ڪنهن لکيو آهي ته “The best way to predict the future is to create it.”مستقبل جي تعين ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اوهان مستقبل کي تخليق ڪريو”. اهو مستقبل ٻن پڙن ۾ هوندو آهي هڪڙو مستقبل اوهان جي حق ۾ هوندو ٻيو مستقبل جيڪي اوهان جي طبقاتي يا مالي مفادن جي تضاد وارو هوندو آهي، جيڪو حاڪمن جي هٿ ۾ هوندو آهي، حاڪم جيڪي اهي اوهان جي مخالفت ۾ هوندا اهي مستقبل ڪريئيٽ ڪندا. هاڻي مزاحمت جي حوالي سان جيڪي ورلڊ سسٽم يا ورلڊ سسٽم ٿيوري وارا آهن، اهي ٻن متضادن کان هٽي ڪري آهن جهڙوڪ رڳو حڪمران ڇا ٿا ڪن پوءِ ريئيڪشن يا ردعمل ۾ اچي مهانگائي خلاف رڪشائن کي باهه ڏيڻ ٻٽي متضاد جو غير اهم پاسو آهي پر مزاحمت جو اهم پاسو اهو آهي ته جيڪو ٿيو نه آهي پر ٿيڻ وارو آهي، اهو توهان تخليق ڪيو ۽ ان جي مزاحمت جو رستو ٺاهيو. مثال طور هن وقت پيٽرول جون قيمتون وڃي ذري گهٽ اڍائي سو رپين تائين پهتيون اهو ڪو غير معمولي عمل ناهي پر حڪمران طبقي طرفان اها مشق تخليق ڪيل آهي، ان جي پٺيان جيڪي عمل ڪارفرما رهيا آهن انهن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي.
حڪمران طبقي پاران سماج کي مفلوج رکڻ لاءِ مزاحمت جي جيڪا رستا روڪ ڪئي آهي، اها گهڻ طرفي آهي، جهڙوڪ مذهبي تنگ نظري ذريعي اظهار جي آزاديءَ کي دٻائڻ، ماڻهن لاءِ سائنسي علم ۽ سماجي ڊسڪورس جي رستا روڪ ڪرڻ، مزاحمتي تنظيمن کي معاشي ۽ قانوني طرح ڪچلڻ، بيروزگاري ذريعي نوجوانن کي اهو باور ڪرائڻ ته حڪمران پارٽي کانسواءِ سندن ووٽن ۾ بيهڻ ۽ کٽڻ ناممڪن آهي نه صرف ناممڪن آهي پر سندن ڪريئر ئي بي فائدي آهي. تعليم جي معيار کي انهي حد تائين ڪيرائڻ جو تعليم حاصل ڪرڻ معنيٰ نوڪري وٺڻ يا پيٽ پالڻ، سماج ۾ اهڙو ٻج پوکڻ جو ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جا معيار ئي تبديل ٿي وڃڻ، عزت وارو هجڻ يا ناهجڻ جا معيار ئي ابتا رکڻ، سياسي پارٽيون جيڪي اقتدار ۾ نٿيون پهچي سگهن، انهن کي ناڪاره تصور ڪرائي نوجوانن کي انهن کان پري ڪرڻ، ادب ۽ تنقيدي سوچ جو منهن ئي ٻئي پاسي ڪري ڇڏڻ، حالتن جو تجزيو رڳو سهيوڳي صورتحال تي رکڻ جنهن ۾ ڪابه تاريخي سوچ، فڪري دڳ، نظرياتي لائين کي ئي تباهه ڪري ڇڏڻ جهڙا عنصر شامل آهن. اهي سموريون شيون گڏجي جيڪو سماج سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ حڪمرانن جوڙڻ چاهيو اهو سماج اڄ پنهنجي بيحسي جي عروج تي آهي جنهن جو ڦل (ڦڪو، مٺو يا ڪڙو) اسين سڀ چکي رهيا آهيون. نه صرف چکي رهيا آهيون پر سڀ ڄڻ ته انهي ۾ لوڙي رهيا آهيون. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اسان کان اسان جا خواب کسيا ويا آهن. خواب جيڪي اسان پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ ڏسندا هئاسين جيڪي اسان جي مستقبل لاءِ هوندا هئا، جيڪي چوندا هئا ته “تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين، اعلان هزارين مان نه رڳو” يا هن سر جي گدلي سينور ۾ هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آ” اهي ڏوهي ٿيڻ تي فخر الئه ڪيڏانهن ويو هليو؟ اهي آدرش ڪنهن کسيا آهن جو هڪڙو وڪيل پنهنجي پيرن تي بيٺي به قانون جو رکوالو هوندي به مڪاني اليڪشن جو چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ وٺي فخر سان چوي ٿو ته ان کانسوءِ اليڪشن کٽي نٿي سگهجي. اهي جيڪي هن نظام بدلائڻ جي ڳالهه ڪندا هئا، جيڪي پنهنجا خواب ۽ آدرش ايندڙ نسل تائين منتقل ڪندا هئا. اهي پاڻ ئي حڪمران پارٽين جي ٽڪيٽن تي بيهي سموري برادريءَ کي اهو درس پيا ڏين ته پ پ کانسواءِ ڪير به کٽي نٿو سگهي. ڇا اليڪشن کٽڻ ئي انساني امنگن، آدرشن، خواهشن ۽ مستقبل جي تخليق جو ضامن آهي؟ ڪنهن شاعر چيو آهي ته؛
“One, the world is trying to kill you. It is trying to do this by stealing your voice. Kill it back!”
