عمر قاضي
سوشل ميڊيا اسان جي زندگيءَ جو حصو بڻجي وئي آهي. هاڻي ان حصي کي اسان مثبت رکڻ ٿا چاهيون يا منفي ٿا بڻايون؟ ان جو فيصلو اسان کي ڪرڻو آهي. ڇو ته اسان جي پاران ان جو فيصلو ٻيو ڪو نه ڪندو.
سوشل ميڊيا جي طاقت کان ڪو به انڪار ڪري نه ٿو سگهي ۽ ان حقيقت کان به انڪار ڪرڻ مشڪل آهي ته اسان وٽ سوشل ميڊيا جو گهڻي ڀاڱي غلط ۽ منفي استعمال ٿي رهيو آهي. ان انداز کي جيڪڏهن روڪيو نه ويو ته اهو سلسلو اسان جي زندگين ۾ وڏو ڀونچال برپا ڪري سگهي ٿو. ڇو ته جڏهن به اسان سوشل ميڊيا کي استعمال ڪريون ٿا ته اسان پنهنجي مخالف جي لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه ٿا ڇڏيون ته هو به اسان وانگر سوشل ميڊيا کي منفي انداز سان استعمال ڪري ۽ ان جا نتيجا ڪهڙا به نڪرن! اسان کي مجموعي طور تي محسوس ڪرڻ گهرجي ته سوشل ميڊيا گهڻو ڪري اسان جي معاشري تي منفي طرح سان اثر وجهي رهي آهي ۽ ان جا ذميوار اسان پاڻ آهيون. سوشل ميڊيا پاڻ نه منفي آهي ۽ نه مثبت پر اهو سوشل ميڊيا جي استعمال تي دارومدار رکي ٿو ته اسان هن کي ڪهڙي طرح استعمال ۾ آڻيون ٿا. اها به سچائي آهي ته سماج ۾ جيڪو ڏاڍ ۽ برائي آهي، ان کي سوشل ميڊيا جي ذريعي ظاهر ڪري، ان جي طاقت ختم ڪري سگهجي ٿي پر جيڪڏهن اسان سوشل ميڊيا کي صرف بليڪ ميل جو اوزار بڻائينداسين ته اهو هڪ تمام وڏو نقصان ٿيندو ۽ اهو ٿي به رهيو آهي.
سوشل ميڊيا جي ذريعي اسان کي معلوم به ٿيو آهي ته اسان جي آس پاس ڇا ٿي رهيو آهي پر شهرت جي شوق ۽ ٻين کي بليڪ ميل ڪرڻ جي سلسلي ۾ سوشل ميڊيا عورتن جي حق ۾ گهٽ ۽ ناحق ۾ گهڻو وئي آهي. اهو ئي سبب آهي ته هر ٻين ڪيس ۾ ڪا نه ڪا نياڻي فرياد ڪري رهي آهي ته هن جا فحش وڊيوز ڀري ڪوئي هن کي بليڪ ميل ڪندو رهيو آهي. جيڪڏهن اسان جي هٿ ۾ ڪيمرا اچي وئي آهي ۽ اسان کي مفت ۾ سوشل ميڊيا ملي ويو آهي ته ان جو مطلب اهو نه هجڻ گهرجي ته اسان انسان آزار مهم جو حصو بڻجي وڃون. سوشل ميڊيا کي پنهنجي شهرت جو ذريعو ته هر ڪوئي بڻائي رهيو آهي ۽ ڪنهن کي به خيال ناهي ته هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ان ميڊيا کي ڪيترو داخل ڪري رهيو آهي ۽ سڀاڻي ان جا نتيجا ڪهڙا نڪري سگهن ٿا؟ اسان وٽ ڪنهن کي به ان ڳالهه تي سوچڻ جي لاءِ ڪو وقت ڪونهي. اسان سڀ هڪ ڌن ۾ لڳا پيا آهيون ۽ اها ڌن اسان کي ڪهڙي طرف ڪاهي رهي آهي؟ اسان کي ڪو پتو ڪونهي پر اسان کي اهو معلوم آهي ته اسان جڏهن به سوشل ميڊيا جي حوالي سان ڪنهن ڳالهه جا پيرا کنيا آهن ته اسان کي افسوس جهڙيون حقيقتون مليون آهن.
