پاڪستان

عمران خان جي قتل جي سپاري ڏني وئي آهي: فياض چوهاڻ

لاهور: تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فياض الحسن چوهاڻ دعويٰ ڪئي آهي ته افغانستان ۾ موجود ڪوچي نالي دهشتگرد کي عمران خان کي قتل ڪرڻ جي سپاري ڏني وئي آهي. عمران خان جي ميڊيا ايڊوائزر فياض الحسن چوهاڻ جو ٽوئيٽ ۾ چوڻ هو ته “اطلاع آهي ته ڪجهه ماڻهن افغانستان ۾ موجود ڪوچي نالي دهشتگرد کي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي قتل ڪرڻ جي سپاري ڏني آهي.” ان کان اڳ اڳوڻا وفاقي وزير اسد عمر ۽ فواد چوڌري هڪ پريس ڪانفرنس دوران چيو هو ته خط ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن عمران خان وزيراعظم رهيو ته “خوفناڪ نتيجا” سامهون ايندا. جڏهن ته اپريل جي شروع ۾ فواد چوڌري چيو هو ته سيڪيورٽي ايجنسين کي عمران خان جي قتل جي سازش جو اطلاع مليو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button