او سٻاجها، دنيا توهان کي مارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اهو توهان جو آواز کسي ايئن ڪري رهي آهي، تنهنڪري پنهنجي آواز کي قتل ڪرڻ بدران انهي (آواز کسجڻ) کي ماري ڇڏ. پر شاعر اجو اهو پيغام اياڻا چوندا ته خيالي آهي، فڪري آهي عملي ڪونهي. عمل ڪير ڪندو آهي؟ خيال کي عمل جامو خيال جي ذريعي پارائبو آهي يا عمل ذريعي؟
مزاحمت جو اهو دور به هر ڪنهن کي ياد هوندو جو ڪو جرنيل اچي جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ڪندو هو ته راتو رات وال چاڪنگ ٿي ويندي هئي، پمفليٽ ڇپرائي ورهايا ويندا هئا، اخبارن ۾ لکيو ويندو هو، ڪتابڙا لکي موڪليا ويندا، ماڻهن کي آگاهه ڪيو ويندو هو نتيجي ۾ گرفتاريون به ٿينديون، ڪوڙا به لڳندا هئا. ٽارچر سيلن ۾ به موڪليو ويندو هو پوءِ به سندن آدرش ۽ خواب زنده رهندا هئا، اڄ به اهي شخصيتون زنده آهي ماڻهن جي دلين ۾، مزاحمت جي علامت طور، آدرشي خوابن جي ڪري. اهي عمل ايندڙ نسلن کي دڳ لائڻ لاءِ انتهائي ضروري هئا. هاڻ جيڪڏهن اهو راڳ ڳايو ويندو آهي ته گهوٽڪي ضلعي ۾ فلاڻي گروپ کان وڌيڪ فلاڻو گروپ طاقتور آهي پر تاريخي طور اهو نه ڏٺو ويندو آهي ته انهن حڪمران وڏيرن ماضي بعيد کان وٺي حال تائين ڪهڙو عوامي ڪم ڪيو آهي، ڪهڙي پاليسي سازي ڪئي آهي مستقبل لاءِ؟ اتي اعجاز نائچ جهڙا آزاد اميدوار به بيٺا آهن، بيشڪ 10 ووٽ کڻن پر جيڪي وقت جي حڪمرانن کي انڪار جو تالو هڻي پنهنجي الڳ نئريٽو ۽ آواز سان بيٺا آهن، انهن کي ئي مشعل راهه سمجهڻ گهرجي، جڏهن ته ثابت قدميءَ سان بيهڻ پنهنجي جاءِ تي اهم سوال ضرور هوندو پر اهو صرف انهن اميدوارن لاءِ آهي يا عوام لاءِ به امتحان آهي؟. ان ڏس ۾ ٿر ۾ ڪجهه نوجوانن جهڙوڪ تيرٿ ساجن مينگهواڙ، پرڪاش ڪمار ڪلاڻي، گوتم بيراڻي جهڙا نالا نظر آيا جيڪي پنهنجي الڳ آواز سان بيٺا آهن ٻئي پاسي ٿر ۾ هڪڙي وزير جي يو سي تي شاهد ساند ۽ سجاد مڱريو جهڙا نوان آواز به اڀريا آهن، کين نظرياتي سگهه ۽ پنهنجي آزاد حيثيت تي ڄمي بيهڻ هڪڙو امتحان ضرور هوندو. ساڳئي وقت ادبي لڏي جو اهم نالو حاجي ساند پڻ ايس يو پي جي ٽڪيٽ تي بيٺو آهي جيڪو جدوجهد ۽ اميد جي هڪڙي اهم نشاني آهي جيڪو حڪمران پارٽين کي ڇڏي هڪ آزاد بيانيي سان بيٺو آهي. ساڳئي وقت ميرپورخاص جي هڪڙي يوسي تي عبدالشڪور لاشاري آزاد اميدوار طور بيٺو آهي جيڪو سماجي ۽ فلاحي حوالي سان اڳتي وڌيل نوجوان آهي جنهن جو به امتحان آهي ته ساڳئي وقت اتان جي عوام جو به امتحان آهي.نصير آباد ۾ وارڊ نمبر 3 تي فوزيه سينگار نوناري، نوشهرو فيروز ۾ ماهنور شيخ، عمران علي ڇڄڻ، واڻڪي وستي ۾ فرحانه سولنگي قومي عوامي تحريڪ، گهوٽڪي ضلعي ۾ وڏيرن جي ڳڙهه هوندي به يو سي جروار تي ممتاز گبول ۽ جلال الدين گبول جهڙا نوان آواز نمودار ٿيا آهن. ايئن نه صرف آزاد آوازن ۾ مرد پر گهوٽڪي ضلعي ۾ عورتن به وڏي بهادري سان وڏيرن کي للڪاري آزاد اميدوار طور بيٺيون آهن جهڙوڪ؛ وارڊ نمبر 9 گهوٽڪي تي جنت خاتون، يو سي سندراڻي تي ثمينه سائره، يو سي لوهي تي حبيبان ميتلو ۽ يوسي حيات پتافي، يوسي ڳڙهي چاڪر تي به آزاد عورت اميدوارن جا فارم ڀريل آهن. ايئن ڪيترائي نالا اچي ٿا وڃن جيڪي نه صرف وڏيرڪي ۽ حڪمران طبقي جي بالادستي کي قبول نه ڪري بيٺا آهن پر موجود اسٽيٽس ڪوئي چيلينج به ڪري رهيا آهن.
