ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڪستان ۾ خطري هيٺ آيل ٻوليون

editorial

قومي ٻوليون دنيا ۾ آباد قومن جي سڃاڻپ آهن. جن وسيلي ڪروڙين ماڻهو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا آهن. دنيا ۾ ڪئين اهڙيون قومون آباد آهن. جن جي ٻولين کي رياستي جبر هيٺ ڇيڀاٽيو ويو آهي، ان ڪري انهن ٻولين جي ترقي ۽ واڌ ويجهه ۾ ڪئين رنڊڪون آيل آهن. پاڪستان ۾ اردو سرڪاري ٻولي آهي پر هتي رڳو اردو نٿي ڳالهائي وڃي، اردو کان وڌيڪ هتي سنڌي، بلوچي، سرائڪي، پنجابي ۽ پشتو ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، جيڪي هتان جي قومن جون مادري ٻوليون آهن. پر گذريل 74 سالن کان انهن ٻولين سان ماٽيلي ماءُ وارو رويو اختيار ڪيو ويو آهي، ان ڪري انهن ٻولين کي پڻ ڪئين خطرا ٿي ويا آهن. اِهي ته اُهي ٻوليون آهن، جن جي خطرن کان ماڻهو آگاهه ڪندا رهيا آهن پر ڪئين اهڙيون ٻوليون آهن، جيڪي هاڻ ختم ٿيڻ ڪنڌي پهچي چڪيون آهن ۽ انهن جي ڳالهائڻ وارا بنهه ٿوري انگ ۾ آهن. ٻولين کي درپيش خطرن جي حوالي سان ڪالهه جيڪي ويچار وفاقي وزير مريم اورنگزيب ونڊيا آهن، اهي اهم آهن.

اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ اٽڪل 80 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، جن مان 26 ٻوليون خاتمي ڏانهن وڌي رهيون آهن. اها ڳالهه هن ڪالهه علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جي اهتمام هيٺ لينگئيج ڊاڪيومينٽيشن جي موضوع تي چئن ڏينهن واري انٽرنيشنل ٽريننگ ورڪشاپ جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته ٻولي ئي اسان جي سڃاڻپ آهي، جديد دنيا ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون خاتمي طرف وڃي رهيون آهن، ٻولين جي تحفظ لاءِ عالمي سطح تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان جا ابا ڏاڏا ٻولين جي اهميت کان چڱي ريت واقف هئا پر موجوده دور ۾ اسان جا ٻار انهن ٻولين ۽ ثقافت کان اڻواقف آهن. هن چيو ته ٻولي نه رڳو سماج، ثقافت ۽ تاريخ کي پنهنجي اندر سانڍي ٿي پر ان سان هڪ اهڙو سماجي تعلق جنم وٺي ٿو، جيڪو قومن جي سڃاڻپ جو سبب بڻجندو آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پاڻ به 6 عالمي ٻوليون ڳالهائي ٿو، هن کي ٻوليءَ جي اهميت جو چڱي ريت اندازو آهي. هن چيو ته ٻولين کي محفوظ ڪرڻ ۾ قومن جي بقاءَ آهي، ان سان اسان جي قومي سڃاڻپ آهي. هن چيو ته بدقسمتيءَ سان اسان جي نصاب ۾ انهن سڀني شين جي کوٽ آهي، اسان کي پنهنجي نوجوان نسل ۽ ٻارن کي ٻولين جي اهميت کان روشناس ڪرڻو پوندو، اسان کي پنهنجي ٻولين سان پنهنجي ٻارن جي تعلق کي وڌائڻو پوندو. مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت سنگل نصاب جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ان تي اسان اثرائتي طريقي سان اڳتي وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته لينگئيج ڊاڪيومينٽيشن کي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ شروع ڪرائي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ 26 ٻوليون خاتمي ڏانهن وڃي رهيون آهن، خدا نه ڪري مستقبل ۾ انهن جي انگ ۾ اضافو ٿي وڃي، ان لاءِ اسان کي هينئر کان ئي پنهنجي ٻولين کي محفوظ بڻائڻو پوندو، انهيءَ سان اسان جي ثقافت ۽ سڃاڻپ کي سگهه ملي سگهي ٿي. هن چيو ته ترقي لاءِ ٻولين جو تحفظ ضروري آهي.
اسين سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ موجود سڀني ٻولين جي بقا ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ٻولي رڳو ڳالهائڻ جو ذريعو ڪونهي پر اها ڪلچر جو حصو آهي ۽ تهذيبن سان سلهاڙيل آهي. يونيسڪو جو مڃڻ آهي ته هر ماڻهوءَ کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ سکڻ جو حق حاصل آهي، ان سکيا جي معنيٰ سماجي واڌ ويجهه پڻ آهي. پر دنيا ۾ 40 سيڪڙو آبادي اهڙي آهي، جنهن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ سکيا جي رسائي حاصل ڪونهي. پاڪستان ۾ هتان جي قومي ٻولين سان جيڪو رويو رکيو ويو آهي، اهو ڏک وارو آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪي موقعا اردو ٻوليءَ کي هر سطح تي مليل آهن، اهڙا ئي موقعا هتان جي قومي ٻولين کي به ملڻ گهرجن. انهن کي اسڪولن ۾ رائج ڪيو وڃي. مادري ٻوليءَ کي تعليم جو ذريعو بڻايو وڃي ۽ ڪنهن به ريت ڪنهن قوم جي ٻوليءَ کي گهٽ نه سمجهيو وڃي ته جيئن هاڻوڪو ۽ ايندڙ نسل پنهنجي تهذيب سان ڳنڍجي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button