پاڪستانسنڌ

بلوچستان ۾ ڇانوڻي تي حملو،سنڌ واسي ٻن اهلڪارن سوڌو 9 جوان شهيد

راولپنڊي/شڪارپور/ميهڙ/راڌڻ: بلوچستان جي شهر زوب ۾ فوجي ڇانوڻي تي دهشتگردن جي حملي ۾ سنڌ واسي ٻن فوجي جوانن سميت 9 فوجي جوان شهيد ٿي ويا آهن. اتر بلوچستان ۾ دهشتگردن جي هڪ گروپ زوب گيريزن تي حملو ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن زوب گيريزن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي ڊيوٽي تي موجود فوجين ناڪام بڻايو. آءِ ايس پي آر موجب فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد ٿي ويا ۽ ٽي دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پنج سيڪيورٽي اهلڪار زخمي به ٿي پيا آهن، جڏهن ته ٻن دهشتگردن کي پڪڙڻ لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آ ايس پي آر ٻڌايو ته حملي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ 5 ڄڻا اسپتالن ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا، جنهن سبب شهيد ويلن جو انگ 9 ٿي ويو آهي.آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ جي هر ڪِريل ڪوشش ناڪام بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهن. ٻئي طرف شڪارپور واسي فوجي جوان يوسف بروهي جي شهادت جو اطلاع گهر ڀاتين کي ڏنو ويو جنهن سبب علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو. شهيد جي مڙهه کي ڳوٺ همايون شريف ۾ دفنايو ويندو. ٻئي طرف ميهڙ ويجهو ڳوٺ اسحاق سولنگي جو رهواسي فوجي جوان غلام مصطفيٰ سولنگي جي شهادت جو اطلاع وارثن کي ڏنو ويو، جنهن جو مڙهه ڳوٺ پهچندو، جنهن کي سرڪاري اعزاز سان مٽي ما حوالي ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button