ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ ٺهندڙ کاٻي ڌر جو اتحاد

Editorial-Article-Rashid laghari

پاڪستان ۾ هن وقت سياسي حالتون هونئن به سٺيون نه رهيون آهن، وڏين مشهور پارٽين جي پاڻ ۾ ٿيندڙ رساڪشي هر روز اخبارن جي شهه سرخين ۾ ڇپجي عوام جي اڳيان نروار پئي ٿيندي آهي. اخبارن سان گڏ سوشل ميڊيا جون سائٽيس به ڪروڙين ۽ لکين جي تعداد ۾ سياسي تنقيد سان ڀريون پيون هونديون آهن. جڏهن ته عوام جي حقن ۽ عوامي جدوجهد جي جهلڪ سامهون ايندي آهي ته پو اهي ساڄي ڌر جون پارٽيون هڪ گڏيل اتحاد جي صورت ۾ سامهون اچي وينديون آهن. اهو اتحاد پاڪستان جي تاريخ ۾ حڪومتن جي تبديلين سان بار بار ڏٺو ويو آهي. پاڪستان ۽ سنڌ ۾ اليڪشن يا وري پاڻي يا ٻئي مسئلي تي قوم پرست پارٽين ۽ تنظيمن جا اتحاد پڻ جڙندا رهيا آهن، پي ڊي ايم اتحاد به ان جي هڪ شڪل آيو. اليڪشن ۾ سوڀارو ٿيڻ لا جي ڊي اي جو اتحاد به موجود آهي. قوم پرستن جي اتحاد جي حوالي سان هن وقت سنڌ ايڪشن ڪميٽي به جڙيل آهي. پروگريسيو ڪميٽي جي نالي سان ڪميونسٽ پارٽي، عوامي ورڪرز پارٽي ۽ جسم عبدالخالق جوڻيجو گروپ جو اتحاد پڻ جوڙيل آهي.
2008ع ڌاري حيدرآباد ۾ ليفٽ يونٽي پڻ ٺهي هئي. جنهن کاهوڙي ڪامريڊن جي اعزاز ۾ تقريبون ڪوٺائي ۽ مزدورن جي عالمي ڏينهن تي وڏيون ريليون ڪڍي کاٻي ڌر جي پارٽين کي ڄڻ ته آڪسيجن فراهم پئي ڪئي. هن ليفٽ يونٽي اتحاد ۾ شامل پارٽين وري پنهنجي پارٽين جي پليٽ فارم تان سرگرميون ڪندي اتحاد کي ٽوڙي ڇڏيو هو. جنهن کانپو به مختلف تنظيمن طرفان لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ اتحاد جوڙيا ويا هئا. هن وقت کاٻي ڌر ۽ روشن خيال سياسي پارٽين جي اڳواڻن طرفان سنڌ سطح جو ليفٽ الائنس جوڙيو ويو آهي. جنهن ۾ سنڌ ۾ کاٻي ڌُر جي تنظيمن جي هڪ نئين اتحاد جي سلسلي ۾ 9 پارٽيون شامل ٿيون آهن. سنڌ ليفٽ الائنس ۾ وطن دوست جمهوري پارٽي، پورھيت مزاحمت تحريڪ، طبقاتي جدوجهد، عوامي ورڪرز پارٽي، عوامي جمهوري پارٽي، سنڌ ھاري ڪميٽي، قومي محاذِ آزادي، پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀُٽو) ۽ نيشنل پارٽي شامل آهن. ان سلسلي ۾ الائسن جي پليٽ فارم تان ڪامريڊ ضيا ڀٽي، مسرور شاهه، لال شاهه، ايسرداس، تاج مري، گلشير شر ۽ ٻين حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي.
پريس ڪانفرنس جو متن:
اسان توهان جي مدد سان سنڌ جي پورهيت عوام سان اهڙي وقت ۾ مخاطب ٿي رهيا آهيون، جڏهن سرمائيدارن، جاگيردارن، عسڪري توڙي سول ڪامورا شاهيءَ جي نمائندگي ڪندڙ حڪمرانن جي سرمائي دوست ۽ پورهيت دشمن پاليسين عوام کي نپوڙي ڇڏيو آهي. هڪ طرف روس ۽ يوڪرين جي جنگ سبب سڄي دنيا جا غريب ملڪ مهانگائي، بيروزگاري ۽ معيشيت جي تباهيءَ جو شڪار ٿي رهيا آهن ته ٻي طرف پاڪستان ۾ ساڄي ڌُر جي هڪ صورت ساڄي ڌر جي ٻي صورت سان چور پوليس راند کيڏڻ ۾ مصروف آهي. جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ سان سازباز، آءِ ايم ايف ۽ سامراجي مُلڪن جي ڪمداريءَ ۾ سموري ساڄي ڌُر هڪ آهي. حڪومت ۾ پي ٽي آءِ هجي يا (ن) ليگ پر ان سموري ٺڳيءَ جي ٺاهه جي قيمت عام ماڻهوءَ کان ورتي پئي وڃي. جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائيءَ جي منهن ۾ آهي. اُجرتن ۾ ڪو اضافو نه ٿي رهيو آهي. نه ڪا زرعي پاليسي آهي، نه ڪا صنعتي پاليسي، ملڪ جو 65 سيڪڙو نوجوان بي چيني ۾ ورتل آهي. عوام جي ان بي چينيءَ کي وري ساڄي ڌُر جي رياست ويتر فرقيواراڻي ۽ نسل پرستاڻي انتهاپسند سياست ۾ اظهارڻ لاءِ ڏينهن رات مصروف آهي. سموري ساڄي ڌُر ڪڏهن مذهب جي نالي ۾ ته ڪڏهن پاڪستاني قومپرستيءَ جي نالي ۾ هن ملڪ جي گهڻ قومي بيهڪ کان انڪاري رهي آهي، نتيجي طور قومي جبر ۽ قومي وسيلن جي ڦُرلٽ جي بازار به گرم آهي. بلوچستان مٿان هڪ جنگ مڙهيل آهي ۽ سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جي جبري اغوائن ۽ گمشدگين جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. پيپلز پارٽي هڪ پاسي سرمائيدارن جي ساٿ ۾ جاگيردارن کي جمهوريت جو ويس پارائي عام توڙي لوڪل باڊيز جي چونڊن ۾ عوام مٿان مڙهيون ويٺي آهي. پدر شاهاڻي روايتن ۽ قانونن ۾ ديس جون ڪروڙين بينظيرون چوکنڀيون ٻڌل آهن. عالمي ماحولياتي تبديلين جو سڀ کان گهڻو شڪار چئن ملڪن منجهان پاڪستان به هڪ آهي، جنهن ۾ سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي، سنڌو درياهه مري رهيو آهي ۽ قدرتي ڍنڍون ڍونڍ ٿي ويون آهن. نام نهاد وفاق 74 سالن کان سنڌ جي پاڻيءَ تي ڊيمن ۽ لنڪ ڪينالن ذريعي ڌاڙو هڻي رهيا آهن، نتيجي ۾ سنڌ جا ڳوٺ ۽ شهر پيئن جي پاڻي جي سخت کوٽ جا شڪار آهن.
هي اهي حالتون آهن جن سنڌ جي کاٻي ڌُر جي مختلف پارٽين توڙي تنظيمن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته اسان (کاٻي ڌُر) لاءِ اڄ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، جڏهن ڇهه جمهوري نقطن تي سنڌ جي 9 پارٽين توڙي تنظيمن گڏجي هڪ ڊگهي جدوجهد جي حامي ڀري آهي. اتحاد جي تنظيمي ۽ نظرياتي بنيادن تي اتفاق قائم ڪرڻ لاءِ ٻه گڏيل گڏجاڻيون ٿي چُڪيون آهن. اتحاد جي ڪنوينرشپ هر چئن مهينن کانپوءِ جمهوري طور تبديل ٿيندي. اتحاد جو مقصد انسان هٿان انسان جي استحصال جي مِڙني صورتن جي خاتمي (سوشلزم) جي مقصد کي سامهون رکندي عوامي جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي، جڏهن ته جن ڇهن نقطن چوڌاري قوم جي پورهيت عوام کي منظم ڪرڻ جو طئي ٿيو آهي سي ترتيبوار هن ريت آهن: سيڪيولرازم، ماحول دوستي، پاڪستان کي گهڻ قومي رياست سمجهندي، قومي حقِ خوداراديت، سامراج/پاپولزم/فاشزم مخالفت، جاگيرداري مخالفت پدرشاهي مخالفت. اسان جو يقين آهي ته سنڌ ليفٽ الائنس سنڌ جي هارين، مزدورن، شاگردن، عورتن ۽ وچولي طبقي جي سُڄاڻ حلقن کي منظم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. ان سلسلي ۾ 20 آگسٽ تي مهانگائي مخالف عام احتجاجي جلسو حيدرآباد ۾ ڪيو ويندو.
