ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگائيءَ ۾ مسلسل واڌ

Editorial

وفاقي حڪومت پاران مسلسل مهانگائي عوام لا جيئڻ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي. مسلسل تيل ۽ ڊيزل جي اگھن ۾ واڌ ڪري عوام کان جيئڻ جو حق کسيو ويو آھي، تيل جون قيمتون وڌڻ سبب روزمرہ جي استعمال جون شيون آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳيون آھن، غريب پورھيت اٽي جو ڪلو وٺڻ لاءِ به سخت پريشان آھي، وفاقي سرڪار تيل، بجلي، گيس ۽ دوائن جا اگھه بار بار مھانگا ڪري رهي آهي. مهانگائي ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ جي ڪري غريب ماڻهو لا زندگي گذارڻ وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي. حڪمرانن جي عوام مخالف پاليسين جي ڪري ڏينهون ڏينهن عام واهپي واريون شيون مهانگيون ٿي رهيون آهن. تازو ئي ڳڻپ واري اداري جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ هفتي اندر 36 شين جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هڪ هفتي ۾ ڊيزل 28 ڏهائي 91 سيڪڙو، پيٽرول 11 ڏهائي 43 ۽ بجلي 6 ڏهائي 63 سيڪڙو مهانگي ٿي. چڪن 12 ڏهائي 10 سيڪڙو، پٽاٽا، 6 ڏهائي 89 سيڪڙو، پڪل دال 5 ڏهائي 90 سيڪڙو، چڻن جي دال 5 ڏهائي 59 سيڪڙو، وڏو گوشت 5 ڏهائي 19 سيڪڙو مهانگو ٿيو. هڪ هفتي ۾ بصر 5 ڏهائي 20 سيڪڙو، اٽو 2 ڏهائي 19 ۽ ايل پي جي 1 ڏهائي 32 سيڪڙو سستو ٿي. هڪ سال ۾ بصر 135 سيڪڙو، ڊيزل 132، ٽماٽر 119 سيڪڙو مهانگا ٿيا. هوڏانهن حيدرآباد ۾ ڊيري مالڪن کير جي قيمتن ۾ 40 روپين جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڊي سي حيدرآباد طرفان ڊيري مالڪن کي پابند بڻايو ويو هو ته کير جو في اگهه 120 روپيا مقرر ڪيو وڃي. ان باوجود ڊيري مالڪ 140 روپيا في ڪلو جي حساب سان کير وڪرو ڪري رهيا هئا. جمعي تي وري 160 روپيا في ڪلو اگهه مقرر ڪيو ويو آهي.
وڌندڙ مهانگائي خلاف هاڻي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ٽنڊو محمد خان ۾ شهرين، سماجي سياسي، سول سوسائٽي جي تنظيمن جو گڏيل احتجاجي ڌرڻو هنيو، اسٽيشن روڊ کان احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهري ڪرڻ دوران شهرين اڳواڻن چيو ته تيل جي اگهن ۾ ڪيل مسلسل واڌ کانپوءِ مهانگائي غريب مسڪين عوام جو ساھه سڪائي ڇڏيو آهي، پورهيت هاري مزدور طبقو ماني جي ڳڀي لاءِ پريشان ٿي ويو آهي. ميرپوربٺورو ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مورو ۾ وڪيلن، رڪشا يونين ۽ يوٿ پاور مورو طرفان الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. شاهپور چاڪر ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ورڪشاپ ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٿرڙي محبت ۾ پريس ڪلب اڳيان هڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت تيل جون قيمتن ۾ هر روز واڌ ڪري مهانگائي ڪري مزدور پورهيتن کي فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو آهي. نوابشاهه ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. دادو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو. مظاهرين دانهيو ته “ملڪ ۾ وڌندڙ رڪارڊ مهانگائي سبب ماڻهو هاڻي ٻن ويلن جي ماني به نٿو کائي سگهي، ملڪ ۾ پيٽرول، ڊيزل، بجلي، گئس سميت کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ اچڻ کانپوءِ غريب طبقي جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، هاڻي مزدور، پورهيت ۽ هاري طبقو پنهنجي اولاد کي تعليم به نه ڏياري سگهندو، 20 ڏينهن ۾ حڪومت رڪارڊ مهانگائي ڪري غريب عوام مٿان بم ڪيرايو آهي، جنهن سبب ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، حڪومت کي گهرجي ته کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن تي ضابطو آڻي ته جيئن ملڪ جو عوام ٻن ويلن جي ماني کائي سگهي.”
اسان سمجهون ٿا ته حڪمران اڳوڻن حڪمرانن جي واٽ تي نه هلن، ۽ عام ماڻهن کي رليف فراهم ڪن. حڪمرانن جي معاشي پالسين جي ڪري عوام ۾ ڪروڌ وڌي رهيو آهي، جنهن جو اظهار ڄاڻايل احتجاجن مان به ٿئي ٿو. تنهنڪري اسان جو حڪمرانن کان مطالبو آهي ته تيل اگهن ۾ ڪيل واڌ فوري طور واپس وٺي، مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button