عالمي

سريلنڪا ۾ پيٽرول وٺڻ تان جهڙپون، 3 فوجي ۽ 4 شهري زخمي

سريلنڪا ۾ معاشي حالتون هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن، جنهن سبب ننڍي ننڍي ڳالهه تي جهيڙا ٿيڻ معمول ٿي ويو آهي، ڪالهه سريلنڪا ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل حاصل ڪرڻ جي ڪوششن دوران ڪيترن ئي شهرن ۾ جهڙپن جا اطلاع آهن، جنهن دوران پوليس جي فائرنگ جي واقعن ۾ 3 فوجي ۽ 4 شهري زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ملڪ ۾ پيٽرول اڻلڀ ٿي ويو آهي،

سريلنڪا ۾ شهري پيٽرول وٺڻ خاطر قطارن ۾ بيٺا آهن

جنهن بعد پيٽرول ۽ ڊيزل ملڻ آسان ناهي رهيو، تنهنڪري پيٽرول پمپن جي حفاظت خاطر انهن تي فوج کي مقرر ڪيو ويو آهي. هوڏانهن آئي ايم ايف جي 9 رڪني ماهرن جي ٽيم بيل آئوٽ پيڪيج جي ڏس ۾ ڳالهين خاطر ڪولمبو پهچي وئي آهي، جيڪا وزيراعظم رانيل وڪرم سنگهي ۽ ٻين عهديدارن سان ڳالهيون ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button