زراعت ۽ ڪاروبار

ڊالر انٽر بئنڪ ۾ مهانگو، اوپن مارڪيٽ ۾ سستو ٿي ويو

انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قدر ۾ اضافي جو تسلسل جاري رهيو، ڊالر انٽر بئنڪ ۾ وڌيڪ 45 پئسن جي اضافي سان 211 رپيا 93 پئسن جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. ان جي ابتڙ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي نسبت رپئي جي قدر ۾ اضافو ٿيو آهي، جتي ڊالر ساڍا 3 رپيا سستو ٿيڻ بعد 212 رپين جي سطح تي پهچي ويو آهي. ڪاروباري ڏينهن ۾ هڪ موقعي تي ڊالر 212 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو هو، وقفي وقفي سان لاهن چاڙهن سبب 210 رپيا 50 پئسن جي گهٽ سطح تي به پهتو پر وڌندڙ گهرج سبب ڊالر جي قدر ۾ تنزلي جو سلسلو رڪجي ويو ۽ ان جي قدر ۾ اضافي سان ڪاروباري ڏينهن پڄاڻي تي پهتو. اوپن مارڪيٽ ۾ گهرج گهٽ هئڻ سبب ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ اضافو ٿيو، جتي ڊالر ساڍا 3 رپيا سستو ٿيڻ بعد 212 رپين جي سطح تي پهچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button