پاڪستانپنجاب

ٽيڪسن جي ڀرمار آهي پر آئي ايم ايف جي شرط تي بجلي مهانگي ڪرڻي پئي:وزيراعظم

لاهور : وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بدقسمتي سان بجلي مهانگي ڪرڻي پئجي رهي آهي، بجلي مهانگي ڪرڻ آءِ ايم ايف جو شرط آهي پر گردشي قرضن سبب اسان جي ضرورت به آهي. ڪالهه لاهور ۾ واپارين ۽ صنعتڪارن سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بجلي چوري سان به نقصان ٿي رهيو آهي، ٽرانسميشن لاسز آهن، بلن جو ٻيڙو ٻڏل آهي، ٽيڪس نه ملندو ته پوءِ وڌيڪ ٽيڪس نه لڳائينداسين ته ڇا ڪنداسين؟ هن چيو ته بجلي جي اگهه ۾ واڌ آءِ ايم ايف جو مطالبو ته آهي پر گردشي قرض به آهي، تسليم ڪيان ٿو ته ٽيڪسن جي ڀرمار آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ سڀني ڪردار ادا ڪيو، چين گذريل 3 کان 4 مهينن ۾ 5 ارب ڊالر ڏنا آهن، آمريڪي پرڏيهي وزير به آءِ ايم ايف سان معاهدي جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي غلط فيصلن سان معيشت کي نقصان ٿيو، سياسي مفادن خاطر ملڪي مفاد کي داءَ تي لڳايو ويو، اسان جي حڪومت جا 15 مهينا آمريڪا سان لاڳاپا درست ڪرڻ ۾ لڳي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button