ارشاد لغاري
ملڪ ۾ موجود نااميدي، مايوسي، خوف ۽ غيريقيني جي انڌ انڌوڪار جا ڪارا پاڇا لڳاتار گھرا ٿي رهيا آهن ۽ في الحال پري پري تائين روشني جو ڪوبه ڪرڻو نظر نٿو اچي. ورهاڱي جي پهرئين ڏينهن کان هن نظام ۾ جاري ڪُوڙ ۽ ڌوڌ واري ڌاڙو ڌاڙ اندر، جڏھن جڏھن به ۽ جنهن به دور ۾ عوام دوست قيادت جو ڪو امڪان سامھون آيو، تڏهن ڪاري رات جي سڀني پوڄارين، پاڻ ۾ رلجي، گڏيل سازشن سان اهڙي قيادت کي راهن ۾ رتورت پئي ڪيو آهي ۽ هاڻ اسين هڪ اهڙي دور ۾ جي رهيا آھيون، جتي هر پاسي جهڙيون ٽي ويهون آهن، تهڙي سٺ!! ڪوبه فرق نٿو ڪري سگهجي ته ڪير چڱو ۽ بهتر آهي. جيڪي به اچن ٿا، سي پوين کان وڌيڪ بدتر ثابت ٿين ٿا ۽ ايئن هر طرف چور، ٺڳ ۽ ٽِپتائي آهن، جن هن ملڪ جي مستقبل کي اڄوڪي عالمي جُوا خاني ۾ داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي ۽ انهي ڪاري ڌنڌي ۾ عوام جي وسيلن جي اڻکُٽ لُٽ مار جو ستمگر سلسلو جاري آهي. ڪير آهي جيڪو انهي انڌ کي روڪي؟ ڪوبه ته ناهي. تازو بدعنواني جو جيڪو نئون پينڊورا باڪس سامهون آيو آهي، تنهن جي فهرست ۾ شامل نالا ڏسڻ کانپوءِ ڪير قابل اعتبار رهيو آهي هن ملڪ ۾؟ عسڪري ريٽائرڊ عملدارن کان ويندي، عوام جي نالي ۾ سياست ڪندڙ توڙي سِول بيوروڪريسي، سڀني جا هٿ اڱارن سان ڀريل آهن. ته پوءِ ڇا اهو ڪارو ڪاروبار ايئن ئي جاري رهڻو آهي؟ جواب آهي ها!! اهو ڪُڌو ڌنڌو ايئن ئي جاري رهندو اوستائين، جيستائين يا ته هي نظام پنهنجي ڪرتوتن جي طئي ٿيل نتيجن واري کاهيءَ ۾ ڪِري، پُرزا پُرزا نٿو ٿئي يا ڪنھن معجزي سان ملڪ ۾ ڪنهن اهڙي حقيقي، عوامي انقلابي قيادت جو جنم نٿو ٿئي، جيڪا خُدا جي خَلق جي سگهه سان تاريخ جو سمورو حساب چُڪتو ڪري.
