اسلام آبادپاڪستانعالمي

آئي ايم ايف پاڪستان لا 3 ارب ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد/نيويارڪ:عالمي مالياتي فنڊ (آئي ايم ايف) پاڪستان لا 3 ارب ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آئي ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ طرفان پاڪستان لا قرض جي منظوري بعد هڪ ڏهائي 2 ارب ڊالر فوري طور تي جاري ڪيا ويندا. 29 جون تي آئي ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ عملي سطح تي معاشي بحران ختم ڪرڻ لا 3 ارب ڊالر قرض جو اسٽينڊ با معاهدو ڪيو ويو هو. 9 مهينن تي ٻڌل 3 ارب ڊالر جي فنڊنگ پاڪستان لا اميد کان وڌيڪ آهي. ٻئي طرف ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته دوست ملڪ يو اي اي هڪ ارب ڊالر اسٽيٽ بئنڪ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ڪالهه پنهنجي وڊيو پيغام ۾ اسحاق ڊار اعلان ڪيو ته گڏيل عرب امارتن هڪ ارب ڊالر موڪليا آهن، جنهن کانپوءِ ٻن ڏينهن ۾ اسان جي خزاني ۾ 3 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي آهي. هن چيو ته گڏيل عرب امارتن جي وزيراعظم جي دوري تي ڊپازٽ جو واعدو ڪيو هو، جيڪو اڄ پورو ٿي ويو، جنهن تي پاڪستاني عوام طرفان يو اي اي قيادت جو ٿورائتو آهيان، گڏيل عرب امارتن عملي طور تي دوستي جو ثبوت ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان پنهنجون سموريون ادائيگيون وقت تي ادا ڪيون آهن، پاڪستان ترقي جي رستي تي هلي رهيو آهي ۽ هر ايندڙ ڏينهن بهتر هوندو، اسٽيٽ بئنڪ جي ذخيرن ۾ 3 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي آهي. اسحاق ڊار چيو ته جمعي ڏينهن اسٽيٽ بئنڪ باضابطا طور اعلان ڪندي، جولاءِ جي آخر تائين ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 14 ارب ڊالر تائين پهچي ويندا، نواز شريف جي دور ۾ قائد اعظم جي خواب تي عملدرآمد ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button