ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مستقبل خطرناڪ هوندو

Editorial-Article-Asar Imam

پاڪستان جون حالتون خراب ته مهڙئين ڏهاڙي کان وٺي هيون پر اڄ ڪلهه ائين پيو لڳي ڄڻ هن ملڪ کي هلائڻ لاءِ ڪنهن معجزي جي ضرورت آهي. ڄڻ هن ملڪ تي سٺي نموني حڪومت ڪرڻ هاڻي ڪنهن جي به وس جي ڳالهه نه رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ پاپولزم جي مڃتا عروج تي پهتل آهي. اکيون ڪنهن هيرو جي ڳولا ۾ آهن. ڪنهن کي خميني ته ڪنهن کي مهاتير هن ملڪ جو مسيحا نظر اچي رهيو آهي. جنهن معاشري ۾ رياست نڪاح نامي ۽ سڃاڻپ ڪارڊ توڙي پاسپورٽ جهڙي دستاويزن جاري ڪرڻ وقت به توهان جي عقيدن ۽ مسلڪ بابت پڇڻ ضروري سمجهندي هجي اهي معاشرا تقسيم جو شڪار ته ضرور هوندا آهن پر پاڪستان هن وقت جيتري تقسيم جو شڪار آهي، اڳ ڪڏهن نه رهيو آهي. صدر هڪڙي پارٽيءَ جو، وزيرِ اعظم ٻِي، پرڏيهي وزير ٽِين پارٽيءَ جو. اهڙي نموني صوبائي حڪومتون به هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي حصي جون ڪري ورهائي کنيون آهن. هڪڙي پاسي قومي حڪومت جو تصور سامهون آندو پيو وڃي ته ڏاڍو مزي سان سڀ گڏجي سڏجي حڪومت ۽ خدمت ڪري رهيا آهن پر حقيقت اها آهي ته ڪير به ڪنهن کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي خاص ڪري اڳوڻي حڪمران پارٽيءَ ته ايتري نفرت ۽ بغض ڦهلايو آهي جو هاڻي ان جو زهر هر پاسي پسي سگهجي ٿو. مذهبي ڪتابن ۾ قيامت واري ڏهاڙي جي جنهن نفسا نفسيءَ کي بيان ڪيو ويو آهي اهو ساڳيو نظارو موجوده پاڪستان ۾ آسانيءَ سان پسي سگهجي ٿو، جتي هر شخص ٻئي کان، بلڪ ڪجهه صورتن ۾ ته پنهنجو پاڻ کان به بيزار نظر اچي رهيو آهي. ماڻهن جي وڏي اڪثريت جهڙي نموني وقت، صحت ۽ زندگي برباد ڪري رهي آهي ان منجهان اهو واضح ٿي وڃي ٿو ته هن ملڪ ۽ معاشري جو الله واهي آهي.
سياست جي ايوان خاص ڪري پارليامينٽ اندر ملڪي سطح جا مسئلا ۽ ڳنڀير سوال نه ڪي بحث هيٺ پيا اچن نه وري انهن جا حل ڳوليا پيا وڃن. ڇاڪاڻ ته ٻئي ڌريون (حڪومت ۽ مخالف ڌر) الزام ۽ جوابي الزام واري راند منجهان آجا ٿين ئي ڪونه ٿا. نتيجي طور نه حڪومت پنهنجو ڪم ڪري سگهي ٿي ۽ نه وري مخالف ڌر. اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ اهو نظارو وري ان ڪري وڻندڙ آهي جو کيس پتو آهي ته سياستدانن جيڪڏهن هڪ ٻئي جي ڳچين منجهان هٿ ڪڍيو ته پوءِ اهي هٿ سندس ڳچيءَ ۾ هوندا. ان ڪري اها انگريزيءَ جي چوڻي If your existence is my death, better you die تي عمل ڪري رهي آهي. حڪمرانن وٽ عوام جي مفاد وٽان ڪوئي منصوبو ڪونهي انهن وٽ پنهنجي طاقت وڌائڻ جي ڳڻتيءَ کان سواءِ ٻِي ڪا ڳڻتي آهي ئي ڪانه.
عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪري ڏيڻ ۽ سندس ڀلائيءَ جو سوچڻ بدران اسان جا رياستي ادارا سدائين ان ڊوڙ ۾ شامل رهيا آهن ته ڪهڙي نموني سالياني ملڪي بجيٽ منجهان وڏو حصو پنهنجي نالي ڪري وٺن. هن ملڪ ۾ احتساب جو عمل هميشه ٻين لاءِ آهي ۽ مٿان کان هيٺ لاهڻ بدران اهو هميشه هيٺان کان مٿي وڃڻ واري اصول تي ٻڌل رهيو آهي. يعني سڀ کان وڏي ڪرسيءَ تي ويٺل ماڻهوءَ جو احتساب سڀ کان آخر ۾ ڪيو ويندو. جنهن جي نتيجي ۾ اينٽي ڪرپشن، نيب ۽ ايف آئي اي جهڙن درجن کن ادارن جي موجودگيءَ ۾ به احتساب جو عمل صاف شفاف نموني نه پيو ٿئي نه وري ملڪ منجهان ڪرپشن ۽ اختيارين جي ناجائز استعمال جي لعنت جو خاتمو ٿئي ٿو.
پاڪستان ۾ پنهنجو گهر هجڻ تمام وڏي نعمت سمجهيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن توهان وٽ پنهنجو گهر ڪونهي ۽ مجبوريءَ ۾ ڪرائي جي گهر ۾ رهڻو پوي ٿو ته پوءِ توهان جي آمدنيءَ جو وڏو حصو رڳو ان گهر جي ڪرائي ۽ بورچيخاني جي خرچ ۾ ئي پورو ٿي ويندو. اهڙي صورت ۾ ماڻهوءَ جي ٻارن جي پڙهائي ۽ صحت تي ايندڙ خرچ ڀرڻ ناممڪن بڻجي وڃي ٿو. معياري تعليم حاصل ڪرڻ يا پنهنجي ٻارن کي معياري تعليم ڏيارڻ ته تمام وڏي للڪار بڻجي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ تعليم ۽ صحت کي به ڪمائيندڙ انڊسٽريز ۾ تبديل ڪيو ويو آهي خدمت ۽ خيرخواهيءَ جي ڪا ڳالهه ئي ڪانهي. جيڪڏهن اسان جي ملڪ جون بينڪون ماڻهن کي گهر خريد ڪرڻ لاءِ قرض ڏين جنهن جي قسط ايتري ئي بيهي جيترو ماڻهو گهر جو ڪرايو ادا ڪري رهيا آهن ته پوءِ ان سان کين وقت گذرڻ سان پنهنجو گهر ملي پوندو. گهر جي قيمت وڌندي رهندي جنهن ڪري اهي پاڻ کي آسودو به سمجهڻ لڳندا ۽ گهر جي مالڪ جا طعنا مهڻا يا اها ڳڻتي برداشت نه ڪرڻي پوندن ته “گهر خالي ڪريو آئون ڪنهن ٻئي کي پيو ڏيان” وغيره وغيره. پر بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ جون بينڪون اول ته اهڙو قرض ڏين ڪونه ٿيون. جيڪڏهن ڏين ٿيون ته انهن جا شرط قبولڻ ۽ فرمائشون پوريون ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم بڻجي وڃي ٿو.
هر گهڙيءَ وڌندڙ مهانگائي اڄ جو تمام وڏو ۽ ٻرندڙ مسئلو آهي. اسرندڙ ملڪن اندر مهانگائيءَ اتان جي منڊين کي تمام شدت سان متاثر ڪيو آهي پر ان جو مطلب اهو ڪونهي ته اسريل ملڪ ان معاملي ۾ ڦاٿل ڪونهن. اهي پڻ مهانگائيءَ سان منهن ڏئي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته ملڪن تي حڪمراني ڀل ڪنهن جي به هجي اقتدار ڀل ڪهڙي به پارٽيءَ وٽ ڇو نه هجي، اختيار ته ناڻي وادين وٽ ئي رهڻو آهي. سموري دنيا اندر اهي پنهنجو سامان وڪڻي، منافعو ڪمائي رهيا آهن. هن وقت آمريڪا اندر مهانگائيءَ جو تناسب پڻ 8.6 سيڪڙو ٻڌايو پيو وڃي جيڪو آمريڪي تاريخ ۾ گذريل 40 سالن دوران سڀ کان گھڻو آهي. 1994 کان پوءِ پهريون ڀيرو آمريڪي فيڊرل رزرو بينڪ وياج جي شرح تمام گھڻي وڌائي آهي جنهن کي بينڪنگ جي مخصوص ٻوليءَ ۾ 75 بنيادي پوائنٽون ڪري ڳڻيو وڃي ٿو. يورپين سينٽرل بينڪ 10 سالن کان پوءِ وياج جي شرح وڌائي آهي ۽ آسٽريليا جي رزرو بينڪ 22 سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو 50 بنيادي پوائنٽن تائين وياج جي شرح کي وڌايو آهي. ان منجهان سمجهڻ گھرجي ته دنيا جي اسريل ملڪن اندر به منڊيءَ جي ٻاڙائيءَ جا مسئلا آهن ۽ ايتري تائين اڳ ڪٿي ڪئي وئي آهي ته ايندڙ سال آمريڪي معيشت بدترين صورتحال ۾ ڦاسي ويندي جنهن پاسي روسي صدر ولاديمير پيوتن به اشارا ڪري رهيو آهي ته پراڻو ورلڊ آرڊر يعني آمريڪي حڪمراني پڄاڻيءَ کي پهچي چڪي آهي. بهرحال ان سموري صورتحال ۾ به دنيا جي اسريل ملڪن اندر جيئن ته ادارا موجود آهن رياستي توڙي حڪومتي ۽ ايتري تائين جو سماجي سطح تي به اهڙا ۽ ايترا ادارا موجود آهن جو اهي اهڙين ڏکين حالتن ۾ به عوام جي خدمت جو ڪم جاري رکيون پيا اچن. اتي وڏي کان وڏو بحران به معمول جي ڪاروائين توڙي سرگرمين کي نه روڪي سگهندو آهي. ان جي ابتڙ اسان وٽ معمولي قسم جي غير يقينيءَ واري صورتحال ۾ به عوام جو پهريون تجزيو اهو هوندو آهي ته هيءُ ملڪ نه هلي سگهندو. جيتوڻيڪ وياج جي شرح وڌائي يا ٻين مختلف فيصلن ۽ پاليسين ذريعي اسريل ملڪن اندر مهانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش شايد ڪامياب به ٿي وڃي پر ان سموري هڻ هڻان ۾ معاشي سرگرميون ڍريون اتي به ٿي رهيون آهن ۽ اڃان اڳتي به ٿينديون. اصل معاملو اهو آهي ته سرمائيداراڻو نظام تمام گھڻي دولت ۽ وسيلا پيدا ڪرڻ باوجود به انهن جي ورڇ جي معاملي ۾، انهن جي مالڪيءَ جي معاملي ۾ ڪنجوس آهي جنهن ڪري مصيبتون پاسو نه ٿيون ڇڏين. هڪ پٺيان ٻيو بحران ايندو رهي ٿو. سرمائيداراڻو سماجي معاشي سرشتو پنهنجو پاڻ کي هر طرح نااهل ثابت ڪري رهيو آهي پر ان جو متبادل ڏيڻ وارا ان کان به ويل آهن، جنهن ڪري هن ٻار جي ڊليوري ڏاڍي ڏکي ۽ ٿڪائيندڙ بڻجي وئي آهي. اهڙا آثار آهن ته هن سال آگسٽ مهيني تائين ئي مهانگائي 20 سيڪڙو تائين پهچي ويندي. جڏهن مهانگائي ان سطح تائين پهچي ويندي ته حڪومت جو 5 سيڪڙو تائين جي ترقيءَ معاشي وارو ٽارگيٽ ڪاغذن ۾ ئي لکيل رهجي ويندو جنهن جو ٻيو خراب نتيجو اهو نڪرندو ته حڪومت نوڪريون بلڪل نه ڏئي سگهندي. يعني هڪڙي پاسي عوام جي مٿان مهانگائيءَ جو بم ڪيرايو ويندو ته ٻئي پاسي کيس جيئڻ لاءِ روزگار جي ضمانت به نه هوندي جنهن ڪري سماجي افراتفري ۽ ويڙهاند توڙي بدامني خودڪشيون ۽ ڪروڌ تمام گھڻو وڌي ويندو. اهڙي غير يقينيءَ واري صورتحال ۾ بااختيار ماڻهو ڪرپشن جي بازار اڳي کان وڌيڪ تيز ۽ گرم ڪري ڇڏيندا. ڇاڪاڻ ته مستقبل ان جو آهي، بچندو اهو جنهن وٽ سرمايو هوندو. تاريخ اهو نه ڏسندي ته اهو سرمايو ڪمايو ڪهڙي نموني اٿس. ان صورتحال کان بچڻ لاءِ واڳ ڌڻين کي اڳواٽ اک پٽڻي پوندي نه ته جنهن اقتدار ۽ بجيٽ تي جهيڙو جاري آهي، هڪ ڏينهن اهو اقتدار ۽ بجيٽ ئي نه رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button