پاڪستانسنڌ

گهوٽڪي ۾ گم ٿيل معصوم ڀا ڀيڻ زهر ڏئي قتل،لاش مليا

گهوٽڪي: گهوٽڪي مان هڪ ڏينهن اڳ گم ٿيل ڀا ڀيڻ جا لاش هٿ. خبر موجب گهوٽڪي جي آفتاب ڪالوني مان هڪ ڏينهن اڳ معصوم ڀا ڀيڻ 12 ورهين جو سلمان لغاري ۽ 9 ورهين جي ڪلثوم لغاري ڌي قربان لغاري گهر ٻاهران کيڏندي گم ٿي ويا هئا، جن جا لاش گهوٽڪي جي درگاھه نهرو شاہه جي قبرستان مان هٿ آيا آهن. ٻارڙن جي لاشن کي ڏسي شهرين اي سيڪشن پوليس کي ڏنو، جنهن بعد پوليس پهچي لاشن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو. ان سلسلي ۾ ٻارڙن جي پي قربان لغاري جو چوڻ هو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، ٻارڙن جي گم ٿيڻ بابت گهوٽڪي پوليس کي آگاهه ڪيو پر پوليس ٻارڙن جي بازيابي لا اسان جي ڪابه مدد نه ڪئي، ظالمن مونسان وڏو ظلم ڪيو آهي. ٻئي طرف پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ٻڌايو ته ابتدائي رپورٽ مطابق ٻارڙن کي زهر ڏئي ماريو ويو آهي، پوسٽ مارٽم بعد جزا وٺي ليبارٽري ڏانهن اماڻيا آهن، جنهن بعد رپورٽ اچڻ بعد قتل جا ڪارڻ معلوم ٿيندا. جڏهن ته معصوم ٻارڙن جي قتل بعد شهرين جو وڏو انگ اسپتال پهتو، جنهن کانپو ڀا ڀيڻ جا لاش گهر پهتا ته ما پي کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا. ٻئي پاسي بدامني جي واقعن خلاف اڄ شهر ۾ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button