ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

گستاخ محبت -III

Editorial-Article-Kareem Channa

دليل:
ڪهاڻيءَ جو محور مرداڻي هم جنسيت آهي. ان لاءِ ليکڪ کي ڪي سگهارا دليل ڏيڻ جي لازمي ضرورت پيش آيل آهي. هتي ڪهاڻيءَ منجهان ڪي اهڙا دليل پيش ڪجن ٿا، جيڪي هم جنسيت کي سگهارو ۽ اثرائتو بڻائڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ پيش ڪيا ويا آهن.
-1″هنن بد ذوق ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته حسن، محبت ۽ زندگي جو فلسفو ڇا آهي؟ هي ماڻهو محبت ۽ حسن کي جنس، رنگ، ذات ۽ مذهب تائين محدود رکندڙ آهن. جڏهن ته محبت ۽ حسن کي ڪنهن جنس، رنگ ۽ مذهب تائين محدود نه ٿو رکي سگهجي.” (جهانگير _ ص 4( ليکڪ پاران هم جنسيت جي مخالفن کي بد ذوق سڏيو ويو آهي. هي جملن کي اثرائتو بڻائڻ ۽ هم جنس عمل کي موهيندڙ ۽ وڻندڙ عمل بڻائڻ لاءِ استعمال ٿيل لفظ آهي. محبت کي جنس، رنگ، ذات پات ۽ مذهب کان مٿانهون قرار ڏيڻ انتهائي اهم دليل آهي. هن مان روشن خياليءَ جي جهلڪ ملي ٿي. -2″تنهنجي عقل جي پرورش اهڙي ماحول ۾ ٿي آهي جتي محبت دائرن ۾ قيد آهي. تون جڏهن دائرن مان ٻاهر نڪرندين ته محبت کي هڪڙي جنس تائين محدود ڪرڻ واري دقيانوسي سوچ مان نڪري ڪنهن هٺيلي وجود اڳيان سجدو ڪندين.” (جهانگير _ ص 4(
هتي به محبت کي هڪ جنس يعني عورت تائين محدود ڪرڻ کان روڪيل آهي. ٻيو اهم نقطو “هٺيلو وجود” جو ذڪر آهي. ڪهاڻيءَ ۾ هي اصطلاح کوڙ جاين تي ڪتب آيل آهي ۽ هر ڀيري ان مان مراد ڇوڪرن جي وجود جي ورتل آهي. جڏهن ته هٺيلو وجود ڪنهن ناريءَ جو به ٿي سگهي ٿو ۽ ان کي به شديد محبت سان سجدو ڪري سگهجي ٿو. ان حساب سان هٺيلو وجود جو استعمال درست استعمال ڪيل معلوم نه ٿو ٿئي.
-3″عورت کي سمجهڻ ۽ ريجهائڻ ڏکيو آهي….عورت کي بهتر عورت ئي سمجهي سگهي ٿي. ساڳي ريت مرد جي جذبن، احساسن، ذوق ۽ شوق کي فقط مرد ئي سمجهي سگهي ٿو.” (پير بخش_ص 7(
جيڪڏهن عورت کي عورت ئي بهتر سمجهي سگهي ته عورتن جا پاڻ ۾ جهيڙا ئي نه ٿين. عورت جو عورت سان ساڙ انتهائي گهڻو هوندو آهي. جيڪڏهن اهي هڪ ٻئي کي بهتر سمجهندڙ هجن ته اهو عورتاڻو ساڙ ۽ جهيڙا ئي نه ٿين. ٻيو وري اهو ته جيڪڏهن مرد ٻئي مرد کي بهتر سمجهندڙ هجي ته پيءُ ۽ پٽن، سڳن ڀائرن ۽ دوستن ۾ جهيڙا نه ٿين. هتي اهو ذهن ۾ رکجي ته ڪي مرد عورتن کي وڌيڪ سمجهندا آهن ۽ ڪي عورتون مردن جي نفسيات کي گهڻو سمجهنديون آهن. جڏهن ته ڪي مرد وري مردن کي ۽ ڪي عورتون وري عورتن جي نفسيات کي گهڻو سمجهنديون آهن. اصل مسئلو انساني نفسيات کي سمجهڻ جو آهي. ڪنهن مرد پاران انساني نفسيات کي سمجهي نه سگهڻ کي عورتن کي نه سمجهڻ جو الزام نه ٿو هڻي سگهجي.
