ملڪ ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ عوام جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن. معمول واري زندگيءَ جا سڀئي معاملا سخت متاثر ٿي رهيا رهيا آهن، واپارين جو واپار متاثر ٿي رهيو آهي. گهرو زندگي پڻ متاثر ٿي رهي آهي پر حڪومتي دعوائون اڃا تائين برقرار آهن. حڪومت جو چوڻ آهي ته ان لوڊشيڊنگ گهٽائي ڇڏي آهي، پر اها عملي طور ڪٿي به نظر نٿي اچي، جڏهن کان حڪومت اهو اعلان ڪيو آهي ته هن لوشيڊنگ گهٽائي ڇڏي آهي، ان وقت کان لوڊشيڊنگ ۾ واڌ ٿي وئي آهي. اڳ شيڊيول موجب بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي پر هاڻ شيڊيول کان سواءِ ٿي رهي آهي، جنهن جي ڪري عوام جي پريشانين ۾ پڻ واڌ ٿي وئي آهي ۽ ماڻهو هر مهيني مهانگي بجليءَ جا بل ڀري رهيا آهن. هڪ پاسي عوام کي مهانگي بجلي پئي ڏني وڃي ته ٻئي پاسي بجلي ڪمپنيون پنهنجن ملازمن کي مفت ۾ بجلي ڏئي رهيون آهن. مفت ۾ بجلي ٻاريندڙن جي بجلي جا بل عوام کان اوڳاڙيا وڃن ٿا.
ملڪ ۾ توانائي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومتي اپائن ۽ فيصلن جي باوجود سنڌ ۾ بجلي ڪمپنين جي ملازمن کي مفت بجلي فراهم ڪرڻ جو سلسلو هلندڙ آهي. ڪاروباري، واپاري حلقن سياسي ۽ سماجي تنطيمن مالياتي نقصان گهٽائڻ ۽ توانائي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت کان بجلي ڪمپنين جي ملازمن کي مفت بجلي فراهم ڪرڻ واري فيصلي کي تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ملڪ ۾ سادگي تحت مفت پيٽرول جي فراهمي گهٽائڻ جي فيصلي کان پو توانائي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت ڇنڇر جي موڪل بحال ڪرڻ سميت واپاري ۽ ڪاروباري مرڪز رات 9 وڳي بند ڪرڻ جي فيصلي تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي توانائي بحران تي ڪنٽرل ڪرڻ جي مهم ۾ ملڪ ۾ بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين پاران شرڪت نه ڪرڻ سواليه نشان بڻيل ۽ اڃا تائين ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو سميت سنڌ ۾ بجلي ورهائيندڙ ڪنهن به ڪمپني ڪفايت شعاري مهم ۾ حصو وٺڻ جو اعلان نه ڪيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ حيسڪو جي آفيسرن ۽ ملازمن کي مفت بجلي فراهمي جو سلسلو هلندڙ آهي ۽ توانائي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي ملازمن پنهنجو حصو نه وڌو آهي ۽ بدستور مفت بجلي کان سواءِ پيٽرول ۽ لکين رپين جون ٻيون مراعتون وصول ڪري رهيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي 2 لک کان وڌيڪ ملازمن کي مفت بجلي ڏني پئي وڃي، رڳو حيسڪو ۾ لائين مين کي هر مهيني 150 يونٽ، ايس ڊي او جي سطح جي آفيسر کي 300 يونٽ ماهوار ۽ ايڪسين جي سطح جي آفيسر کي 1800 يونٽ ماهوار بجلي مفت فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪي اليڪترڪ مفت بجليءَ جي فراهمي جو تفصيل مشتهر ڪرڻ کان انڪاري آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مفت بجلي فراهم ڪرڻ جي مد ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ڪروڙ ماهوار يونٽ مراعتن تي خرچ ڪيا پيا وڃن، جنهن جي لاڳت اربين رپيا ٿئي ٿي. جتي 5 ڪروڙ ماهوار يونٽ مراعتن تي خرچ ڪيا پيا وڃن ته ان سان ڪنهن به ريت بجليءَ جو بحران حل نه ٿي سگهندو ۽ نه ئي عوام تان بار هلڪو ٿي سگهندو. اربين روپين جي بجلي مفت ۾ ٻاريندڙ ملازمن کي پگهار ملن ٿا، تنهن هوندي به اهي مفت ۾ بجلي ٻاري رهيا آهن ۽ اهي ملڪي خزاني تي بار وجهي رهيا آهن. ملڪ ۾ جيڪو ماڻهو ڏهه هزار مهينو ڪمائي ٿو، اهو به بجليءَ جو بل ڀري ٿو ته پوءِ اربين روپين جي رعايت ملازمن کي ڇو ڏئي وئي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته عوام هاڻ وڌيڪ مهانگي بجلي نٿو ٻاري سگهي، ان کي سستو ڪيو وڃي ۽ ان کانسواءِ بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کي جيڪي رعايتون مليل آهن، انهن کان اهي واپس ورتيون وڃن، کين ان ڳالهه جو پابند بڻايو وڃي ته اهي ماهوار بل ادا ڪن.