سنڌ

اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ماءُ زرين آرا بخاري ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي. ذريعن موجب زرين آرا ڪجهه وقت کان بيمار هئي ۽ ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي، نوابشاهه ۾ بالو جا قبا قبرستان ۾ مرحوم حاڪم علي زرداري جي پاسي ۾ سندس تدفين ڪئي ويندي. زرين آرا جي لاڏاڻي تي اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اسلام آباد کان ڪراچي پهچي ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ڏاڏي زرين آرا جي بيماري سبب لاهور جو دورو ملتوي ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button