
بالي ووڊ جي فلم پرديس جي هيروئن ماهيما چوڌري ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ماهيما چوڌري جي بيماري بابت سينيئر اداڪار انوپم کير سندس ئي وڊيو شيئر ڪئي آهي. جڏهن تھ ماهيما چوڌري وڊيو ۾ پاڻ کي ڇاتي جي ڪينسر ٿيڻ جي آگاهي ڏيندي ٻڌي وئي آهي. انوپم کير ٻڌايو تھ ماهيما کي فلم ۾ شوٽنگ خاطر آمريڪا مان سڏايو، فلم بابت ڳالهائيندي سندس بيماري جي خبر پئي تھ ڳاليهن جو موضوع بدلجي ويو. هن چيو تھ ڪينسر جي مرض خلاف جهيڙيندڙ عورتن لا ماهيما رول ماڊل آهي. ماهيما چوڌري وڊيو ۾ چوندي نظر آئي تھ مون کي بيماري جي خبر پئي تھ ڊڄي ويس، پر ڪينسر ۾ مبتلا هڪ ٻار جي حوصلي کي ڏسي مون ۾ همٿ آئي آهي.