سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ سنڌي فڪر جي اوسر ۾ اھم ڪردار نباھيو آھي. انھي شاعريءَ ۾ اوريل خيال، سنڌي عام راءِ کي متاثر ڪندو رھيو آھي. سنڌي ڪلاسيڪي ورثي جو بنياد وري ڏاھپ سان ڀرپور لوڪ ڪلاسيڪي ورثو آھي، جنھن جا قصا ڪھاڻيون، اھڃاڻ ۽ نالا صدين کان پيڙھين جو آڌار رھيا آھن جن کي ڳائي، جن تي ڳالھائي، سنڌي سماج پنھنجي اوسر جي واٽ لھندو رھيو آھي ۽ اڄ تائين سڀ کان وڏو ترغيبي ڪم انھي لوڪ ڪلاسيڪي، ڪلاسيڪي ۽ نئين ڪلاسيڪي شاعراڻي ورثي وسيلي ٿيندو رھي ٿو، ڇاڪاڻ تھ خيال جي ھن خزاني ۾ ھر نئين خيال کي سمائڻ جي اُتم سگهھ موجود آھي. سنڌي ڪلاسيڪي ورثي جي شاعرن ۾ غلام محمد جنجھيءَ جو نالو اھم شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ تھ سندس شاعري ٻھڳڻ ٻوليءَ ۾ نيارا ۽ نرالا عنوان بيان ڪندي، خيال جا واھڙ واھيندي، سنڌي سماج جي صوفياڻي سلسلي ۽ ويدانتي وارتا جو خيال اوري ٿي. غلام محمد جنجھي، جنم تھ ٿر جي ڏورانھين ۽ وڏي ڳوٺ وڪڙيئي ۾، محمد عثمان جنجھيءَ جي گھر ۾ ورتو پر پنھنجي علم جي اُڃ اجھائڻ لاءِ نھ رڳو رسمي تعليم حاصل ڪئي پر سڄي ننڍي کنڊ جو سفر ڪيو ۽ مختلف علمن بابت ڇپيل ڪتاب خريد ڪري مطالعو ڪيا پر عثمانيھ يونيورسٽي حيدرآباد دکن جھڙن ادارن ۾ مسلسل ٿيندڙ ليڪچر بھ ٻُڌڻ ويندو ھو. ھن پنھنجي انھي اڀياس مان جيڪي حاصل ڪيو اھو پنھنجي عملي سماجي ڪم، شاعري ۽ نثر وسيلي اظھاريو. سندس شاعري انتھائي پختي ۽ مڻيادار خيالن سان ڀرپور آھي. ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايت جي پيروي ڪندي، ھن پنھنجي شاعريءَ کي سُرن ۾ بيان ڪيو آھي، جنھن پويان سندس موسيقي شناسي بھ ڪارفرما نظر اچي ٿي. سُر آسا ۾ ھو وحدانيت جي ڳالھه ڳائي ٿو، ھيڪڙائي حق جو پنٿ پچاري ٿو ۽ ٻيائي کي ٻن ڏيئي اللھ ۾ آس رکڻ جي صلاح ڏئي ٿو
رکو آس الله ۾، ٻيون ڏيئيٻن،
پري پراين کان، مَٺِي نه رکو من،
اي عادت جن، پرور سي پنهنجا ڪيا.