4-“اسان سڀ فطري طور هم جنس پرست هوندا آهيون پر سماجي قدرن ۽ لاڙن اسان کي پنهنجي جنس سان نفرت ڪرڻ سيکاريو آهي.” (پير بخش-ص 7(
هتي فطرت کي آڏو رکيو ويو آهي. جيڪڏهن فطرت کي ان اصول تي استعمال ڪجي ته ساڳي جنس وارا پاڻ ۾ محبت ڪندڙ آهن ۽ مخالف جنس سان محبت ڪرڻ غير فطري عمل ٿيندو ته اهو دليل خود فطرت جي ئي ابتڙ آهي. ڇاڪاڻ ته فطرت جو اهم ڪم نسل جي پيدائش ۽ واڌ ويجھه آهي، جيڪا نسل جي بقا لاءِ لازمي آهي. هاڻي نسلن جي واڌ ويجھه مخالف جنس سان جنسي عمل کانسواءِ ناممڪن آهي. هم جنس محبتن ۽ جنسي عملن مان نسل جي واڌ ويجھه هرگز ناهي ٿيڻي. جيڪڏهن هم جنس محبت فطري قرار ڏئي سموري انسانذات کي هم جنسيت تي هلائجي ته ايندڙ ڪجهھ ڏهاڪن ۾ ئي انساني نسل ختم ٿيڻ شروع ٿي ويندو، جيڪو فطري طور نسلن جي واڌ ويجهھ واري عمل خلاف ٿيندو. ان ڪري هي دليل انتهائي ڪمزور آهي.
-5″جيڪو شخص هم جنس محبتن تي ٺٺوليون ڪندو هجي، اهو شخص ٻلن ۽ ڪتن واري نسل مان ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ٻلو ٻلي جو ويري هوندو آهي، ڪتو ڪتي جو ويري هوندو آهي.” (پير بخش- ص 7(
اصل ۾ چوڻيءَ موجب ساڳئي شعبي وارا ٻه فرد هڪ ٻئي کي برداشت ناهن ڪندا، ان ڪري اهو چيو ويندو آهي ته ‘ٻلو ٻلي کي نه سهي” اهو به چيو ويندو آهي ته “پٽي ڀائي پٽي ڀائيءَ کي نه سهي”، يعني ساڳي مزاج ۽ لاڙي وارا ٻه فرد هڪ ٻئي کي پنهنجو ويري سمجهندا آهن. سندن خيال موجب جيڪڏهن مخالف نه هجي ها ته سمورو لاڀ مون کي ئي ملي ها. ان حساب سان هي دليل به ڪمزور محسوس ٿئي ٿو.
-4″هم جنس پرستي ڪيفيتن، احساسن، تڙپ جي وادي آهي. هتي صرف اهو روح ڀٽڪي سگهي ٿو جنهن کي ڪنهن سهڻي نوجوان جو بدن انب جيان رسيلو ۽ کٽڙو لڳي.” (ديپڪ – ص 14 ۽ 15(
هتي سوال هي آهي ته ڇا مخالف جنس واري محبت ۾ شديد ڪيفيتون، احساس، تڙپ پيدا نه ٿيندي آهي؟ ڇا ڪنهن نوجوان ناريءَ جو جسم رسيلو، پرڪشش ۽ موهيندڙ ناهي هوندو؟ جيڪڏهن ناريءَ جي محبت ۾ اهي شديد احساس، تڙپ، ڪشش، رس ۽ چس نه هجي ته پوءِ ان دليل کي مڃڻ تي اعتراض نه ڪجي ها.
