عالمي

جڳ مشهور ناول نگار ميلان ڪنڊيرا لاڏاڻو ڪري ويو

پئرس:جڳ مشهور ناول نگار ميلان ڪنڊيرا لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ڪالهه دنيا جو مشهور ناول نگار، ليکڪ ۽ شاعر ميلان ڪنڊيرا 94 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي موجب ميلان ڪنڊيرا لائيبريري جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته ميلان ڪنڊيرا ڪافي عرصو بيمار رهڻ بعد ڪالهه پنهنجي پئرس واري گهر ۾ پساهه پورا ڪيا. ميلان 1975ع ۾ ڪميونسٽ حڪمراني واري ملڪ چيڪو سلاويا مان نڪرڻ بعد اچي فرانس جي شهر پئرس ۾ رهيو هو. 1929ع ۾ جنم وٺندڙ ميلان انساني حالتن سان لاڳاپيل موضوع تي ناول لکيا، هن جو مشهور ڪتاب ان بيئربيل لائٽينس آف بينگ هو. هن کي پنهنجي لکڻين تي ڪيترائي مشهور ايوارڊ مليا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button