ڌڻي سائين ۾ پنھنجي آس اُميد رکي، اڳتي وڌڻ ۽ ٻيائي کي ٻن ڏيڻ ئي تصوف توڙي ويدانت جي پنٿن جي اھم تعليم رھي آھي. وحد تان اُپجيڪ ڪثرت ۽ ڪثرت جو موٽي وحدت ۾ سمائجڻ جيڪڏھن سولو سمجهھ ۾ اچي وڃي تھ ٻيڙا پار آھن. ڪائنات جي ھر شيءِ آسان ٿي پوي ٿي. سمجھه جو دائرو ڪائنات جي بيحد جي ڀُونءِ مان ٿيندو لاحد جي لوءِ ڏانھن ڪرھا ڪاھي ٿو. دنيا جي سموري ڌن مال ۽ وسيلن کي فطرت جي وٿ سمجھندي، ان ۾ مالڪيءَ وارو من اڙائڻ کان پاسو ڪرڻ کي ترجيح ڏيندي، انسان فڪري آزاديءَ ڏانھن وڌي ٿو. ھر شيءِ کيس پرائي لڳي ٿي. ھو پراين کان پري ٿي پوي ٿو. ايئن زندگيءَ ۾ ھڪڙو جٽادار سُک اسوءَ جا اوھيرا ٿي وسي ٿو. اھڙي وحدت پسند شخص جو من مديءَ ۽ مداين کان ڪوھين ڏور ٿي وڃي ٿو. شاهه ڪريم چواڻي، “چڱا ڪن چڱايون، مٺايون مٺن” جي وڙ سان انسان سُڃاتو وڃي ٿو ڇاڪاڻ جو ھو نھ پنھنجي فطرت ۾ پنھنجي عمل سان سُڃاپندڙ آھي. اھو عمل چونڊ جو عمل آھي. پنھنجي عقل يعني فطرتي علم وسيلي ھو “چڱي” يا “مٺي” جي چونڊ ڪري ٿو ۽ ان پٽاندر سندس ڪرت جاري رھي ٿي. اھڙي گڻ وارا انسان ڌڻي تعالى اڳيان بھ وڻندڙن جي ذمري ۾ اچن ٿا. پروردگار انھن کي ئي پنھنجا ڪري ٿو جن ھنيون ھڪ رکيو آھي؛
پرور سي پنھنجا ڪيا، جن ھنيون رکيو ھڪ،
وحدت پيتئون وِکُ، آس نه لاٿئون الله مان.
ھنيون ھڪ رکندڙن، ڪيئي سختيون سھي، پنھنجي جان ۽ پنھنجو ست پچايو آھي. کين وحدت جي وِکَ امر ڪري ڇڏيو آھي، جو انھن قاتل ڪمائي ڪري، وهه ماکي بنائي ڇڏيو آھي. اھڙن شخصن وٽ وھڻ ۽ پيار جون پياليون پيئڻ جي صلاح ڀٽائي سائين پڻ ڏني آھي. وحدت جو وک پيئندڙن ھرحال ۾ پنھنجي ويساھ کي لڏڻ نھ ڏنو آھي، ڇاڪاڻ جو سندن آس اللھ ۾ آھي. زندگيءَ جي سمورن لاھن چاڙھن ۾ سندن ايمان سلامت رھيو آھي ڇاڪاڻ تھ انھي ويساهه جي پٺڀرائي ۾ سندن عشق آھي. سمورو انساني ڪاروھنوار انسان جي بنيادي ويساهه مان نروار ٿئي ٿو. بنيادي ويساهه مان مراد ماڻھوءَ جي اندر ۾ ھر شيءِ بابت من جي مڃتا جو دائرو آھي. اھڙي ويساھي دائري مان ئي انساني فڪري سگھه اُپجي ٿي. ماڻھوءَ جو شين يعني وسيلن جي سحر مان نھ نڪرڻ جو سبب بھ سندس ويساهه جي سانچي جي بيھڪ آھي. ماڻھوءَ کي وسيلن جي گھرج ضرورت جي حد تائين آھي، ان کان وڌيڪ ھو انھي ھٻڇ ۾ اچي پنھنجي لاءِ توڙي ٻي مخلوق ۽ فطرت لاءِ ھاڃيڪار ٿي پيو آھي. وحدت جي وائي، ان ڌٻڻ مان ماڻھوءَ کي آجو ڪرائي سگھي ٿي. غلام محمد جنجھي، پنھنجي ھڪ بيت ۾ ھي خيال اظھاري ٿو؛
آس نه لاٿئون الله مان، طلبون تن تڳيون،
تن منجھاريون تن جون، تھدل توڙ پُڳيون،
لائق تن لڳيون، غرضون غلام محمد چوي.
