ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

گستاخ محبت – I

Editorial-Article-Kareem Channa

ناول “گستاخ محبت” جي ڪهاڻيءَ جو مکيه موضوع مرداڻي هم جنسيت آهي. ڪردارن ۽ پلاٽ جو سمورو محور هم جنس محبت ئي آهي. ان سان گڏ غربت ۽ بيروزگاريءَ سبب ننڍي عمر جي ڇوڪرن جو جنسي استحصال ۽ جنسي عمل ۾ رڪاوٽن سبب پيدا ٿيندڙ نفسياتي مونجهارن جهڙن موضوعن کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي. پر اهي موضوع به هم جنسيت سان ئي لاڳاپيل آهن. جڏهن ته ويڳاڻپ، نراسائي ۽ بيزاريت جا خيال پڻ موجود آهن. مکيه ڪردار سورج ويڳاڻپ ۽ بيزاريت جي ور چڙهندو رهي ٿو. ماڻهن پاران سندس خيالن کي سمجهي نه سگهڻ، ۽ جنسي عمل جي سهولت ميسر نه هئڻ وقت هو ويڳاڻپ، نراسائي ۽ بيزاريت جهڙن نفسياتي مونجهارن جي ور چڙهي وڃي ٿو. مٿين بيان ڪيل موضوعن کانسواءِ ناول ۾ مرداڻي هم جنسيت لاءِ هاڪاري سوچ پيدا ڪرڻ واري پروپئگينڊا وارو خيال پڻ شامل آهي. ان پروپئگينڊا واري موضوع تي اڳتي بحث ڪبو.
پلاٽ: ڪهاڻيءَ جو پلاٽ سڌو ۽ سولو آهي. پلاٽ ۾ ڪا به پيچيدگي ناهي جو پڙهندڙ کي ڪهاڻي سمجهڻ ۾ مونجهارو پيش اچي. ڪهاڻي ۽ واقعن جي ترتيب سڌي سنئين آهي.
وقوع: ڪهاڻيءَ ۾ واقعن ٿيڻ جو هنڌ يونيورسٽي، رهائش واري هاسٽل ۽ سورج جو اباڻو ڳوٺ آهي. اڪثر واقعا ڪئمپس ۽ سورج جي رهائشي ڪمري ۾ ئي واقع ٿين ٿا.
پيغام: ناول جي لکڻيءَ جو پيغام کليل ۽ چٽو آهي. پيغام اهو آهي ته هم جنسيت کي قبول ڪيو وڃي ۽ ان ۾ رنڊ روڪ نه وڌي وڃي. مرداڻي هم جنس محبت کي فطري قرار ڏيندي مخالف جنس سان محبت کان وڌيڪ پرلطف ۽ موهيندڙ هجڻ جو پيغام ڏنل آهي. ان سان گڏ فرد جي نجي زندگيءَ ۾ مداخلت کان به پاسو ڪيو وڃڻ ۽ ان کي سندس مرضي ۽ منشا موجب مڪمل آزاديءَ سان زندگي گذارڻ ڏيڻ جي پيغام تي پڻ زور ڏنل آهي.
اسلوب ۽ بناوٽ: لکڻيءَ جي بناوٽ ۽ اسلوب ۾ تصنع decor، احساسن feelings ۽ جذبن emotions تي گهڻو زور ڏنل آهي. ڪٿي جملا ڇڪيل تاڻيل محسوس ٿين ٿا ته ڪٿي وري لکڻيءَ ۾ فطري تسلسل ۽ وهڪرو ملي ٿو. اسلوب ۾ افسانوي انداز سان گڏ تحقيقي انداز research method جو اثر به نظر اچي ٿو. ان سان گڏ لکڻيءَ جي بناوٽ ۾ نثري نظم پڻ شامل آهن. اهي ان وقت سامهون اچن ٿا، جڏهن مکيه ڪردار سورج پنهنجين سوچن کي ڊائريءَ تي اتاري ٿو. جملن جي بناوٽ کي اثرائتو بڻائڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. ان ڪوشش ۾ کوڙ جملا انتهائي اثرائتا ۽ وڻندڙ بڻجي ويا آهن ته ڪافي جملن ۾ وري ڪو اڻ ٺهڪندڙ لفظ استعمال ٿيل به ملي ٿو. مقصد ته لکڻيءَ جي بناوٽ افسانوي، تحقيقي ۽ شاعراڻي انداز سان ٿيل آهي.
ترتيب: ناول ۾ واقعن جي ترتيب سڌي ۽ سولي آهي. ڪهاڻيءَ جو منڍ، وچ ۽ پڄاڻي لاڳيتو هلندي هلي ٿي. ناول ۾ پڙهندڙ کي کيڏائڻ واري حرفت طور واقعن کي اڳتي پوئتي واري ترتيب ۾ ناهي رکيو ويو.
