ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ھن ملڪ جي مسڪين ماڻهن سان آخر ھي ويل ڪڏهن ختم ٿيندو؟

دستگير ڀٽي

سنڌ ھا ڪورٽ ھڪ دفعو ٻيھر سنڌ سرڪار کي چتاءُ ڏنو آهي ته نيب جي سزا يافته ۽ ضمانت تي آزاد ڪيل آفيسرن کي سندن عھدن تان ھٽائڻ واري عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندا ته چيف سيڪريٽري سنڌ کي ايندڙ سومر ڏينهن شنوائي تي عدالت جي بي حرمتي جو نوٽيس موڪلي ڇڏينداسين.
جمعي ڏينهن انھيءَ ڪيس جي ٻڌڻي مھل سرڪاري وڪيل کان جسٽس صلاح الدين پنھور سوال پڇيو ته ڪمند جي ڪارخانن مٿان مقرر ڪيل صوبائي ڪين ڪمشنر جڏھن سزا يافته شخص ھوندو ته پوءِ ھارين ۽ آبادگارن کي سندن حق ڪيئن ملندو؟ اھڙا آفيسر آخر اوھان ڪيئن ٿا ڳولھي ڳولھي مقرر ڪريو؟ ڪٿان ھٿ ڪريو ٿا اهڙا ڪامورا؟ سرڪاري وڪيل دستور موجب ورندي ڏني ته سنڌ حڪومت عدالت وٽ 494 اھڙن آفيسرن جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ سترھن کاتن ۾ ٿيل ڪرپشن جا ڪيس ڄاڻايل آهن. انھن مان 108 آفيسرن تي رشوت خوريءَ جا ڪيس ھلندڙ آھن، 41 ڄڻن نيب سان پلي بارگين ڪري ڪيس ختم ڪرائي ڇڏيا آهن، 71 آفيسرن کي سزائون ڏنيون ويون جن جون سزائن خلاف اپيلون ھا ڪورٽ ۾ داخل آھن.
ان تي جسٽس صلاح الدين پنھور ڪاوڙ ظاهر ڪندي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کي چيو ته اسان ھي رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ نه چيو ھو. اسان جو صاف صاف حڪم ھو ته جن آفيسرن پنهنجو ڏوھه باسيو آھي ۽ چوري ڪيل پيسا موٽائي ڏنا آهن، تن کي عھدن تان ھڪدم ھٽايو، ڇاڪاڻ ته قانون مطابق ڏوھه قبول ڪندڙ ڏوھاري ھوندا آھن ۽ ڏوھارين کي سرڪاري عھدن تي ويھاريندڙ به قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچڻ گھرجن. جيڪڏهن چيف سيڪريٽري عدالت جي حڪم تي عمل ڪري، سومر تي سچي رپورٽ پيش نه ڪندو ته کيس ڪورٽ جي بي حرمتي جو نوٽيس اماڻي طلب ڪنداسين. عدالت سنڌ حڪومت جي ھن رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو.
سنڌ حڪومت جو ڪمال ڏسو ته جمعي تي جنهن مھل سنڌ ھا ڪورٽ ۾ ھن ڪيس جي ٻڌڻي جاري ھئي ته عين انهي وقت مورو ميونسپل ڪاميٽي جو ھٽايل چيف آفيسر نور محمد سمون ٻيھر ساڳئي عهدي جي چارج سنڀالي رهيو هو. موري جا ماڻهو حيران ٿي ويا ته جنهن شخص کي ڪجھه ھفتا اڳ رشوتخوري جي الزامن ثابت ٿيڻ تي ھا ڪورٽ جي سکر بينچ ھٽائي ڇڏيو هو سو ڪھڙي ريت ڌوپجي ٻيھر مورو ميونسپل ڪاميٽي جو سربراھه بڻجي ويو! ھي شخص ھڪ جونيئر ڪلارڪ مان ٿوري عرصي ۾ اھم عھدي تي ڪيئن پھتو، ان بابت مڪمل تفصيل ڇنڇر وارين اخبارن ۾ ڇپيل آهن. آئون ذاتي طرح ڪيترن ڪامورن کي ڄاڻان سڃاڻان ٿو جن نيب سان وي آر يعني معافي تلافي ڪري نه رڳو پيسا ڀري ڏنا پر حاڪمن کي به پيسا ڏيئي ساڳين ئي سڻڀن عهدن تي ويٺل آهن. منهنجي نظر ۾ ھي نه رڳو عدالت جي بي حرمتي آھي پر سنڌ جي ڪروڙين مظلوم ماڻهن سان پڻ ظالماڻو مذاق آهي. سنڌ جي حڪمرانن کي ايماندار ۽ فرض شناس سرڪاري ملازم وڻندا ئي نه آهن. تمام گهڻا سينيئر آفيسر بنا پوسٽنگ جي پنجن ستن سالن کان واندا ويٺا آهن جن اھو گناھه ڪيو ته غير قانوني ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائون. اڄ به سوين اھم عھدا خالي پيا آهن جن کي ڀرڻ لاءِ شايد اھڙن ئي آفيسرن جو انتظار آهي جيڪي نيب يا ڪنهن ٻئي اداري مان سزا کائي پنهنجو “ڪارج” ثابت ڪري چڪا آهن.