ته پوءِ توهان جي نظر ۾ ڪهڙي امڪان جا وڌيڪ پاسا چِٽا ٿا ڏسجن؟ جيڪي حالتون آهن، تِن جي تناظر ۾ منهنجي خيال ۾ ته اهو پاسو وڌيڪ چِٽو ٿو نظر اچي ته هي ڦُرلُٽ جو نظام تيزيءَ سان پنهنجي ڪرتوتن جي کاهي ۾ ئي پهرين ڪرندو، ان کانپوءِ ئي رک مان ڪا چڻنگ ڀڙڪي ته ڀڙڪي. باقي حقيقي عوامي، انقلابي قيادت جا ويجهي مستقبل ۾ ڪي واضح امڪان ڪونه ٿا پَسجن. ڏِسو پاڻ وسيع سطح جي ڳالهھ ڪري رهيا آهيون، باقي محدود عوامي جدوجهد ملڪ جي مختلف ڪُنڊ پاسن ۾ بهرحال موجود آهي. ۽ ٻيو اهو به واضح رهي ته پاڻ مايوس به ناهيون، پر جيڪا سچائي آهي سا اها ئي آهي. باقي سماج ۽ سياست جي اوسر جو علم اهو ضرور سمجهائي ٿو ته فيصلائتي عوامي مزاحمت اڻٽر آهي، اها مزاحمت دير سوير لازمي اُڀرڻي آهي پر پاڻ ڳالهھ ڪري رهيا آهيون ويجهي مستقبل جي ته ان ۾ في الحال ڪو امڪان ڪونهي. اچو ته ان ڳالهھ کي واضح ڪريون ته ڪيئن ۽ ڇو؟
پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته هي عمراني ٽولو ڪيئن ملڪ مٿان زبردستي ٿاڦيو ويو، جنهن جي انتهائي ڪڙي کان ڪڙي قيمت هتان جو پورهيت طبقو ايئن ادا ڪري رهيو آهي، جو ان لاءِ هاڻ هڪ ويلي جو گُذران به انتهائي ڏُکيو ٿي پيو آهي پر ڇا توهان اسان کي ان جَبر جي خلاف ڪا اصل عوامي مزاحمت نظر اچي ٿي؟ جواب نه ۾ آهي. اهو ان ڪري جو ملڪ اندر عوام ۽ جمهوريت جي نالي تي جيڪي اقتداري پارٽيون سالن کان پنهنجي پنهنجي واري سان ملڪ جي لُٽ مار ڪنديون رهيون آهن، تن جي ڪرتوتن جا فائل سٿيا پيا آهن ۽ انهن روايتي پارٽين جي سموري سينئر قيادت مان هڪڙا ملڪ مان ڀَڳل آهن ۽ ٻيا هتي ڪاٺ ۾. انهن پارٽين جي گادين جا جيڪي به نوان گادي نشين آهن، سي رڳو پنهنجن ابن ڏاڏن کي بچائڻ واري ڊِيل ۾ ئي پُورا آهن. اهي نوان گادي نشين پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڪرتوتن تي شرمسار ٿيڻ بدران، مڪمل نِرڄائي سان، کين معصوم ۽ بيڏوهي ثابت ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ ايتري به پرواهه نٿا ڪن ته سڀاڻي، انهن کي عوام وٽ وڃڻو به آهي. پر نه اهي پرواهہ ڪونه ڪندا. ڇو ته انهن جي اک عوام جي لُٽيل وسيلن مان تيار ٿيل اهڙن محلاتن ۾ کُلي آهي، جتي کين تربيت ئي اها ڏني وئي آهي ته هن ملڪ ۾ طاقت جو سرچشمو عوام نه پر هڪ اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻي دولت آهي. توھين ملڪي اقتدار ۾ حصيدار تڏهن ئي ٿي سگهو ٿا، جڏهن هڪ ته توهين اسٽيبلشمينٽ جي هر شرط تي پُورا لهو ۽ ٻيو توهان وٽ ايتري اڻمئي دولت هجي، جو راڄن جا راڄ خريد ڪري سگهو. بس اهو ئي سچ آهي هن نظام جو ۽ عوام آهي سو ان نظام اندر غربت ۽ وبائي اگهايَن کي ڀوڳي ڀوڳي نِستو بڻجي چُڪو آهي.
