ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

دوائن جي هٿرادو کوٽ

Editorial

ملڪ ۾ جنهن اسم جي کپت وڌڻ لڳندي آهي، ان اسم کي غائب ڪرڻ جو ڪم شروع ٿي ويندو آهي. پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن ۾ بحران پيدا ٿيڻ عام ڳالهه آهي. بحران کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي به تجويزون ڪونه ڏنيون وينديون آهن پر بحران پيدا ڪرڻ لاءِ ڪئين وسيلا ڪتب آندا ويندا آهن. انهن بحرانن جي ڪري عام ماڻهوءَ جي زندگي سخت متاثر ٿيندي آهي. ڪڏهن عوام ڪڻڪ جي بحران کي منهن ڏيندو آهي، ڪڏهن توانائي بحران کي منهن ڏيندو آهي ته ڪڏهن وري پاڻيءَ جي بحران کي ۽ هاڻ وري دوائن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي. اهي دوائون جيڪي عام استعمال جون آهن، انهن جي به مارڪيٽ ۾ کوٽ لڳي پئي آهي ۽ اهي اڻ لڀ ٿي ويون آهن. جنهن جي ڪري عوام کي پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو پيو پوي، جڏهن ته دوائون انساني صحت لاءِ بنهه گهڻيون ضروري آهن. لکين ماڻهو آهن، جيڪي روزاني جي بنياد تي دوائن جو استعمال ان ڪري ڪندا آهن ته جيئن انهن کي بيمارين مان ڇوٽڪارو ملي يا وري سندن حياتي بچي وڃي پر اسان جي ملڪ ۾ نه رڳو دوائن کي عام ماڻهوءَ جي پهچ کان پري ڪيو ويو آهي پر جيڪي دوائون موجود آهن، انهن کي به غائب ڪيو ويو آهي. جنهن سان مريضن کي ڪيتري تڪليف ٿيندي هوندي، ان جو اندازو حڪومت کي ناهي. ڪجهه ڏانهن کان ملڪ ۾ عام استعمال ۾ ايندڙ گوريون دوائون ڪونه پيون ملن.
ملڪ ۾ حياتي بچائيندڙ ڪيترين ئي دوائن جي کوٽ ٿي وئي آهي. تفصيل موجب ملڪ ۾ ڊالر جي وڌندڙ ملهه جا ناڪاري اثر دوائن تي به پوڻ لڳا. ڪراچيءَ ۾ دوائن جو هٿرادو بحران وڌي ويو. ذريعن موجب فارما ڪمپنين دوائن جو ريٽ مقرر نه ڪرڻ تي ڪيتريون دوائون مارڪيٽ مان پاڻمرادو شارٽ ڪري ڇڏيون. مٿي جي سور ۽ لڱن ۾ سور جي دوا پيناڊال مارڪيٽ ۾ اڻلڀ ٿي وئي، ان کان سواءِ ڪراچي ۾ پيراسيٽا مول فارمولي جون سموريون دوائون اڻلڀ ٿي ويون، جڏهن ته اسپرين ۽ عورتن جي مرضن جي دوا پريميلوٽ اين به مارڪيٽ مان گم ٿي وئي آهي، ڪيترن ئي ميڊيڪل اسٽورن تي پيناڊال بليڪ ۾ 60 کان 70 رپيا في پتو وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڊيوفاسٽون مارڪيٽ ۾ 390 بدران 490 ۾وڪرو ٿيڻ لڳي، ذهني سڪون ۽ ننڊ جي دوا زينيڪس به مارڪيٽ ۾ موجود نه آهي. شديد الرجي جي دوا ڊيڪسا ميٿازون سميت ٻيون دوائون به مارڪيٽ مان غائب آهن، ان کان سواءِ سنڌن جي تڪليف، سهڪي، ڪينسر جون دوائون مارڪيٽ ۾ دستياب نه آهي، دل جو دورو روڪڻ، ڦڦڙن جي انفيڪشن جي دوا به عوام کي نٿي ملي. رت رجائيندڙ دوا به ميڊيڪل اسٽور مان غائب ٿي وئي آهي، شگر، دل ۾ ساڙو، بلڊ پريشر، هيپاٽائيٽس جي دوا جي کوٽ آهي، 40 کان وڌيڪ دوائون جي کوٽ سبب مريض سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. پاڪستان فارماسوٽيڪل مينوفيڪررز چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي سيلز ٽيڪس جي ڪري ڪچي مال جي امپورٽ رڪجي وئي آهي ۽ دوائن جي پيداواري لاڳت ۾ اضافو ٿيو آهي. پاڪستان فارما سوٽيڪل مينوفيڪچرر پاران ٻڌايو ويو ته سيلز ٽيڪس ختم ٿيڻ تي ئي دوائن جي مينوفيڪچرنگ ممڪن آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هيءَ دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين جي هڪ هٽي آهي، جنهن جي ڪري اهي مارڪيٽ مان دوائون غائب ڪري پنهنجي مرضيءَ جا اگهه مقرر ڪرائڻ چاهين ٿيون، پر اها حڪومت جي ذميواري آهي ته اها اهڙن بليڪ ميلرن کي عوام جي زندگين سان کيڏڻ جو موقعو نه ڏئي، انهن خلاف ڪارروائي ڪري ۽ دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين جي مالڪن کي ان ڳالهه جو پابند بڻائي ته اهي ڪنهن به ريت پنهنجي مرضيءَ موجب نه ته دوائن جا اگهه مقرر ڪري سگهن ٿيون ۽ نه ئي مارڪيٽ ۾ موجود دوائن کي غائب ڪرائي سگهن ٿيون. ڇاڪاڻ ته هي معاملو انساني حياتين جو آهي. جيڪڏهن هي سلسلو ائين هلندو رهيو ته ڪيترائي مريض پنهنجون حياتيون وڃائي ويهندا. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ ۾ جتي جتي به دوائن جي کوٽ لڳي پئي آهي، انهن کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪومت عملي اپاءَ وٺي ۽ عوام کي سستيون ۽ معياري دوائون فراهم ڪرڻ ۾ دير نه ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button