ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگائي ۽ خوراڪ جي کوٽ

Editorial

ملڪي معيشت کي جيڪڏهن آءِ ايم ايف جي ٿوڻي نه هجي ته هاڻوڪي معيشت اڃا به وڌيڪ بدحال هجي. هاڻوڪي حڪومت به آءِ ايم ايف جي آسري لڳي پئي آهي، جنهن ڪري ملڪ ۾ هڪ پاسي مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي ته ٻئي پاسي معاشي سڌارن جو پري پري تائين ڪي به آثار نظر نٿا اچن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ ۾ ڪابه حڪومت عوام لاءِ ڪا بهتري نٿي ڪري سگهي. پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ رڳو عوام سان ڪوڙ ڳالهائيندي رهي ته اها ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻ واري آهي. جڏهن ته ان جي حڪومت ۾ ملڪي معيشت ترو وڃي ورتو هو. جنهن سبب عوام لاءِ مصيبتون وڌي ويون ۽ پي ڊي ايم جي هاڻُوڪي حڪومت به ان سلسلي کي جاري رکندي پئي اچي، جنهن سان عوام تي بار ٻيڻو ٿي رهيو آهي. هن وقت عالمي سطح تي خوراڪ جي کوٽ لڳي پئي آهي، ان ڪري کاڌي پيتي جي اسمن جا اگهه تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. تازو آءِ ايم ايف ان حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
عالمي سطح تي خوراڪ ۽ تيل جي تيزي سان وڌندڙ قيمتن کي نظر ۾ رکندي حڪومتن لاءِ ضروري آهي ته هو فوري نتيجا ڏيندڙ مالياتي پاليسيون اختيار ڪن. عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ خوراڪ ۽ تيل جي قيمتن ۾ تيز رفتار اضافي جي نتيجي ۾ غذائي کوٽ ۽ سماجي بي چيني وڌي رهي آهي. گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت اداري جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ سال اڳ جي ڀيٽ ۾ مارچ 2022 دوران سڄي دنيا ۾ غذائي جنسن جي قيمتن ۾ 33 ڏهائي 66 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. آءِ ايم ايف پنهنجي رپورٽ ۾ خوراڪ ۽ تيل جي قيمتن ۾ اضافي کي نظر ۾ رکندي چيو آهي ته 2020 ۾ ڪورونا جي عالمي وبا سبب سڄي دنيا ۾ موجود غير يقيني صورتحال سبب خوراڪ ۽ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اهڙي طرح بين الاقوامي معيشت کي درپيش ٻين مختلف چئلينجز سبب حڪومتن کي وڌيڪ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. آءِ ايم ايف عالمي برادريءَ تي زور ڏنو آهي ته عام ماڻهوءَ جي تحفظ لاءِ حڪومتن کي گهرجي ته غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ سماجي عدم تحفظ جي خاتمي لاءِ قدم کڻن ته جيئن خوراڪ ۽ تيل جي قمتن ۾ اصافي سان پيدا ٿيل مسئلن کان عام ماڻهو کي محفوظ رکي سگهجي. پر ٻئي پاسي پاڪستان ۾ يوٽيلٽي اسٽورن تي دالين جي اگهن ۾ وڏي واڌ ٿي وئي آهي، چڻن جي دال جي قيمت 162 رپين مان وڌي 190 رپيا ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب يوٽيلٽي اسٽورن تي ڪيتريون ئي شيون مهانگو ٿيڻ جي هڪ ڏينهن کانپوءِ دالين جي قيمتن ۾ به وڏي واڌ ٿي وئي. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب چڻن جي دال جي قيمت ۾ 28 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ چڻن جي دال جي قيمت 162 رپين مان وڌي 190 رپيا ٿي وئي آهي. نون اگهن موجب اڇا چڻا 87 رپيا مهانگا ٿيڻ کانپوءِ 213 رپيا في ڪلو مان وڌي 300 رپيا في ڪلو ٿي ويا. مهري جي دال 55 رپيا في ڪلو تي واڌ کانپوءِ 215 رپيا في ڪلو مان وڌي 270 رپيا ٿي وئي آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن يوٽيلٽي اسٽورن تي مختلف برانڊن جون ٽوٿ پيسٽس، ٿانون ڌوئڻ جا صابڻ، ماچيس، مصالحا ۽ ٻيون شيون مهانگيون ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته ٻيا ملڪ به ان قسم جي مهانگائيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن. تنهنڪري پاڪستان کي غيرضروري خرچن کي گهٽائي، اهو پئسو خوراڪ جي مد ۾ ڏيڻ گهرجي. اهو پئسو سبسڊيءَ جي صورت ۾ خوراڪ جي مد ۾ ڏئي اگهن کي ڪنٽرول ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي گهٽ ۾ گهٽ کاڌي پيتي جون شيون ته سستيون ملي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button