جن اللھ ۾ آس رکي تن جي گھرج آسانيءَ سان پوري ٿي آھي نھ تھ ماڻھوءَ جي اونڌي کوپڙي ڀرجڻ جي ناھي. سندس ھٻچ جو ڪانٽو ڦُرلٽ کان بھ اڳتي وڌي، تاراج ڪرڻ ڏانھن چُرڻ لڳي ٿو. غلام محمد جنجھي جي خيال مطابق جيڪي، وحدت جي واديءَ جا پانڌي آھن تن جو گھرجون مالڪ پاڻ پوريون ڪري ٿو. اھي حال کي حاصل ڪري وٺن ٿا ۽ قيل ۽ قال جي دنيا مان گذري، ماٺ جو ملڪ آباد ڪن ٿا جتي لطيف گفتگو بنا لفظن جي ٿئي ٿي. مالڪ سندن من جون مرادون ڄاڻي ٿو. سندن آسا کي ھو پاڻھي پورو ڪري ٿو. اھڙي ڳالهھ کي چٽي ڪندي شاعر چوي ٿو؛
غرضون غلام محمد چوي، پوريون ڪري پاڻ،
ڄاڻي سڀڪا ڄاڻ، قادر پنھنجي قدرت سان.
قادر پنھنجي قدرت سان انھن جي ماٺ کي مان ڏئي ٿو، جيڪي سندس وحدانيت ۾ ويساهه رکن ٿا. ان جي اُبتڙ جيڪي وھمن جي وھلور ۾ غرقور آھن تن جي ڏکيائين جو احوال اھنج ڀريو آھي. اھڙن ماڻھن جو فھم ڦٽل آھي تنھنڪري، پنھنجي فڪري سفر ۾ اھي ويتر ڏکيائيون ڏسن ٿا. فڪري مونجھارا انفرادي توڙي اجتماعي زندگيءَ تي اثر انداز ٿين ٿا. انسان جو عمل ارادي مان نڪتو آھي. ارادو عمل جو ٻج آھي. عمل جو سمورو فصل ارادي جي انھي ٻج مان اُڀڙي ٿو. اڳتي ھلي پنھنجي ماحول جي اثرن مان گذرندي، اھو جنھن لقاءَ کي ظاھر ڪري ٿو، ان لقاءُ مان، لقاءُ جي نوعيت ۽ ڏسندڙن ، ٻُڌندڙن ۽ ڄاڻندڙن جي سمجھه مطابق خيال جي نين لھرن کي مھميز ملي ٿي. خيال ۽ عمل جو اھو سبب ۽ اثر وارو سلسلو ڪڙيءَ ۾ ڪڙي ھلندو رھي ٿو.
قادر پنھنجي قدرت سان، ڪوڙين ڪري ڪرم،
پر توڙ نه رسن تن جا ويجھا جن وھم،
ڦٽل جن فھم، ڏڏن ڏکيائيون تن کي،
اھڙي طرح غلام محمد جنجھي سُر آسا ۾ وحدانيت، ويساهه، اُميد، چڱن جي چڱائي ۽ کرن جي کوٽي ريت، حقانيت جھڙن موضوعن ۽ ٻين لاڳاپيل نڪتن کي منظوم ڪندي، معنى جا موتي آڇي ٿو. سندس ٻولي جو اڀياس بھ دلچسپيءَ کان خالي نھ ھوندو جو ھو ٻن ڏيڻ، وک پيئڻ، طلبون تڳڻ، توڙپڄڻ، ڏڏ، پر ۾ پچڻ، بدن ۾ ڀانيو رکڻ، نانگو ٿي نچڻ، مٽي مشڪ سمجھڻ، عادت عرف ھجڻ، نفاقن جو نوڙ ھجڻ، ميرائي ۽ مر ھجڻ، لُچائي ڏانھن لوڙ ھجڻ، ھاويءَ ۾ ھڻڻ، برڇڪڻ، نيڙو ھجڻ، وير وجھڻ، توڻ ملڻ، آس ڌرڻ، پُرٿيڻ، ٻنڌين ۾ کُپڻ جھڙا لفظ ۽ اصطلاح ڪم آڻيندي پنھنجي ڳالھھ اوري آھي. سندس شاعريءَ جا ڪتاب، ويجھا ٿيال وصال کي ۽ سامين سفر کٽيو اھڙن بيتن سان ڀرپور آھن. اھڙن ٻھڳڻ ٻولن جي شاعر غلام محمد جنجھي 16 جون 2010ع تي لاڏاڻو ڪيو. سندس علمي ادبي ورثو اڀياسي، نروار ڪرڻ جي لائق آھي. سندس شخصيت جي گھڻ رخن پاسن بابت اُپٽار ڪرڻ جي بھ ضرورت آھي.