ان سچائيءَ جو وڏي ۾ وڏو مثال هن مهل اسان جي آڏو لاهور ۾ “مينار پاڪستان” واري ڪيس جي صورت ۾ سامهون آيو آهي. مينار پاڪستان تي جيڪو واقعو ٿيو، ان جي گونج نه صرف پوري ملڪ پر ملڪ کان ٻاهر به ٻڌي وئي ۽ جنهن کي اهو معلوم ٿيو ته هڪ عورت سان قومي ڏينهن جي موقعي تي اهو ٿيو آهي ته ان کي وڏو صدمو ٿي رسيو. ان عورت جهڙي ريت پوري قوم کي ڏوهارين واري ڪٽهڙي ۾ بيهاري ڇڏيو هو، اهو هڪ تمام افسوس جوڳو عمل هو پر هاڻي جڏهن پوليس جي تفتيشي ٽيم اهو معلوم ڪيو آهي ته واقعي کي جهڙي طرح سان پيش ڪيو ويو، اهو ان ريت نه هو ته ماڻهن کي وري ٻيو صدمو پهتو آهي. هن مهل پتو پيو آهي ته مينار پاڪستان تي جيڪو ڪجهه به ٿيو، اهو پهريان کان وٺي پلاننگ ڪيل عمل هو ۽ هن مهل اها عورت به اعتراف ڪري رهي آهي ته هو ان پلاننگ جو حصو هئي. هوءَ جيڪا ميڊيا تي اچي پوري عوام جي مٿان تهمتون مڙهي رهي هئي. اها عورت اڄ چئي رهي آهي ته ان ڏوهه ۾ هن جو پراڻو دوست يا واسطي وارو شخص ريمبو هو. هو هڪ ٽڪ ٽاڪر هو ۽ هن وٽ ان عورت جو اعتراض جوڳيون وڊيوز هيون ۽ هو ان عورت کي مسلسل بليڪ ميل ڪندو رهيو ۽ ان عمل ۾ هن سان گڏ ٻيا به هئا. هن مهل ڪيترائي جوابدار گرفتار آهن ۽ پوليس باقي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. پر ان سلسلي ۾ سوال اهو آهي ته ان عورت اهو ڪجهه ڪيئن ڪيو ۽ عام ماڻهن جي احساسن سان ايتري راند ڇو ڪئي؟ هوءَ ان عمل جو حصو رهندي آئي ۽ جڏهن پوليس کي ان جي خلاف ثبوت مليا ته هوءَ گمنام ماڻهن جي خلاف نه پر پنهنجين مبينا ساٿين جي خلاف فريادڻ ٿي بيهي رهي.
مينار پاڪستان ۾ جنهن عورت سان غلط روش رکي وئي ۽ جنهن کي جنسي طور تي حراس ڪيو ويو، ان عورت جو موقف آهي ته هوءَ پاڻ ان سڄي اسڪيم ۾ انهن سان گڏ هئي ۽ انهن جو مقصد شهرت ۽ دولت ڪمائڻ هو ۽ اهو ئي سبب هو ته هن جي مبينا ساٿيءَ هن جون اعتراض جوڳيون وڊيوز ٺاهيون ۽ پوءِ انهن وڊيوز کي ان عورت جي خلاف استعمال ڪرڻ لڳو ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو ته بقول ان عورت جي اهو شخص جنهن کي عام طور تي ريمبو جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، اهو شخص هن کان ڏهه لک روپيا ڦري چڪو آهي. ان عورت جو بيان آهي ته هوءَ اڌ پگهار ريمبو کي ڏيندي هئي، ڇو ته ريمبو هن کي بليڪ ميل ڪندو هو.
