پاڪستانپنجاب

آئي ايم ايف پروگرام جي منظوري کانپوءِ معيشت بهتر ٿي رهي آهي:وزيراعظم

ميانوالي :وزيراعظم شهباز شريف چشما 5 نيوڪليئر پاور پلانٽ جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف ميانوالي ۾ چشمه 5 نيوڪليئر پاور پلانٽ جو افتتاح ڪيو، جنهن جي صلاحيت کي 1100 ميگا واٽ مان وڌائي 1200 ميگا واٽ ڪيو ويو آهي، ان معاهدي تي 2017 ۾ صحيحون ٿيون پر منصوبو رولڙي جو شڪار رهيو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن، چشما نيوڪليئر پاور پلانٽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل سهڪار جي عڪاسي آهي. هن چيو ته پروپئگنڊا ڪئي وئي ته پاڪستان جو ڏيوالو ٿي رهيو آهي پر ڏکئي وقت ۾ دوست ملڪن سهڪار ڪيو، سهڪار جي ڪهاڻي چين جي مدد بنا اڻ پوري آهي ۽ ڏکئي وقت ۾ چين 5 ارب ڊالرن جو قرض رول اوور ڪيو، عظيم دوست جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪڏهن نه وسارينداسين. سندس چوڻ هو ته ڏکئي وقت ۾ سعودي عرب ۽ يو اي اي جي مدد تي به ٿورائتا آهيون، آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري کانپوءِ ملڪي معيشت بهتر ٿي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button