سنڌ حڪومت جي پبلڪ سروس ڪميشن جو حال اهو آهي ته ڪرپشن ۽ پنهنجن ماڻهن کي نوازڻ جا ثبوت ملڻ بعد سنڌ ھا ڪورٽ ان اداري کي ٽن مهينن واسطي ڪم ڪار بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين توڙي ميمبرن تي به حقدار اميدوارن عدالت ۾ اھڙا ئي ثبوت پيش ڪيا جن مان ثابت ٿيو ته ميرٽ جي لتاڙ ڪري ڳرين رقمن عيوض نوڪريون کپائي ڇڏيون اٿن. جيڪڏهن سرڪار پاران ھن ھڪڙي اداري جي خودمختياري برقرار رکي وڃي ھا ته ان لاءِ ضروري ھو ته اڳوڻي چيئرمين جسٽس آغا رفيق احمد جھڙو ميرٽ جو قدر دان عملدار مقرر ڪن ھا پر انھيءَ فرض شناس جج کي ٽي مهينا به برداشت نه ڪيائون. سندس جاءِ تي به ڳولھي ھٿ ڪيائون پرڏيهي وزارت جو ھڪ رٽائر ٿيل آفيسر جيڪو ھا ڪورٽ جي پابندي لڳڻ شرط ملڪ ڇڏي آمريڪا هليو ويو، جتي سندس ٻار ٻچا اڳ ۾ سيٽل ٿيل آھن. گھڻو ڪري سمورن رشوت خور آفيسرن گذريل تيرهن سالن ۾ ڪيناڊا، آمريڪا، انگلينڊ ۽ دبئي ۾ پنهنجن گھر ڀاتين کي بنگلا خريد ڪري اڳواٽ اتي سيٽل ڪري ڇڏيو آھي ۽ پاڻ ھتان مال ڪمائي کين اماڻيندا رھن ٿا. سنڌ جو اينٽي ڪرپشن کاتو پاڻ ئي ڪرپشن جي گپ ۾ گتل آھي تنھن مان نه سڄڻ کي آسرو نه دشمن کي ڀئو!
جيتري قدر نيب جو تعلق آهي ته اهو به ايف آئي اي ۽ ايف بي آر جيان وفاقي حڪومت جو ھڪ کاتو آهي جنهن کي پڻ وزير اعظم عمران خان پنهنجو تابعدار ادارو بڻائي نيب جي اڳ ۾ ئي خراب ٿيل ساک کي ڪاپاري ڌڪ ھڻي ڪڍيو آهي.
مٿي ذڪر ڪيو اٿم سنڌ ھا ڪورٽ ۾ سرڪاري وڪيل پاران پيش ڪيل رپورٽ جو، جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جي 107 سرڪاري عملدارن نيب سان پلي بارگين ڪري پنهنجا ڪيس ختم ڪرائي ڇڏيا آهن. ڇا نيب ۾ ڪي چڱا مڙس ويٺل هئا جن ماٺ ميٺ ۾ سؤدو طئي ڪري عوام جي قومي خزاني ۾ ڌاڙا هڻندڙ آفيسرن کي بخش ڪري ڇڏيو؟ ڇو نه پيو نيب جو چيئرمين عوام کي سچائيءَ کان باخبر ڪري ته ڪھڙي آفيسر ڪيتري رقم غبن ڪئي ۽ پلي بارگين (پنهنجي بخشش ڪرائڻ) تي سموري رقم واپس ڪيائين يا نيب جي فرشتن جا کيسا به گرم ڪيائين. مون کي ذاتي طرح ڄاڻ آهي ته نيب جي گھڻن ئي آفيسرن گذريل ٽن حڪومتن ۾ ڪروڙين رپيا هڙپ ڪيا ۽ قومي خزاني ۾ تمام گهٽ پيسا جمع ڪرايا ويا. ھاڻي جيڪو صدارتي آرڊيننس جاري ٿيو آهي ان سان ته نيب جو چھرو به مڪروھه ٿي چڪو آهي. چيئرمين نيب جاويد اقبال کي جيڪڏهن پنهنجي عزت ۽ وقار بچائڻ جو اونو ھجي ھا ته ڪنهن به صورت ۾ ايڏي تڪراري ايڪسٽينشن ھرگز نه وٺي ھا. تاريخ ۾ سندس ڪردار ته داغدار ٿي ويو. ھو جيڪو به قدم کڻندو، ان جي خلاف مخالف ڌر جون سموريون پارٽيون آواز اٿارينديون، جنهن ڪري چيئرمين نيب جي کجل خواري ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو ۽ ملڪ جي بدنامي به وڌندي.
بھرحال وفاقي حڪومت ھجي يا سنڌ سرڪار، ھنن ٻنھي حڪومتن عوام جي ڀلائي بدران قومي ادارن کي پنهنجن ذاتي ۽ گروھي مفادن لاءِ استعمال ڪري ماڻهن سان ايڏي ڀوائتي ويساهه گهاتي ڪئي آهي جنهن جو مثال پاڪستان جي تاريخ ۾ به نٿو لڀي. رڳو ھڪڙو مثال وٺون ٿا سنڌ ۾ ٿيل پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جي استادن جي ڀرتيءَ جو، جنھن لاءِ لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي جي ھڪ اڳواڻ جنھن ريت ڪڻا ڪڍيا آهن، تنھن ناپاس ڪيل ھزارين اميدوارن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي ڇڏيو آھي. اھا ڳالهھ ھاڻي عام ٿي وئي آهي ته پبلڪ سروس ڪميشن جيان ھي ڀرتيون به ڏوڪڙن عيوض ڪيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button