پنجاب

پنجاب جي 20 تڪن تي ضمني چونڊ: پ پ طرفان ن ليگ جي حمايت جو اعلان

پنجاب جي 20 صوبائي تڪن ۾ 17 جولاءِ تي ٿيندڙ ضمني چونڊ لاءِ پيپلزپارٽي (ن) ليگ جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پيپلزپارٽي جا اميدوار نامزدگي فارم واپس وٺي ڇڏيندا. پيپلزپارٽي جي صوبائي وزير سيد حسن مرتضى صوبائي وزيرن عطاءالله تارڙ ۽ ملڪ احمد خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي. حسن مرتضيٰ چيو ته پنجاب جي 20 سيٽن تي ضمني چونڊن ۾ پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، مستقبل ۾ پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ چونڊ ميدان ۾ سياسي حريف ئي رهنديون پر هن وقت ملڪي ضرورت مطابق پيپلزپارٽي (ن) ليگ جي اميدوارن جي حمايت ڪندي. حسن مرتضيٰ چيو ته تحريڪ انصاف لاءِ اليڪشن ڪافي مشڪل هوندي ڇو ته عمران نيازي جي آن گرائونڊ پوزيشن ڪا سٺي نه آهي، سڀاڻي نامينيشن فارم واپس وٺڻ جو آخري ڏينهن آهي، جتي جتي پ پ جي اميدوارن ڪاغذ جمع ڪرايا آهن اهي واپس وٺندا، وفاق ۽ پنجاب اندر اسان جي گڏيل حڪومت آهي. پنجاب جي صوبائي وزيرن جي وزارتن جو اعلان بجيٽ پاس ٿيندي ڪيو ويندو. صوبائي وزير عطاءتارڙ چيو ته آصف زرداري پنجاب جي ضمني چونڊ ۾ حمايت جو اعلان ڪيو آهي جنهن تي ان جا ٿورائتا آهيون، عمران خان کي گهر موڪلڻ ۾ آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو جو ڪردار نه هجي ها ته هي سڀ ڪجهه ممڪن نه ٿئي ها. هن چيو ته پيپلزپارٽِي جي حمايت سان اسان ضمني اليڪشن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button