سنڌ

باڊهه ۾ يوٽيلٽي اسٽور تان سامان غائب هجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

باڊهه يوٽيلٽي اسٽور تان اڪثر گيهه، کنڊ سميت ٻيو سامان غائب رهي ٿو. باڊهه شهر جي يوٽيلٽي اسٽور تان گيهه ۽ کنڊ غائب هجڻ سبب باڊهه جي رهواسين طارق جوڻيجو، معشوق چانڊيو، جاني سومرو، خادم سومرو، شهاب الدين ڪولاچي ۽ صابر بروهي دانهيندي چيو آهي ته يوٽيلٽي اسٽور ڪيپر ونود عرف ونو ڪمار غريبن لاءِ آيل سامان پنهنجي ڀاءُ جي دوڪان تي اسٽور ڪرڻ سميت واپارين کي منافعي عيوض ڏئي رهيو آهي، جنهن سبب عام ماڻهو کي يوٽيليٽي اسٽور تان سامان نه ملي رهيو آهي. هنن چيو ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ نٽهڻ اس ۾ بيهي اسٽور تي پهچڻ شرط ٻڌايو وڃي ٿو ته گيهه ۽ کنڊ ختم ٿي چڪي آهي. هنن چيو ته اسان مزدور ماڻهو سڄو ڏينهن مزدوري ڪري شام جو 500 روپيا ڏهاڙي کڻي دوڪان تي وڃون ٿا ته گيهه جي ٿيلهي به نٿي ملي. هنن چيو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته مزدور جي قيمت هڪ ليٽر گيهه جي ٿيلهي جيتري به ناهي ته پوءِ اهڙي حڪومت کي ٻڏي مرڻ گهرجي. هنن وزيراعليٰ سنڌ، ڊي سي لاڙڪاڻي سميت ٻين اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته يوٽيلٽي اسٽور باڊهه جي اسٽور ڪيپر خلاف ڪارروائي ڪري سندس ڪيل ڪرپشن جي جانچ ڪئي وڃي ۽ باڊهه واسين کي سستي اگهه تي گيهه ۽ کنڊ فراهم ڪري شهرين ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button