ڪردار:
سورج: هي ڪهاڻيءَ جو مکيه ڪردار آهي. هيءَ هڪ هندو واپاري گهراڻي جو، يونيورسٽيءَ جو نوجوان شاگرد آهي. ننڍي ڄمار کان هيڪلائي پسند ۽ ادب سان چاهه رکندڙ آهي. هيءَ شروع ۾ ته هم جنسيت کان پري ڀڄندڙ نوجوان آهي پر جڏهن مخالف جنس سان تعلقات قائم ڪرڻ ناممڪن ڀانئي ٿو ته شهوتي باهه جي تڪميل خاطر هم جنسيت ۾ لهي پوي ٿو ۽ بعد ۾ هو هم جنس محبت مان مڪمل لطف، سڪون ۽ پيار ڳولي هم جنس پرست ٿي وڃي ٿو. ٻيا ننڍا توڙي وڏا سمورا ڪردار سورج جي چوڌاري ڦرندڙ آهن. هي ڪردار سموري ڪهاڻيءَ تي حاوي بڻيل آهي. جنهن سبب ٻيا ڪردار هن هيٺان ڄڻ ته دٻجي ويل محسوس ٿين ٿا.
ممتاز: سانوري رنگت وارو نوجوان جيڪو سورج جو پراڻو ڳوٺائي آهي. هيءَ ڪهاڻيءَ جي اڌ کان پوءِ ظاهر ٿئي ٿو ۽ سورج جو دوست ۽ بعد ۾ دل گهريو محبوب بڻجي وڃي ٿو. ممتاز مزاج ۽ ڏيک ۾ اهو نوجوان آهي جنهن جي ڳولا ۾ سورج پريشان هو. ممتاز جي اچڻ سان سورج جي محبت جي ڳولا ختم ٿئي ٿي ۽ هو نفسياتي مونجهارن، ويڳاڻپ ۽ هيڪلائيءَ مان نڪري خوش رهڻ لڳي ٿو.
جهانگير: هم جنس لاڙو رکندڙ ڪردار آهي. پاڻ سهڻي رنگت وارو آهي پر هڪ سانوري ڇوڪر تي موهت آهي. ڪهاڻيءَ جي آخري باب ۾ سورج جي ٿيل جهيڙي ۾ سورج جو سهارو بڻجي ٿو. جهانگير آزاد سوچ رکندڙ، روشن خيال ۽ دلير ڪردار جي عڪاسي ڪري ٿو.
ديپڪ: سورج جو ماسات، سهڻو نوجوان آهي. ديپڪ جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿيل آهي پر بعد ۾ هيءَ مڪمل طور هم جنسيت جو لاڙو رکندڙ ڪردار بڻجي وڃي ٿو. هو هم جنس محبت ۾ مختلف جسمن مان لطف ماڻڻ جو لاڙو رکندڙ آهي. هو هم جنس جنسي عمل ۾ فاعل ۽ مفعول ٿيندو رهي ٿو. ديپڪ صفحي 13 تي سندس چيل جملي “زندگي مختصر آهي . . . خوب انجواءِ ڪجي” موجب مڪمل طور مادي پرست materialist وجود جي عڪاسي ڪندڙ ڪردار آهي.
روپ چند: هي سورج کان عمر ۾ ڪجھ وڏو آهي. هي به جنسي ڏاڍائي جو شڪار بڻيل ڪردار آهي. پر ان ڏاڍائيءَ واري واقعي کان بعد هو مڪمل طور gay بڻجي وڃي ٿو. سورج ڪجهھ عرصو هن مان لذت ماڻيندو رهي ٿو پر جلد ئي منجهانس بيزار ٿي کيس ڇڏي ڏئي ٿو.
سيٺ مدن لال: سورج جو پيءُ جيڪو واپاري ۽ مالدار آهي. هي پڻ هم جنسيت جو لاڙو رکندڙ آهي. هو پنهنجي نوجوان نوڪر سان جنسي عمل دوران فاعل ۽ مفعول ٿي لطف وٺندو رهي ٿو. هڪ ڀيري جڏهن هو مفعول بڻيل هوندو آهي ته سورج مٿان پهچي وڃي ٿو ۽ بعد ۾ سيٺ مدن لڄ ۽ مونجهاري وچان آتم هٿيا ڪرڻ جو سوچي ٿو.
رشيد: سيٺ مدن لال جو ملازم نوجوان ڇوڪر. سورج جڏهن ڳوٺ ۾ جنسي باهه جي ور چڙهي نفسياتي مونجهارن جو شڪار ٿئي ٿو ته هو رشيد سان ڏاڍائيءَ ڪري ٿو. رشيد غربت ۽ بيروزگاريءَ سبب ڪا به مزاحمت نه ٿو ڪري. بعد ۾ هو سورج جي خواهشن کي پورو ڪرڻ تي مجبوريءَ سان عمل ڪندو رهي ٿو. سورج هڪ ڀيري ساڻس جنسي عمل لاءِ دوڪان تي اچي ٿو ته ڀانڊي ۾ رشيد کي پنهنجي پيءُ مٿان فاعل بڻيل ڏسي وٺي ٿو.
ڪوي: نفسياتدان ۽ شاعر آهي. سورج جو گهاٽو دوست ٿي ويندو آهي پر بعد ۾ سندس نفسياتي مونجهارن واري شدت کي ڏسندي کانئس پاسو ڪري ويندو آهي. آخر ۾ سورج جي ٿيل جهيڙي واري مسئلي ۾ به مڪمل پاسي تي رهي گم ٿيل ڪردار بڻجي ويندو آهي.
ڪامريڊ دودل: ڪامريڊ دودل خان اصل ۾ سورج جي محبوب ممتاز جو عاشق آهي. بعد ۾ هو ممتاز کي سورج سان ٺهيل ڏسي کيس ڌمڪائي ٿو ۽ ڪجھه ساٿين سان گڏجي سورج کي يونيورسٽي اندر مار ڏياريندو آهي. ان موقعي تي هو هم جنسيت کي بداخلاقيءَ جو جواز بڻائي ۽ هندو ڇوڪر کان مسلمان ڇوڪر سان ٿيندڙ جنسي عمل کي مذهبي رنگ ڏئي سورج ۽ ممتاز کي مڪمل هيسائي وجهندو آهي. هي ڪردار يونيورسٽين اندر ڪامريڊ جي نالي تي ٿيندڙ ڏاڍ، جهيڙي ۽ بداخلاقيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. ٻئي پاسي دودل خان جي نالي مان هن جي ٻهراڙيءَ واري ڏاڍي مڙس بڻجڻ جي عڪاسي پڻ ٿئي ٿي. هتي اهو به ياد رهي ته اصل نالو دودو هوندو آهي. پر ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ ڪٿي به دودو ناهي لکيو. دودل اصل ۾ دودو جو اسم تصغير آهي جيڪو دودو کي پيار يا نفرت وچان سڏڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. هتي ليکڪ ان طرف ڪو ڌيان ناهي ڏنو.
ان سان گڏ ٻيا به ڪردار آهن جيڪي ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجو حصو ڳنڍيندا وڃن ٿا. مکيه ڪردار سورج کانسواءِ سمورا ڪردار سڌا ڪردار flat characters آهن. منجهائن ڪا به پيچيدگي يا ور وڪڙ ناهن. شروع کان آخر تائين هڪ ئي لڪير ۾ هلندڙ آهن. ڪنهن به ڪردار جي سوچ ۽ عمل ۾ ڪا واضح تبديلي نه ٿي اچي. ڪهاڻيءَ ۾ اڪيلي سورج جي ڪردار کي ڦرندڙ ڪردار round character يا پيچيده ڪردار complex character چئي سگهجي ٿو. سورج اول ته هم جنسيت کان پري ڀڄندڙ ڪردار آهي جيئن هو صفحي 8 تي پير بخش کي انڪار ڪندي چوي ٿو ته “منهنجي اها پيچ ڪونهي. دل جي ڳالھه آهي، ته منهنجي دل ۾ هر وقت اها ڀاونا هوندي آهي ته ڪا سندر ناري منهنجي بيچين روح کي سڪون ڏئي.” پر اڳتي هلي هو هم جنسيت جي ور چڙهي وڃي ٿو ۽ ان مان باقاعده لطف ماڻيندو رهي ٿو. سورج نفسياتي مونجهارن جي ور چڙهڻ سبب جنسي عمل ۾ اذيت پسند sadist ڪردار پڻ بڻجي وڃي ٿو. پر اڳتي هلي هو ان مونجهاري مان به نڪري وڃي ٿو. شروع ۾ سورج مختلف نوجوانن سان جنسي عمل ڪري سڪون ماڻيندو رهي ٿو پر بعد ۾ هو مختلف جسمن مان جنسي لذت ماڻڻ کي وحشيائپ سڏي ٿو. ان ريت سندس قول ۽ فعل ۾ تضاد به سامهون اچي ٿو. ان تضاد وسيلي وقت سان سندس سوچن ۾ آيل واضح تبديلي پڻ نمايان ٿئي ٿي. ڪهاڻي وڌڻ سان سورج جي ڪردار ۾ اوسر ٿيندي رهي ٿي ۽ هو هم جنسيت ۾ فقط هڪ محبوب هجڻ جي ڳولا ڪري ٿو. سندس اها ڳولا ممتاز جي شڪل ۾ پوري ٿئي ٿي. ان ريت سندس محبت جو محور فقط هڪ جسم يعني ممتاز بڻجي وڃي ٿو. (هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button