سنڌ

حڪمران شاهاڻا خرچ گهٽائين ته ملڪ معاشي بحران مان نڪري ويندو: ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو اجلاس مگسي هائوس حيدرآباد ۾ ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان پارٽي جي ڊويزنز ۽ ضلعن جا صدر، جنرل سيڪريٽري سميت پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ تنظيمي صورتحال جو جائزو وٺي مختلف فيصلا ڪيا ويا. ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي سياسي ۽ معاشي بحرانن جو واحد حل سمورين ايڪائين کي برابري جي بنياد تي حق ڏيڻ ۾ آهي، حڪمران عوام تي ٽيڪس جا بار وجهڻ بدران عوام دوست معاشي پلان جوڙين ۽ پنهنجا شاهاڻا خرچ گهٽائين ته ملڪ معاشي بحران مان نڪري ويندو. هن چيو ته هڪ پاسي مھانگائي سبب مسڪين عوام ماني جي گرهھ لاءِ پريشان آهي ته ٻئي پاسي حڪومت ۽ ڪامورا سرڪاري خرچن تي بادشاهي واري زندگي گذارين پيا. هن چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جي ذميوار پيپلز پارٽي حڪومت مسلسل اقتدار ۾ هوندي به سنڌ جي ماڻهن کي ڪو رليف ناهي ڏئي سگهي، هن وقت سنڌ ۾ بدامني ۽ لاقانونیيت جو راڄ قائم آهي، مٿانهان ضلعا نو گو ايريا بڻيل آهن، ڌاڙيل راڄ کي حڪمرانن جي سرپرستي، وڏيرن، سردارن ۽ جاگيردارن جو مڪمل ساٿ حاصل آهي. قادر مگسي وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر هڪ منظم سازش تحت ڌارين کي آباد ڪيو ويو آهي، جيڪي منشيات فروشي ۽ ڏوهن ۾ ملوث آهن ۽ سنڌ جي امن امان کي خراب ڪري رهيا آهن، منشيات جي زهر اسان جي نوجوان نسل کي تباهھ ڪري ڇڏيو آهي. سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايس ٽي پي پاران سنڌ ۾ يونين ڪائونسل سطح تي ترقي پسند ھائوس قائم ڪيا ويندا، جيڪي يونين ڪائونسل سطح تي عوام جو ڀرجهلو هوندا ۽ مقامي سطح تي عوام کي سمورين سماجي براين خلاف متحد ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا. ان موقعي تي اجلاس کي مرڪزي اڳواڻن ڄام عبدالفتاح سميجو، گلزار سومرو، حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، هوت خان گاڏهي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button