هن پريس ڪانفرنس دوران صحافين طرفان سوال پڇڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. جنهن ۾ وڌيڪ سوال اهي هئا ته اتحاد جوڙڻ جو مقصد ڪهڙو آهي. اتحاد ۾ جيڪي 9 پارٽيون شامل آهن. انهن جي افرادي قوت ڪيتري آهي. هي ليفٽ جو الائنس اليڪشن ۾ حصو وٺندو يا نه وٺندو. هن الائنس ۾ شامل ماڻهو ۽ اڳواڻ پ پ کي ووٽ ڇو ڏيندا آهن. جنهن جي جواب لاءِ 9 پارٽين جا اڳواڻ ڌار ڌار جواب ڏئي رهيا هئا. پريس ڪانفرسن جي پڄاڻي کانپو سماجي سائيٽس جي هڪ بحث شروع ٿي ويو. پراڻن کاٻي ڌر جي دوستن به پنهنجو حصو وجهندي بحث ۾ حصو پئي ورتو. جيتوڻيڪ هن وقت پاڪستان ۾ هڪ بحران جي ٽرڻ سان ٻيو بحران پيدا ٿي رهيو آهي. حڪومت ۽ ان جو سنڀال جو طريقو حڪمرانن جي وس ۾ نه رهيو آهي.
مهانگائي جو طوفان عوام کي مسلسل تباهي ۽ بک ڏانهن گهلي رهيو آهي. سنڌ ۾ ايترا طبي موت نه ٿيا آهن، جيترا ماڻهو آپگهات ڪري پاڻ کي ماري رهيا آهن. ان موت جو ماتم ختم ٿيڻ يا ڪنهن ڪاوڙ ۾ تبديل نه ٿي سگهيو آهي. اها ڪاوڙ ٻاهر ڪڍڻ وقت به ڪنهن وڏي عوام لا ڀرجهلو بڻيل پارٽي نه هوندي ته عوام جي حصي ۾ وري انارڪي ايندي. ان انارڪيءَ کي روڪڻ لا رياستي مشنيري وٽ کڻي پنهنجي طاقت ۽ افرادي قوت موجود هجي پر عوام پنهنجي لا هڪ رياست جهڙي پارٽي نه هجڻ جي ڪري هڪ وڏي نقصان کي برداشت ڪندو. اسان تاريخ ۾ پڙهيو آهي ته اهڙي نقصان جي سزا وري عوام نسل در نسل ڀوڳيندو رهي ٿو. هاڻ عوام جي تحريڪ لا عوام وٽ هڪ ئي پليٽ فارم تان وڃڻو پوندو، هاڻ به سياسي پارٽيون عوام ۽ ڪارڪنن لا اسٽيج تيار ڪري وڏا جلسا ڪنديون رهيون آهن، اڳ ۾ کڻي اها اسٽيج عارضي ٺاهي ويندا هئا پر سائين جي ايم سيد جي مزار تي ورسي ۽ سالگرهه جي تقريب ۾ وڃڻ دوران ايس يو پي جو اسٽيج هاڻ پڪو سيمينٽ جو ٺهي چڪو آهي، جنگشاهي ۾ رسول بخش پليجو جي ورسي تقريب ۾ وڃڻ دوران ڏٺوسين ته جلسي لا ٺاهيل اسٽيج پڪو ٺهي چڪو آهي. ڳڙهي خدا بخش ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي مزار ڀرسان به جلسي لا اسٽيج پڪو ٺهي چڪو آهي. اهي اسٽيج هاڻ مستقل ٿي چڪا آهن. عوام کي اتي ئي اچڻو آهي. پر ان کان اڳ عوام وٽ پهچڻ ۽ وڃڻ به ضروري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button