سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

آفريقا ۾ 2 ڪروڙ سال قديم 12 فوٽ ڊگهن واڳن جو نسل دريافت

آمريڪي سائنسدانن جي ٽيم آفريقي ملڪ ڪينيا ۾ قديمي واڳن جي قسمن تي تحقيق دوران هڪ ڪروڙ 80 لک سال پراڻي واڳن ڪن يينگ نالي ٻن قسمن جا نسل کي دريافت ڪيا ويا آهن، جن جي ڊيگهه 12 فوٽ هجڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي. ميڊيا رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ آمريڪي يونيورسٽي آف آئيووا جي سائنسدانن نيروبي جي ميوزيم آف ڪينيا ۾ واڳن  تي تحيقيق ڪئي آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ واڳن جي ڊيگهه عام طور تي 5 فوٽن تائين هوندي آهي، پر تازو دريافت ڪيل واڳن جي ڊيگهه 12 فوٽ هجڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي.

دريافت ڪيل واڳن جي نسل جي خيالي تصوير

تحقيق ڪندڙ پروفيسر بروشو جو چوڻ آهي تھ دريافت ڪيل واڳو انتهائي خطرناڪ شڪاري آهن، جن کي اسان جي ابن ڏاڏن منهن ڏنو هو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ محققن پنهنجي نئين دريافت جو اعلان هلندڙ مهيني جرنل انيٽمڪل رڪارڊ ۾ ڪيو آهي. پروفيسر بروشو جو چوڻ آهي تھ دريافت ڪيل واڳو اڄ جي واڳن جهڙا ئي شڪار هئا، انسان جو پاڻي جي حوض ۾ جهڪي پاڻي پيئڻ خطرناڪ هوندو هو، هنن جا جبڙا دلڪش مسڪراهٽ وارا آهن، پر هي واڳون شڪار ڏسندي ئي هڪ ڌڪ ۾ ان کي ڳڙڪائي ويندا هئا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ڪن يينگ نسل جا واڳو آفريقا ۾ شروع کان ئي وچولي مائيوسين دور ۾ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button