ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سوشل ميڊيا ۽ بلدياتي چونڊون

Editorial-Article- Ishaq Mangrio

سنڌ جي چئن ڊويزنن جي 14 ضلعن ۾ بلدياتي چونڊون آچر جي ڏينهن ٿي گذريون. غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ جي اميدوارن وڏي اڪثريت سان 14 ئي ضلعن ۾ اليڪشن کٽي ورتي آهي. پ پ کي ان جون مبارڪون هجن. پ پ جي اميدوارن جي وڏي اڪثريت واري ڪاميابيءَ جي خلاف سوشل ميڊيا تي وڏي مهم هلي رهي آهي. جنهن ۾ پ پ جي اميدوارن پاران پولنگن ۾ ۽ پولنگن کان ٻاهر بيلٽ پيپرز تي ٺپا هڻڻ، پولنگن جي ٻاهران لٺين سان ڪٽي ووٽر کي گاريون ڏئي ڀڄائڻ، عورت پولنگن ۾ پرزائيڊنگ آفيسرن کي ايم پي اي جي پٽ پاران ڌمڪيون ڏيڻ ۽ غير اخلاقي جملا چوڻ ۽ پولنگ کان اڳ ۾ اميدوارن تي ڪوڙا ڪيس ڪرڻ، اليڪشني مهم ۾ هر صورت ۾ اليڪشن کٽينداسين، جنهن لاءِ لٺيون هڻڻ کان وٺي ماڻهو ماري به اليڪشن کٽينداسين، واريون سندن تقريرون وائرل ٿيون.
ڪوڙا ڪيس درج ڪرڻ جي ڪري اميدوار ورڪ ڪرڻ بدران ضمانتون ڪرائڻ ۽ گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ لڪندا رهيا. ڪٿي ٻڌايل نشان هڪڙو، جنهن نشان تحت اميدوار ورڪ ڪئي، پوسٽر ڇپايا ۽ عين وقت کيس ٻيو نشان ڏنو ويو. جڏهن ته ووٽر پنهنجو ووٽ ۽ پولنگ ڳوليندا رهيا. جن ۾ گهر جي مختلف ڀاتين جا مختلف پولنگن تي ووٽ هئڻ جي نشاندهي ٿي. مون کي رپورٽر طور ۽ انساني حقن واري ڪميشن پاران اليڪشن جي آبزرويشن جي سلسلي ۾ تمام گهڻيون اليڪشنون ويجهڙائي سان ڏسڻ جو موقعو مليو آهي. مون ڏٺو ته هر اليڪشن ۾ هر رجيم جو ڌانڌلي وارو الڳ انداز رهيو آهي. اسان جهڙي ملڪ واري جمهوريت ۾ اوڻويهه، ويهه اليڪشن جو انداز ساڳيو ڏسندو آيو آهيان. جن ۾ ڄام صادق علي جون ڪرايل ضمني چونڊون يا عام چونڊون، ارباب غلام رحيم جون ڪرايل بلدياتي چونڊون يا ان کان اڳ ۾ يا پوءِ ٿيندڙ سموريون اليڪشنون ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا. مثال طور فدا حسين ڏيري ضمني چونڊ ۾ پ پ تڪ جي 40 پولنگن تي رات جو ئي دٻا ڀري ڇڏيا هئا. انهيءَ تڪ جون 40 اهي پولنگون هيون جيڪي فنڪشنل ليگ جي اڪثريت واريون پولنگون هيون. فنڪشنل ليگ ان چونڊ ۾ بائيڪاٽ ڪيو هو. ان چونڊ ۾ مخدوم خليق الزمان پ پ جي اميدوار فدا ڏيري جي مقابلي ۾ پ پ شهيد ڀٽو جو اميدوار هو. انهيءَ اليڪشن جي مانيٽرنگ مير مرتضيٰ ڀٽو شهيد پاڻ ڪئي هئي. تنهنڪري ان چونڊ ۾ مخصوص انداز واري سڌو سنئون ڏسڻ ۾ ايندڙ ڌانڌلي ٿي. ان ڪري موجوده بلدياتي چونڊن ۾ پ پ پاران مخصوص انداز وارا چونڊ کٽڻ وارا حربا استعمال ڪرڻ تي مون کي ڪنهن به قسم جي حيرت نه ٿي آهي. پ پ جا زوردار با اثر وڏيرا، جن جي گاڏيءَ جا دروازا ڊي سي يا ايس ايس پي پاڻ وڃي کولين ته اهڙا وڏيرا ايترو به نه ڪن. پوءِ اقتدار هجڻ جو ڪهڙو فائدو. سو به 15 سالن کان هلندڙ هجي.
بس ان ۾ ڏوهه رڳو سوشل ميڊيا جو آهي. جنهن موجوده دور ۾ پ پ پاران ڌانڌلين جو گهڻو تڻو سموريون شاهديون رڪارڊ تي رکي ڇڏيون آهن. ان ڪري پ پ تي تنقيد جي وٺ وٺان لڳي پئي آهي. بس جيڪڏهن ڌانڌليءَ بابت پ پ تي تنقيد ٿيڻ گهرجي ته فقط اها ته پ پ جمهوريت دوست پارٽي سڏائي ٿي. جنهن جو آمريت خلاف جدوجهد جو وڏو رڪارڊ آهي. جيڪا پاڻ اهڙين ڌانڌلين واريون ڪيتريون ئي اليڪشنون ڀوڳي چڪي آهي. جمهوري روايتن ۾ اليڪشن سڀ کان وڏو عمل آهي. جيڪڏهن پ پ پاڻ ڌانڌلي واري عمل جو حصو بنجي ٿي، ته ان سان هن ملڪ جي جمهوري قدرن کي ته جيڪو نقصان پهتو سو پهتو آهي. پر پ پ پنهنجي لاءِ جيڪا کڏ کوٽي آهي، جنهن ۾ اوس ان کي ئي ڪرڻو آهي.
هن وقت جڏهن بلدياتي چونڊون ٿي چڪيون آهن ته اميدوار ۽ اميدوارن جا حمايتي اڳواڻ پهريون ڀيرو سوشل ميڊيا جي گهيري ۾ هئا. جن جو سڌو سنئون عمل کلي عام ڏٺو ويو آهي. جڏهن ته مين اسٽريم ميڊيا اهڙيون ڪارروايون رپورٽ نه ڪري هن سخت مقابلي واري دور ۾ پنهنجي اهميت وڌيڪ گهٽائي آهي. جڏهن کان موبائل ڪمپنين پاران موبائل سيٽ ۾ ٻن کان ٽي ڪئميرائون لڳايون ويون آهن. تڏهن کان چيو ويندو رهيو آهي ته هاڻ هر شيءِ کي ٻه اکيون نه، پر ٽي اکيون ڏسي رهيون آهن. هاڻ ته شهرن جي هر چونڪ، گهٽي آفيسن، هوٽلن ۽ بينڪن ۾ لڳايل سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي گهيري ۾ ته هونءَ ئي آيل آهي. (ڪراچي ۾ سيف سٽي پراجيڪٽ تحت 15 هزار کان وڌيڪ ڪئميرائون گهٽين، چونڪن ۽ آفيسن جي ٻاهران لڳائڻ جي رٿا جوڙي وئي آهي) جنهن ۾ ڪئميرا جي فوٽيج کي واردات جي بنيادي شاهدي طور تسليم ڪيو ويو آهي.
هن وقت جڏهن سنڌ جي 14 ضلعن ۾ چونڊ ٿي ته هر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ آيل موبائل فون واري ڪئميرا وارن بلدياتي اميدوارن کي سڱن تي کڻي ڇڏيو آهي. (جڏهن ته اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي ساک جي بحالي لاءِ اهي وائرل ٿيل سوشل ميڊيا واريون سموريون شاهديون گڏ ڪري جانچ واري عمل ۾ آڻڻ گهرجن.) اليڪشني اميدوار ۽ سندن حمايتي اهڙي صورتحال مان اڳ ڪڏهن به نه گذريا آهن ۽ نه اڳ ۾ ٻڌو ۽ نه سئو هو. ظاهر آهي ته بلدياتي چونڊيون مقامي طور تي يونين ڪائونسل ۽ يونين ڪميٽين ۾ سماجي طور تي هيٺئين سطح تي ٿي رهيون آهن ته هن وقت سنڌ جو ڪوبه اهڙو ڳوٺ ۽ هنڌ ناهي، جتي اليڪشني اميدوار ڪنهن به نوجوان جي سخت جملن جي زد ۾ نه آيو هجي. (اليڪشني ضلعن ۾) جيستائين ڪو بزرگ وچ ۾ پئي، ڪو وڃي آسرو ڏئي ته نوجوانن کي سمجهائينداسين، ووٽ اوهان جا آهن. اوستائين نوجوانن جي سخت سوالن تي وڏيرا ۽ ڀوتار پنهنجي ڪنٽرول مان نڪري تيش ۾ اچي چڪا هوندا آهن. ڀلي کڻي اهو وڏيرو “طاقت جو سرچشمو عوام آهي” واري منشور واري پارٽيءَ سان واسطو رکندڙ هجي يا ان جي مقابلي واري ڌر جو اميدوار هجي. پر وڏيرو ان کان اڳ ۾ اهو سڀ ڪجهه ٻڌڻ جو عادي نه هو. ان ڪري هن جو چڙي پوڻ فطري آهي. ڇو ته وڏيري کي خبر آهي، ته اليڪشنن کان اڳ ۾ اهي سمورا ماڻهو وٽس ڪيئن پيا گيسيون کائيندا رهيا آهن. هو ته مصروف هجڻ سبب ساڻن ملڻ لاءِ به تيار نه هوندو هو. اهو وڏيرو يا ڀوتار وري جڏهن سندن ڳوٺ ۾ ويو آهي ته اهي ماڻهو ڪيئن ۽ ڪهڙي تيور ۾ پيا ڳالهائين. جڏهن ته وڏيرو ان کان اڳ ۾ اهڙي پڇاڻي ٿيڻ وقت پنجن کان ستن ڪئميرائن ۾ رڪارڊنگ ٿيڻ کان به واقف نه هو. هن وقت ته هر موبائل رکندڙ ماڻهوءَ وٽ پنهنجو ٽي وي چينل موجود آهي. مرضي پڄيس ته فيس بوڪ تي فوٽيج رکي يا واٽسيپ جي گروپ ۾ يا يو ٽيوب تي سڄو پروگرام رکي ڇڏي. اها به سندس مرضي ته ٽڪ ٽاڪ رکي يا ڪنهن ٻئي سوشل ميڊيا جي گروپ ۾. وڏيري کي ته خبر ان وقت پوي ٿي ته فلاڻي ڳوٺ ڀائي سان ڇا ٿيو آهي. جڏهن هن کان سندس ڪنهن دوست فون ڪري پڇيس اوهان ته وائرل ٿي ويا آهيو. وڏيري جو اهو چهرو ان کان اڳ ۾ ائين وائرل ڪڏهن به نه ٿيو هو. هو ته ان کان اڳ ۾ به ائين ئي ماڻهن سان ڳالهائيندو رهيو آهي. پر هن جا هميشه اجرڪن ۽ هار پائڻ وارا فوٽو پاڻ سان گڏ کنيل ڪئميرا واري جا نڪتل پيو ڏسندو رهيو آهي. پر هيءَ سڀ ڪجهه هن پهريون ڀيرو ڏٺو آهي. سوشل ميڊيا جي دور واري هن بلدياتي اليڪشن ۾ صحافي به ٻه ٽنگو ڦاسي پيو آهي. جيڪو فوٽيج رکي ٿو يا لکي ٿو، ان وقت ٺهه پهه جواب مليس ٿو. اهو ليک ان وڏيري کي خوش ڪرڻ لاءِ جيئن ئي ٿو فيس بوڪ تي رکي، سندس وڏيرو جيستائين ڏسي اوستائين هن جي لکيل ليک تي وٺ وٺان ٿي چڪي هوندي آهي. هل ڪوڙا، ڪوڙيون خبرون ڏيو، ڪوڙن کي پيو کٽرائين. ان اميدوار جي ته ضمانت ئي ضبط ٿي ويندي. رڍ رڍ جي پويان هلندي آهي. پوءِ ته فيس بوڪ تي ڪوڙو ليک، ڪوڙو ليک ٿي چڪو هوندو آهي ۽ ٻيا وري سئو سيڪڙو ايگري ۽ ايگري وارن جي وٺ وٺان ٿيل هوندي آهي. سوشل ميڊيا ان کان اڳ ۾ صفا چٽو ۽ وائکو ته سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر (جنهن جي مائٽائي لائبريريءَ جو سنڌ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي) جي اها ڌمڪي جيڪا ووٽر کي چئي، پيو ته آئون اوهان جي ووٽن تي مٽان به نه، ٻيو وڏيرو به ووٽن لاءِ غيراخلاقي ٻولي پيو استعمال ڪري. اهو اڳواڻ ايم پي اي ٿيڻ کان اڳ ۾ آبپاشي کاتي ۾ سپرٽينڊينٽ انجنيئر طور پبلڪ سرونٽ رهيو آهي. هنن جي لاءِ مشهور ڪيل آهي ته هن جي اوطاق تي روزاني سوين مهمان يا بکايل ماني کائيندا آهن. هڪ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر آهي ۽ ٻيو اڳواڻ ايم پي اي. هنن اهو سڀ ڪجهه کلي عام ڪيو آهي. سندن اهڙي ڪارروائي سوشل ميڊيا ۾ وائرل ٿي چڪي آهي. پر حيرت آهي، ان عظيم پارٽيءَ تي، جنهن جي بانيءَ پارٽي جي خاص نعري ۾ “طاقت جو سرچشمو عوام آهي” ڄاڻايو هو . پر ان پارٽيءَ جي ليڊرشپ کين ڪوبه نوٽيس نه ڏنو آهي. عوامي سطح تي ان پارٽيءَ جي ليڊرشپ کان ڪٿي اهڙو پڇاڻو به ڪيو ويو آهي.
مئي 1999ع ۾ جاتيءَ ۾ سامونڊي طوفان آيو هو. ميان نواز شريف ملڪ جو وزير اعظم هو. ٺٽو، جاتي، سجاول ۾ متاثرن لاءِ امدادي ڪارروايون زور شور سان هلندڙ هيون. مختلف پارٽين ۽ سماجي تنظيمن پاران متاثرن ۾ امداد ڏني وئي پئي. متاثرن جي روپ ۾ به سوين ماڻهو ۽ عورتون هر هنڌ امداد جي حاصلات لاءِ پهتل هيون. ان زماني ۾ ٺٽي ۾ ايم ڪيو ايم جي وڏي امدادي ڪئمپ لڳايل هئي. ٺٽي ۾ ايم ڪيو ايم جي امدادي ڪئمپ جو انچارج به ٺٽي جو مقامي سنڌي هو. ان انچارج هڪ ڀيري امداد وٺڻ لاءِ آيل هڪ عورت کي چماٽ هڻندي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ گهلي ڪيمپ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. انچارج جو دليل هو ته اها مائي روزاني امداد وٺڻ لاءِ ٿي پهچي. پر ڪجهه ڪلاڪن ۾ ايم ڪيو ايم جي هيڊ آفيس نوٽيس وٺي، ان انچارج کي معطل ڪري مٿس انڪوائري ويهاري ڇڏي ته ايم ڪيو ايم جي امدادي ڪئمپ ۾ متاثرن تي تشدد ڇو ڪيو ويو.
انفارميشن جي اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي ڏنل تازي هڪ انٽرويو ۾ سوشل ميڊيا بابت ڳالهائيندي چيو، پاڪستان جي ستر پنجهتر سالن جي جيڪا تاريخ آهي، ان ۾ انفارميشن جو ڊومين فقط انٽيليجنس ادارن جي ڪنٽرول ۾ رهيو آهي. سڄي انفارميشن تي انهن ادارن جي هڪ هٽي هئي. اهي ادارا انهيءَ انفارميشن کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪندا هئا. ان ڪري اهي ادارا ٻين ادارن جي مقابلي ۾ وڌيڪ طاقتور هئا. پر هاڻ ڇا ٿيو آهي، جو سوشل ميڊيا جي اچڻ کان پوءِ انهن ادارن جي انفارميشن تي موجود هڪ هٽي ختم ٿي وئي آهي. هاڻ انفارميشن عوامي سطح تي هلي وئي آهي.
آمريڪي صدر اباما 2013ع ۾ اها ڳالهه ڪئي هئي ته سوشل ميڊيا جي انقلاب کان پوءِ حڪومتن لاءِ وڏو مسئلو بنجي ويو آهي ته عوامي سطح تي پهتل انفارميشن کي حڪومت ڪيئن پهچي سگهندي. جڏهن سوشل ميڊيا جي ساک جي سوال تي ڳالهه ٿي ڪجي ته سچ يا ڪوڙ بابت کڻي فيصلو ڀلي جج ڪندو، پر جيڪو پليئر آهي، جنهن بابت سوشل ميڊيا ۾ اشو وائرل ٿي چڪو هوندو آهي، ان کي ته خبر آهي نه، ته هن ته اهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي. ان جو چٽو ٿيڻ عوامي سطح تي وڏو انقلاب آهي. ان ڪري سوشل ميڊيا عوامي سطح تي انقلاب آڻي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button