-7″مرد عورت سان مڪمل محبت ناهي ڪندو، نه ئي عورت مرد سان ڪامل محبت ڪندي آهي. ڪامل محبت ڪرڻ لاءِ هڪ جهڙو سرير ۽ روح هجڻ ضروري آهي.” (سورج- ص 79(
لڳ ڀڳ سمورا دليل هڪ رخا آهن، يعني شين کي هڪ پاسي کان ڏسڻ وارا دليل آهن. مرد ۽ عورت جي محبتن جي تڪميل ۽ هڪ ٻئي کي پنهنجي وجودن جي ڪاملتا تي پهچڻ جهڙا کوڙ اعتراف ۽ ثبوت سامهون آهن. ان صورت ۾ اهو چوڻ ته مرد ۽ عورت جي محبت مڪمل يا ڪامل ناهي ته اهو هڪ نجي خيال ته ٿي سگهي ٿو پر عالمي مڃتا ماڻڻ وارو دليل نه ٿو ٿي سگهي.
-8″ها، باقي ڪو به هوس پرست شخص هم جنس پرست نٿو ٿي سگهي، جيڪڏهن ڪو جنوني شخص، ڪنهن رسيلي بدن لاءِ لڇي ٿو، پاڻ کي وڍي ٿو ته اهو لقاءُ سندس وحشي منڙي جو ناٽڪ آهي، محبت نه.” (سورج-ص 58(
هتي اهو اعتراض ٿو اٿي ته ڇا نارين سان هوس جي مقصد سان پيار جو ڏيکاءُ ڪندڙ فرد محبت ڪندڙ شمار ٿيندو يا ناٽڪ ڪندڙ!؟ هم جنسيت جي حمايت ۾ مٿيون دليل ساڳي ريت مخالف جنس تي به لاڳو ٿئي ٿو. ان ريت جيڪو دليل مخالف جو به هڪ جيترو مددگار بڻجي اهو سگهارو يا اثرائتو دليل نه پر ڪمزور ۽ بي لاڀ شمار ٿيندو.
-9″هم جنس رومانس ۾ جيترو سُرور سمايل هوندو آهي، ايترو ڪنهن اڻ ڇهيل افغاني دوشيزه جي هٿن سان تيار ڪيل انگوري شراب منجھه به ڪونهي. سو هم جنس پرست ئي چمين ۽ ڀاڪرن جي تاريخ لکي سگهن ٿا.” (ص 78. سورج پاران ڊائريءَ ۾ لکيل احساس(
سٽون پڙهڻ سان ڏاڍيون شاعراڻيون ۽ اثرائتيون محسوس ٿين ٿيون. پر هنن سٽن جو رد ناول ۾ ئي موجود آهي، اهو ائين ته سورج ڪنهن به ناريءَ سان محبت ۽ جنسي عمل جي تجربي مان نه گذريو آهي ۽ نه ئي هن ڪنهن افغاني دوشيزه جي صحبت ۾ ويهي ان جي هٿن سان تيار ڪيل انگوري شراب واپرايو آهي. ان ڪري هي فقط خيالي هام ئي شمار ڪبي، ان جو حقيقت تي ٻڌل تجربي سان ڪو واسطو ناهي. هي فقط احساسن کي شدت ڏيڻ وارو وڌاءُ چڙهاءُ وارو عنصر شمار ٿيندو. ان ريت جنهن دليل ۾ تجربي ۽ حقيقت تي ٻڌل عنصر موجود نه هجي ته اهو ڪمزور شمار ٿيندو ڇاڪاڻ ته نجي خيال ۽ راءِ تي ڏنل دليل سان ٻين جو سهمت هجڻ ۽ مڃائڻ مشڪل هوندو آهي.
)هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button