ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ايڊز ۾ ورتل رتيديري جا ٻارڙا

Editorial

سنڌ ۾ گذريل ڪجهه سالن کان ايڊز جي مريضن جا ڪيس وڌي ويا آهن، ان خطرناڪ بيماريءَ جو شڪار وڏي ڄمار جا ماڻهو ٿي ته ٿي رهيا آهن، پر وڏو انگ انهن ٻارڙن جو به آهي، جيڪي ان موذي مرض ۾ ورتل آهن، وقت سر علاج نه ٿيڻ ۽ احتياطي اپاءَ نه وٺڻ ڪري ايڊز سنڌ ۾ بنهه گهڻي وڌي وئي آهي، جنهن جي ڪري نه رڳو ٻارن جا مائٽ پريشان آهن پر معصوم ٻارن جون زندگيون به داءُ تي لڳل آهن. لاڙڪاڻو ان بيماريءَ جو ڳڙهه بڻيل آهي، جتان وڌ ۾ وڏ ايڊز جا ڪيس ظاهر ٿي رهيا آهن، پر مسئلو اهو آهي ته احتجاجن ۽ دانهڻ جي باوجود به انهن مريضن کي نه مناسب دوائون ڏنيون ٿيون وڃن ۽ نه وري بهتر علاج جون سهولتون فراهم ڪيون ٿيون وڃن، ان ڪري هڪ پاسي مريضن جي مرڻ جو انگ وڌي پيو ته ٻئي پاسي ايڊز ۾ ورتل مريضن جو انگ به ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. ڪالهه به اهڙي خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن موجب ايڊز ۾ ورتل ٻارڙن جي مائٽن احتجاج ڪيو آهي. انهن اهو احتجاج علاج نه ٿيڻ ۽ دوائون نه ملڻ سبب ڪيو آهي.
رتيديري ۾ ايڇ آءِ وي ۾ ورتل ٻارڙن جي وارثن انڊومينٽ فنڊ نه ملڻ ۽ دوائون غير معياري هجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي موذي مرض ۾ ورتل ٻارڙن جي والدين تعلقي اسپتال رتوديرو ۾ قائم ايڇ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته اسان جا معصوم ٻارڙا گذريل ٽن ورهين کان وٺي ايڇ آءِ وي جهڙي خطرناڪ بيماري ۾ ورتل آهن پر انهن جي علاج لاءِ ايڇ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر تان ڪي به معياري دوائون نه ٿيون ڏنيون وڃن. هنن چيو ته جيڪي دوائون ملن ٿيون اهي به اڻپوريون آهن جن جو ڪو معيار ناهي، اهڙين غير معياري دوائن جي استعمال سان مرض تي ڪو اثر نه ٿو پوي جيڪڏهن دانهون ڪريون ٿا ته اسان کي اهو چيو وڃي ٿو ته ٻاهران دوائون وڃي خريد ڪريو. هنن چيو ته ٻاهران ملندڙ دوائون مهانگيون هجڻ سبب اسان غريب ماڻهو خريد ڪري نٿا سگھون، ان کان سواءِ انڊومينٽ فنڊ آهي، جيڪو ٽن ورهين ۾ رڳو هڪڙو ڀيرو اسان کي ٻارڙن لاءِ ڏنو ويو آهي. هنن چيو ته انڊومينٽ فنڊ ۾ آيل ڪروڙين روپيا معصوم ٻارڙن کي ڏيڻ بدران هڙپ ڪيا ويا آهن. هنن چيو ته ايڇ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر تي مقرر ڊاڪٽرياڻي مرض ۾ ورتل ڪنهن به ٻار جي والدين سان ملڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن به اچون ٿا ته اسان کي اهو چئي موٽايو ويندو آهي ته ڊاڪٽرياڻي ميٽنگ ۾ آهي، اسان ان سلسلي ۾ ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيا پر پوءِ به لاڳاپيل اختياريون اسان جون دانهون ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن. هنن صحت کاتي جي اختيارين کي اپيل ڪئي ته ايڇ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر تي مقرر ڊاڪٽرياڻيءَ کي هٽائي معياري دوائون ۽ انڊومينٽ فنڊ ڏنو وڃي. پوري ملڪ ۾ هن وقت دوائون ايتريون مهانگيون ڪيون ويون آهن، جو غريب ماڻهو دوائن جا پئسا نٿو ڀري سگهي ۽ ان کان سواءِ ڪنهن اسپتال ۾ دوائن جي سهولت مليل آهي ته اها عوام کي ڏيڻ لازمي هوندي آهي. پر سنڌ جي اسپتالن ۾ اهي دوائون عوام جي پهچ کان پري رکيون وينديون آهن، جڏهن ته ايڊز هڪ اهڙو مرض آهي، جنهن لاءِ مريضن کي لاڳيتي دوا ڏيڻ لازمي هوندي آهي. پر هتي صورتحال گهڻي خراب لڳي پئي آهي. ان ڪري معصوم ٻارڙن جي زندگين کي خطرو ٿي پيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ جتي جتي به ايڊز جا مريض موجود آهن، انهن لاءِ خاص سينٽر ٺاهيا وڃن، ان کان سواءِ عوام ۾ ايڊز جي آگاهيءَ جي حوالي سان مهم شروع ڪئي وڃي ۽ رتيديري جي ٻارڙن کي علاج جون ترت سهولتون فراهم ڪيون وڃن، جيڪي ماڻهو به نقلي دوائن جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن، انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button