اسان کي سوشل ميڊيا جي مثبت ۽ منفي پهلوئن جو پتو هجڻ کپي ۽ جڏهن به اسان ڪنهن معاملي ۾ هٿ وجهون ٿا ته اسان کي ان جي اثرن جو علم به هجڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان کي ان جو پتو ناهي ته پوءِ اها شهرت اسان کي پنهنجي گلي ۾ پوي ٿي. اسان جي نارين کي معلوم هجڻ گهرجي ته جڏهن به هو ڪنهن معاشري جي حالتن ۾ ڦاٿل آهن ته انهن کي چرپر جي ڪيتري آزادي مليل آهي ۽ ان آزاديءَ کي هو ڪهڙي ريت استعمال ڪن. هن وقت ته سوشل ميڊيا تي هر شخص ماڊل ٿيڻ جي چڪر ۾ آهي ۽ ڪنهن کي چڪر ۾ آڻي ان سان ڪهڙو چڪر ڪيو وڃي ٿو؟ ان کي نقصان پوڻ کان پوءِ پتو پوي ٿو. اسان جيڪڏهن سوشل ميڊيا جي منفي لاڙن کي ڏسون ٿا ته اسان کي معلوم ٿي وڃي ٿو ته ان ۾ ڪهڙي مصيبت آهي؟
پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ جي سماج ۾ سوشل ميڊيا شهرت جو جيڪو سستو اوزار ٿي ويو آهي، ان جي آزار کان به آگاهه رهڻ ضروري آهي. جيڪڏهن اسان کي وقت تي معلوم نه ٿيو ته سوشل ميڊيا جا ڪهڙا نقصان آهن ته پوءِ اسان جي هٿن ۾ پڇتاءَ کان سواءِ باقي ٻيو ڪجهه به نه ٿو بچي. سوشل ميڊيا جي معرفت جيڪي ماڻهو ڪوڙا ڊراما ڪري ۽ پنهنجي اصل صورت لڪائي ٻي بڻائي پيش ڪن ٿا، جڏهن انهن جو اصل چهرو بي نقاب ٿئي ٿو ته نه صرف انهن کي منهن لڪائڻ جي مهلت نه ٿي ملي پر ان عمل سبب جيڪي حقيقي مظلوم ماڻهو آهن، انهن جو اميج به خراب ٿئي ٿو ۽ اهو انتهائي برو عمل آهي، جڏهن اسان هڪ من وندرائڻ واري شيءَ کي پنهنجي لاءِ مصيبت بڻائي ڇڏيون ۽ اسان کي معلوم نه هجي ته اسان جي ان عمل جو مجموعي طور تي معاشري تي ڪهڙو منفي اثر پوي ٿو؟ سوشل ميڊيا جي سلسلي ۾ اسان سميت سڀني کي خبر آهي ته اها هڪ آسان ۽ شهرت حاصل ڪرڻ جي سولي واٽ آهي پر ان واٽ تي جيڪي ڄار وڇايل آهن ۽ جيڪي کڏون کوٽيل آهن، انهن جو ته اسان کي ڪو پتو نه ٿو پوي ۽ اسان انهن جو ان مهل شڪار ٿيون ٿا، جڏهن اسان پنهنجي مڪمل مستيءَ ۾ هجون ٿا ۽ اسان کي ڪا خبر نه ٿي پوي ته اسان پنهنجي لاءِ ڪهڙي مصيبت تيار ڪري رهيا هئاسين؟ سوشل ميڊيا ڪهڙي مقصدن لاءِ وجود ۾ آئي ۽ هاڻي ان جو استعال ڪيئن ٿي رهيو آهي؟ اهو هڪ الڳ بحث آهي ۽ اهو به ٿيڻ گهرجي پر هن مهل اسان کي ان ڳالهه تائين محدود هجڻ گهرجي ته اسان سوشل ميڊيا جو منفي استعمال نه ڪيون.