽ ظلم کي ٻيڻو ٽيڻو ڪري ڇڏيو آهي. ياد رکو ايندڙ بجيٽ سڄي پاڪستان مان چونڊيل عوامي نمائندا ۽ سندن سرڪار ڪونه ٺاھيندي. ھن ڀيري آءِ ايم ايف جي امريڪي ھيڊڪوارٽر مان ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ڪنھن نئين نويلي ڪنوار جيان ايئن ته سنواري سينگاري موڪليندا جنهن کي ٻڌندي ۽ ڏسندي ڪروڙين مسڪين ڏندڻجي پوندا.
مون گذريل چئن پنجن سالن ۾ اکين سان پنهنجن ڪيترن ئي دوستن کي پيٽرول ۽ قدرتي گيس جي مھانگائيءَ سبب گاڏيون کپائي موٽرسائيڪل وٺندي ڏٺو آهي. ھاڻي جيڪا بجيٽ پيش ڪندي پي ڊي ايم جي سرڪار ان کان پوءِ جيڪڏھن ھي سمورا سنگتي موٽر بائيڪ وڪڻي پراڻي زماني واري سائيڪل نه وٺن ته مون کي جيڪا به سزا ڏيڻي اٿئو سا ڏجو. ھيءَ نئين پيش ٿيندڙ بجيٽ نه رڳو ڏڪاريل انسانن کي اذيتون ڏيندي پر ماڻهن جو جمھوري نظام تان ارواح ئي کڄي ويندو. لڳي ٿو ته عالمي سامراج پنهنجي اصل سازش کي ٻيهر لاڳو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button