ٻئي پاسي حڪمران طبقي جو هڪڙو فرسوده نئريٽو موجود آهي ته اوهان وڏيرن سان ملي جلي نظام کي تبديل ڪريو، جيڪو هڪڙو انڌو خواب ته ٿي سگهي ٿو پر عملي طور ايئن نٿو ٿي سگهي ڇوته جيڪو نظام توهان کي ڪچلڻ لاءِ آهي اهو نظام قبول ڪري توهان ڄڻ ته اسٽيٽس ڪو کي اکيون ٻوٽي قبول ٿا ڪريو. جيستائين عوام جي رهنمائي نه ٿيندي ايستائين عوام کي درست دڳ نه ملي سگهندو. مهانگائي، بيروزگاري، غلامي، هٺ ڌرمي، ملوڪيت ۽ آپيشاهي ۾ ڦاٿل هي سماج جيستائين مزاحمت جا رستا نه ڳوليندو ايستائين تيل مهانگو ٿيندو رهندو، ٻيون شيون به مهانگيون ٿينديون رهنديون، زندگيون اجيرڻ ٿينديون رهنديون ۽ حڪمران طبقي کي اڃا به تقويت ملندي ته ڏسو اسان سان گڏ نه آهيو ته پيڙجو پيا. عوام حڪمرانن جي مختلف حڪومتن جي ڊرامي جي چڪي ۾ پيسجي رهي آهي، آءِ ايم ايف جا قرض لهڻ يا ختم ٿيڻ جا نالا ئي نٿا وٺن، حڪمرانن وٽ آزاد پاليسي ۽ معاشي ڪو پروگرام ئي ناهي، سياسي طور تي ٻين طاقتن جي ڪلهن تي چڙهي رڳو بندوق جي بجيٽ ۾ اضافو پيا ڪندا ۽ عوام سمورو بوجهه کڻي کڻي نيستو ۽ تباهه ٿيندو رهندو. مزاحمت سان ئي ڪو ٻيو رستو ٺهندو. مزاحمت رڳو بندوق سان نه ٿيندي آهي پر انڪار ۽ اسٽيٽس ڪو کي چيلينج ڪرڻ ئي مزاحمت آهي، ايئن عوام پنهنجو مستقبل تخليق ڪري سگهي ٿو، اڄ جي ناڪامي سڀاڻي نسلن جي ڪاميابي هوندي. جيئن مايا اينجلو چيو آهي ته ؛
“You may shoot me with your words,
You may cut me with your eyes,
You may kill me with your hatefulness,
But still, like air, I’ll rise.”
يا جيئن شيخ اياز چيو آهي ته
انقلاب! انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ
جيئن زمين آسمان،
جي کلي پئي زبان،
ڪُنڊ ڪُنڊ، چونڪ، چونڪ،
شهر شهر، ڳوٺ، ڳوٺ،
جيئن ڏئي اُٿي جواب انقلاب!
انقلاب! انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ.
هي به ڪو نياءُ آ،
جو مزدور ڀاءُ آ،
سولهَو پيئي پيو،
جنهن سبب جيئي پيو،
سو پيئي پيو شراب!انقلاب،
انقلاب! انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ.
ڌوڏ هن سماج کي،
لوڏ سامراج کي،
ٺاهه سو نئون نظام،
جو چڱو چئي عوام،
هي نظام آ خراب، انقلاب!
انقلاب! انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ.
ڳاءِ ڳاءِ نوجوان!
جيئن زمين آسمان،
جي زبان کُلي پئي،
زندگي اُٿي چئي،
انقلاب انقلاب انقلاب،
انقلاب! انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ.