سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ٻن مرحلن ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. هڪ مرحلو گذريل ڏينهن مڪمل ٿيو. ٻيو مرحلو اڃان ٿيڻو آهي. پر پهرين مرحلي مان سموري سنڌ سان گڏ اسان جيڪي منظر ڏٺا، ڇا اهي جمهوري چونڊن جا هئا؟ ڇا ان معاملي کي اصولي طور تي ”مڪاني چونڊ“ چئي سگهجي ٿو؟ اها مڪاني چونڊ ته نه هئي. اها مڪاني لڙائي ضرور هئي. اها مڪاني لڙائي، جنهن ۾ هڪ ئي پاڙي ۽ هڪ ئي ڳوٺ جا ماڻهو هڪ ٻئي جي مٿان جهڙي طرح لٺيون وسائي رهيا هئا، اهو سڀ ڪجهه تمام برو هو. پولنگ اسٽيشنن ۽ بوٿن جي اندر جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو هو، ان جا منظر اذيتناڪ هئا. جڏهن ته اها مڪاني ادارن جي چونڊ هئي. ان ۾ هيٺين سطح جا سرڪاري اختيار ملڻ جو مقابلو هو. جڏهن سنڌ جا وڏيرا پنهنجن واٺن کي ان سطح جو مال ميڙڻ ۾ به ان حد تائين استعمال ڪرڻ لاءِ تيار آهن ته پوءِ سوچيو، وڏي يعني قومي چونڊ ۾ هي ڪهڙا ڪلور ڪندا؟ جڏهن نالي ۽ صفائي ۽ زڪوات جي حوالي سان جاري ٿيندڙ فنڊن تي انهن جي حرص جي حد اها آهي ته پوءِ اڳتي ڇا ٿيندو؟
اهو سڀ ڪجهه صرف لکڻ ۽ پڙهڻ واري سنجيده طبقي جي لاءِ باعث تشويش نه هجڻ گهرجي. هي قومي ۽ سماجي مسئلو آهي. هي اسان جو بنيادي مسئلو آهي. هي اسان جي پاڙن، ڳوٺن ۽ گهرن جي گڏجي رهڻ جو سوال آهي. جيڪڏهن بلدياتي چونڊن ۾ اهي پاڙيسري هڪ ٻئي جا نه صرف پٽڪا لاهيندا پر هڪ ٻئي جا مٿان به ڦاڙيندا ۽ هڪ ٻئي کي ڪچيون گاريون به ڏيندا ۽ هڪ ٻئي جون ٽنگون به ڀڃندا ته پوءِ اهي انهن محلن ۽ انهن وستين ۾ کيرکنڊ ٿي ڪيئن رهي سگهندا؟ انهن جا پاڻ ۾ تعلقات جيڪڏهن ان حد تائين خراب ٿي ويندا جو انهن جا هڪ ٻئي مٿان ڪيس داخل هجن ۽ هو هڪ ٻئي جو منهن ڏسڻ جي لاءِ تيار نه هجن ته اڳتي هلي ڇا ٿيندو؟ ڇا معاشرا ائين هلندا آهن؟ ائين ته انهن پرتشدد راندين ۾ به نه ٿيندو آهي، جن ۾ رانديگر هڪ ٻئي کي سٽيندا ۽ ڪٽيندا آهن. جن ۾ رانديگر هڪ ٻئي جا عضوا کارڻ لاءِ به تيار هوندا آهن. ان مقابلي کان پوءِ به جيڪو رانديگر کٽي ويندو آهي، اهو هارائيندڙ رانديگر سان هٿ ملائيندو آهي ۽ هن کي مبارڪ ڏيندو آهي. ڇو؟ ڇو ته اهو مقابلو راند جي اصولن جي مطابق هوندو آهي ۽ ان ۾ ڪنهن کي به اها اجازت نه هوندي آهي ته هو Blow the Belt hit ڪري، يعني هو سندي جي هيٺان وار ڪري سوڀارو ٿئي. جڏهن باڪسنگ، ڪراٽي ۽ ڪشتيءَ جهڙين راندين ۾ اصولن کي لتاڙيو نه ٿو وڃي ته پوءِ جمهوري چونڊن ۾ اهو ڪجهه ڇو ڪيو ويو، جنهن کي ڏسي جمهوريت سان اهو حشر ٿيندو نظر آيو، جيڪو ورهاڱي جي پس منظر ۾ لکيل سعادت حسن منٽوءَ جي ڪهاڻين ۾ لاچار ۽ مخالف مذهب جي مردن وٽ يرغمال عورتن سان ٿيندو آهي.
گذريل ڏينهن سنڌ جي لاءِ تمام گهڻي تلخ تماشي جهڙو ڏينهن هو. اهو هڪ اهڙو مارڌاڙ سان ڀرپور ڊرامو هو، جنهن کي هڪ ٻه نه پر هزارين ڪيمرائون هر هنڌ کان رڪارڊ ڪري رهيون آهن. اڳ ۾ ان قسم جي ڳالهين کي صرف الزام چئي رد ڪيو ويندو هو پر هن ڀيري ته هر ڪنهن جي آڏو اهي منظر پيش ٿي رهيا هئا، جن کي ڏسي تمام گهڻي تڪليف پهچي رهي هئي. ڇو ته مڪاني چونڊن جي ان مرحلي ۾ ڀاءَ کي ڀاءَ سان ويڙهايو پئي ويو. جيڪي انسان صدين کان ساڳين ڳوٺن ۽ شهرين ۾ هڪ گهر وانگر رهن ٿا، انهن کي پاڻ ۾ ان حد تائين اٽڪايو ويو جو انهن هڪ ٻئي جا پراڻا پيار وساري ڇڏيا. انهن جي اکين ۾ صرف ۽ صرف نفرت ۽ وحشت هئي. جيڪڏهن سياست جي نالي ۾ سنڌ کي اهڙو زهر پيارڻ ضروري آهي ته ان کان سنڌ غيرسياسي سٺي! سياست سماج کي ميڙڻ سيڙڻ ۽ سڌارڻ سنوارڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي. سياست جو مطلب اهو نه هوندو آهي ته ساڳين ڳوٺن ۽ پاڙن ۾ رهندڙ ماڻهن کي نه صرف هڪ ٻئي کان پري ڪيو وڃي پر انهن جي وچ ۾ دشمنيءَ جي اهڙي ديوار قائم ڪئي وڃي، جنهن کي ڊاهڻ جي لاءِ تمام وڏي محنت واري ڪوشش ڪتب ايندي ۽ اهو به ان مهل ٿيندو، جڏهن ان ديوار جي ڊهڻ جو مرحلو ايندو، هن مهل تائين ته اها ديورا اڳ کان بلند ٿي رهي آهي.
مڪاني چونڊن جو اهو مرحلو جيڪو تمام گهڻي تشدد سان لبريز هو، جنهن ۾ جيڪو آيو، تنهن پنهنجو پٽڪو لهرايو، ان ۾ آخر قانون نافذ ڪرڻ وارن جو به ڪو فرض هو يا نه؟ اسان جي پوليس جو فرض فقط ايترو هو جو هو سرڪاري سٿ کي فردن جي اشارن تي مخالفن کي ٿاڻن تي ويهاري انهن کان فونون ڦري رهيا هئا ته جيئن انهن جي ڪا فرياد عوام تائين نه پهچي. ڇا پوليس ٻڌائي سگهندي ته هن گذريل ڏينهن سرڪاري ڌر جا ڪيترا همراهه قانون جي لتاڙ جي الزام ۾ ٻڌا ۽ ڪيترن جي مٿان پنهنجي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيا؟ جڏهن ته وڊيو ثبوت موجود آهن. اهڙا وڊيو ثبوت، جن ۾ چهرا به اڻ چٽا ناهن. جن ۾ هڪ هڪ شيءَ صاف شفاف نظر اچي رهي آهي ته ڪهڙو مرد عورتن جي ڪهڙي پولنگ اسٽيشن اندر داخل ٿي رهيو آهي ۽ هو سرڪاري ڊيوٽي ڪندڙ نياڻيءَ کي ڪهڙي طرح حراسان ڪري رهيو آهي؟ اهو سڀ ڪجهه ثبوتن سميت موجود آهي پر جنهن کي جيڪي احڪامات مليل هئا، اهي انهن کان نه رڳو تر جيترو پوئتي نه هٽيا بلڪه انهن پنهنجو نالو پروموشن واري لسٽ “۾ لکرائڻ لاءِ ٻه قدم اڳتي وڌي اهي ڪارناما ڪري ڏيکاريا، جن تي قانون ۽ انصاف جو ڪنڌ هيٺ آهي. اهو تمام وڏو الميو هو.
اهو سڀ ڪجهه ڇا ٿي رهيو هو؟ اهو سڀ ڪجهه معاشري کي منتشر ڪرڻ جو بندوبست ٿي رهيو هو. اها گهر گهر ۾ جهيڙو وجهرائڻ ۽ گهٽي گهٽيءَ کي هڪ ٻئي جو مخالف بڻائڻ جي شرمناڪ سازش نه هئي ته ٻيو ڇا هو؟ ان سازش ۾ اسان جي بيروڪريسي مڪمل طور تي ملوث هئي. ان جي ڀرپور سهڪار سان سنڌ واسين کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جو جيڪو ڊرامو حقيقت ۾ تبديل ٿي رهيو هو، ان جي پويان ڪنهن جا هٿ هئا؟ اسان ڪامورن جي مٿان ڪهڙي ڪاوڙ ڪريون؟ ضمير ۽ شعور وڪڻي ڪرسي وٺڻ وارن کي ڇا چئون؟ سمورو ڏينهن ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ماڻهن جي حقن تي ڪاغذي ڌاڙا هڻڻ وارن تي ڪهڙي تنقيد ڪريون؟ جڏهن ته اسان کي اهو به معلوم آهي ته ملڪ جا اڪثر ڪامورا غير سنڌي آهن ۽ انهن کي سنڌ جي باري ۾ احساس جو ذرو به آخر ڇو محسوس ٿيندو؟ پر جيڪي اسان جا پنهنجا آهن. جيڪي سنڌ جي ڦرلٽ سنڌي ڳالهائي ڪن ٿا. اهي به ڌارين کان گهٽ ناهن. جيڪي پنهنجي وجود کي بهتر بڻائڻ جي سلسلي ۾ اهو پهاڪو پيش ڪندا آهن ته ”پنهنجو ماري ڇانو ۾ رکي“
سنڌ ۾ ماراماريءَ سان ڀرپور ان مڪاني ادارن جي پهرين مرحلي ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو اهو سنڌ جي سماج کي گراس روٽ ليول تائين ورهائڻ جي سنگين سازش آهي. سياست جو مطلب ماڻهو ٽوڙڻ نه پر ماڻهو جوڙڻ هوندو آهي. پر اهو احساس ۽ اها سمجهه انهن سياستدانن ۾ هوندي آهي، قوم جي ماضيءَ جي ڄاڻ رکندا آهن. جن جي حال تي گهري نظر هوندي آهي. جيڪي قوم جي مستقبل جي باري ۾ تمام گهڻو پريشان هوندا آهن. انهن جي نظر ۾ قوم جو وجود ڪرسين کان وڌيڪ اهم هوندو آهي. هو قوم جو قد ڪرسين سان نه ماپيندا آهن. انهن جي نظر ۾ اهم ڳالهه پنهنجي نه قوم جي ڪاميابي هوندي آهي. بلڪه هو قوم جي ڪاميابيءَ کي ئي پنهنجي ڪاميابي سمجهندا آهن. جڏهن قوم عذاب ۾ هوندي آهي ته هو تڪليف محسوس ڪندا آهن. جڏهن قوم سک ۾ هوندي آهي ته انهن کان ڏک وسري ويندو آهي. جن سياسي اڳواڻن جو قوم ۽ عوام سان اهڙو رشتو هوندو آهي، اهي ٽڪي جي سيٽ لاءِ ڀاءَ کي ڀاءَ سان نه وڙهائيندا آهن. اهي گهر گهر ۾ دشمنين جا بنياد نه وجهندا آهن. اهي ويڇا وڌائيندا ناهن. اهي ويڇا گهٽائيندا آهن. پر هن مهل سنڌ تي حڪومت ڪندڙ جنهن سياسي پارٽيءَ جو مجموعي ڪردار آهي، ان ۾ اهڙي ڪنهن به دانش مندي ۽ محب وطنيءَ ۽ سنڌ دوستيءَ جي ڪا به سهراڻ محسوس ڪري نه ٿي سگهجي. ڇو ته جڏهن ننڍي چونڊ کٽڻ جي لاءِ وڏي پارٽيءَ جا وڏا ليڊر وڏن معاملن کي ڇڏي لاڙڪاڻي ۾ ويهي رهن ته پوءِ هر حال چونڊ کٽڻ واري ريس ۾ اهو ڪجهه ته ٿيندو.
مڪاني ادارن جي چونڊ ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي اهو اوچتو نه هو. اهو ڪو حادثو نه هو. جڏهن ته حادثي جي حوالي سان به اهو چيو ويندو آهي ته وقت حادثي جي سبب جي پرورش سالن کان ڪندو ايندو آهي ۽ حادثو اچانڪ نه ٿيندو آهي. پر اهو ڪجهه جيڪو گذريل ڏينهن نظر آيو. جيڪو فساد ۽ تشدد جي صورت ۾ اسان ڏٺو، اهو ته تمام گهڻي پلاننگ جو نتيجو هو. ان ۾ وڏي رٿابنديءَ جو عمل دخل هو. جيڪڏهن اهو ڪجهه نه هجي ها ته مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو ايتري پرتشدد ڪارروائين جو ڪڏهن به نه وسري سگهندڙ باب نه بڻجي ها.
اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿيو؟ اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ڪري ٿيو جو اسان جي سياست مان مجموعي طور تي اهو احساس نڪري ويو آهي، جنهن احساس سان قومون تاريخ جا مرحلا عبور ڪنديون آهن. هن وقت سياست ڪرپشن جو هڪ اهڙو ڪاروبار بڻائي وئي آهي، جنهن ۾ جنهن کي جيترو هٿ لڳي ٿو، اهو ايترو کڻي ڀڄي ٿو. جڏهن بازار ۾ لٽ مار شروع ٿئي، تڏهن ڪاروبار جو ڪير پڇا ڪندو؟ اهو سڀ ڪجهه ڪرپشن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جي ڪوشش کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هو. اهي سنڌ جا سياسي زخم هئا. جن جي مٿان انهن لفظن جو لوڻ ٿي ٻرڪيو ويو ته سنڌ ۾ بنيادي جمهوريت کي مستحڪم ڪيو ٿو وڃي. ڪرپشن جي ڪات سان لڳل زخم مٿان جمهوريت جو لوڻ ٻرڪڻ جو ڪارنامو به اهڙا حڪمران ئي ڪري سگهن ٿا.