شوبز

يمنيٰ زيدي، مشڪ ڪليم، دانش تيمور مک لڪس ايوارڊ کٽي ورتا

پاڪستاني اداڪارائن ۽ اداڪارن مان يمنيٰ زيدي، مشڪ ڪليم، دانش تيمور، بلال عباس ۽ راحت فتح سميت ڪيترن ئي فنڪارن مک لڪس ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتا آهن. ميڊيا مطابق ڊرامي پيار ڪي صدقي ٻن کان وڌيڪ ايوارڊ کنيا آهن، ديوانگي، الف ۽ عهد وفا بھ اهم ايوارڊ حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. جڏهن تھ بلال عباس بهترين اداڪار، يمنيٰ زيدي بهترين اداڪارا، دانش تيمور ٽي وي ادڪارا جا ايوارڊ ماڻيا آهن. اهڙي ريت راحت فتح علي بهترين گاني تي ايوارڊ کنيو، ماڊلز، فيشن برانڊز ۽ ٻين ڪيٽيگرين ۾ بھ ايوارڊ مليا آهن. ڊراما ليکڪا مومنھ دريد، عميمھ احمد عهد وفا ۽ الف ڊرامن تي ايوارڊ کنيا. ايمرجنگ ڪيٽيگري ۾ سارا ذوالفقار بھ ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو. جڏهن تھ ماهرا خان، ريشم، مهوش حيات، ميرا، عائمھ بيگ، عائشھ عمر، نتاشا بيگ فاروق رند، عزير جيسوال ۽ ٻين اسٽيج تي پرفارم ڪيو آهي، جن کي ساراهيو ويو آهي. اسٽيج تي ريشم ۽ مشڪ ڪليم جي لباس کي پسند ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button