پاڪستانپنجاب

تحريڪ انصاف پرويز خٽڪ کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو،ميمبرشپ ختم

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي بنيادي رڪنيت ختم ڪري ڇڏي ۽ کيس پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو.پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب، پرويز خٽڪ جي بنيادي رڪنيت ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته توهان کي 21 جون تي شوڪاز ڏنو ويو، توهان مقرر وقت ۾ اطمينان جوڳو جواب نه ڏنو.نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته توهان کان پارٽي ميمبرن سان رابطي ۽ پارٽي ڇڏڻ لاءِ اڪسائڻ تي پڇيو ويو هو، توهان جي تحريڪ انصاف جي بنيادي رڪنيت فوري طور ختم ڪئي وڃي ٿي. واضح رهي ته پرويز خٽڪ ڪجهه وقت اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي خيبر پختونخواهه جي صدارت ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button