عوام جي ٿڪاوٽ جو اهو عالم آهي، جو تازي بدعنواني واري ظاهر ٿيل عالمي فهرست ۾، سندن جن به اڳواڻن جا نالا آيا آهن، تن مان ڪنهن هڪ ٺوڳي جي محل اڳيان به ڪو عوامي ميڙ ان پڇاڻي لاءِ گڏ نه ٿيو آهي ته، هي جي توهان جا نالا بدعنواني جي فهرست ۾ آيا آهن، تن ۾ سچ ڪُوڙ ڪيترو آهي!؟ چڱو ڀلا هڪ لمحي لاءِ اسين اهو کڻي مڃون ٿا ته اهي سڀ اوھان تي الزام آهن، پر اهو ته ٻُڌايو ڀلا ته جڏهن کان اوهين اسان جا نمائندا بڻيا آهيو، تڏھن کان نه ته اسان کي روزگار مليو، نه اسان جا روڊ رستا ٺهيا، نه اسان جي ڳوٺن جا اسڪول ۽ اسپتالون بهتر ٿي سگهيا/سگهيون، نه اسان کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ملي سگهيو ۽ نه زمينن کي پر ان وچ ۾ هي اسان جي اکين جي سامھون اوهان جا ڪروڙين روپين جي لاڳت وارا فارم هائوس ڪيئن ٺهيا، هي توھان جون زمينون ڪٿان آيون، هي توهان جا نوان نوان ڪاروبار ڪهڙي ڪمائي مان جُڙيا!؟ نه ڪوبه پُڇڻ وارو ناهي. ۽ اسين هاڻ اڳيان وري به انهن ئي بدعنوانن جي گادي نشينن جي ھٿان ڦُرجڻ وارا آهيون. ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ وٽ وري به اهي ئي نااهل نون شرطن سان قابل قبول هوندا. اهو ان ڪري جو اسٽيبلشمينٽ انهن نااهلن ۽ بدعنوانن جي اڳ توڙي پُٺ کان واقف آهي ۽ اهڙا ئي ڪِريل ڪردار وارا جوڙيوال گهرجن هتان جي اصل ڪرتن ڌرتن کي.
باقي آهن آدرش، اصول ۽ انقلابن جا روشن خواب، سي هتان جي هارين ۽ مزدورن جي اولاد کي ئي سنڀالي اڳتي وڌڻو آهي ۽ انهن سجاين سپنن جي ساڀيان پڻ ڳولڻي آهي ۽ پاڻ کي اهي خواب هر صورت ۾ زندهه رکڻا آهن. پاڻ جيڪي لطيفي رِيت جا راهي آهيون، تِن کي پنهنجي مارو لوڪ کي جاڳائڻو آهي، هر ڏينهن ۽ هر رات محنت ڪرڻي آهي انهن سنگهرن کي ٽوڙڻ لاءِ، جيڪي سنگھر سنگھارن جي سوچ کي پارايا ويا آهن. پاڻ سڄي ملڪ جي پورهيت عوام جو عزت ڀريو جياپو چاهيون ٿا پر سڀ کان اول پاڻ مٿان پنهنجن ويڙهيچن جي ذميواري آهي. ها پنهنجو سڀاڳو ۽ سدورو سنڌ وطن، جيڪو اتهاس جي سڀ کان وڏي گهيري ۾ آهي. سنڌ جو درويش درياھه آخري پساهن ۾ آهي، سنڌ جي قومي اختيار تي قبضو آهي، سنڌ جي زمين جي هر هڪ انچ جي نيلامي جون رهزني رٿائون جاري آهن، سنڌي سمنڊ اسان جي هٿ وس ناهي مطلب ته سڀ وسيلا هوندي سوندي اسين بي وسيلا بڻايا ويا آھيون ۽ اهو سڀ ڪجھه اسان کي پنهنجي مُڙسي سان ئي موٽائڻو آهي.
باقي روايتي پارٽين جا سڀ نوان گادي نشين اڳي پوءِ رات جي گدڙن سان گڏ ويهندا. ڇو ته انهن گادي نشينن جي رڳن ۾ حلال نه پر حرام آهي. ۽ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته حلال ۽ حرام ساڳي ٿانوَ ۾ سمائجي سگهن!؟
ياد رکو!! عوامي حقن جي حقيقي سياست جو ٿانوَ حلال آهي ۽ ان ۾ حلال ئي سونهي ٿو. اهو حلال جيڪو هڪ پورهيت جي ٻار جي رڳن ۾ موجود آهي، بس انهن رڳن کي رباب بڻائڻو آهي ۽ پوءِ سڀ سڻايون ٿي پونديون.