
برساتن جي مند شروع ٿيڻ کان پوءِ اهو سلسلو ڪافي ڏينهن هلندو رهندو آهي، پر ملڪ ۾ جهڙُو انفرااسٽرڪچر آهي، ان هوندي برسات اسان وٽ رحمت بدران زحمت بڻجي ويندي آهي، ان ڪري جو شهر ٻڏندا آهن، ٻهراڙين ۾ پاڻي ڪاهي پوندو آهي، ماڻهن جا فصل برباد ٿيندا آهن ۽ ان کان سواءِ روزمره جي زندگي به سخت متاثر ٿيندي آهي. موسميات کاتو برساتن جي اڳڪٿي ته ڪري ڇڏيندو آهي پر رڳو اڳڪٿي ڪرڻ ڪافي ناهي هوندو. ضلعي ۽ تعلقي انتظاميه کي عوام کي برسات جي مصيبتن کان بچائڻ لاءِ اڳواٽ اپاءَ ڪرڻ گهرجن ته جيئن ماڻهو عوام کي پريشانين مان نه گذرڻو پوي. عام طور تي اسان وٽ ائين ٿيندو آهي جو برسات جڏهن وسي دنگ ڪندي آهي ته ان کان پوءِ شهرن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ايمرجنسي بنيادن تي اپاءَ ورتا ويندا آهن پر اهي نارمل ڪم آهن، جن کي ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي گهڻي محنت گهربل نه هوندي آهي. هن مهيني ۾ برساتون وسڻ جا امڪان آهن. جنهن لاءِ موسميات کاتي اڳڪٿي به ڪري ڇڏي آهي ۽ سنڌ جي ڪئين ضلعن ۾ سٺي برسات پوڻ جي امڪانن کي ظاهر ڪيو پيو وڃي. پر ان حوالي سان لاڳاپيل ادارن جي تياري ڪيتري آهي. سنڌ ۾ جڏهن به برسات وسندي آهي ته ان سان شهرن ۾ ماڻهو هلڻ جهڙو به رهندو آهي.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب موسميات کاتي سنڌ ۾ 2 جولاءِ کان تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪندي ماهيگيرن کي سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ 2 کان 5 جولاءِ دوران گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات ٿيندي، جنهن سبب ٻوڏ واري صورتحال ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي ايڊوائزري جاري ڪندي چيو آهي ته عربي سمنڊ ۽ بنگالي نار مان گهميل هوائون اوڀر 2 جولاءِ کان سنڌ ۾ داخل ٿينديون. موسميات کاتي موجب، موسمي نظام جي اثر هيٺ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، بدين، ميرپورخاص، ٺٽي، ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي الهيار، دادو ۽ ڄامشوري ضلعن ۾ 2 کان 5 جولاءِ دوران وڏي پئماني تي تيز هوا، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان گڏ تيز برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ به کنوڻ ۽ گجگوڙ سان تيز مينهن وسي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب نواب شاهه، نوشهري فيروز، سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور، شڪارپور، قمبر – شهدادڪوٽ، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته تيز برسات ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي، بدين، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ دادو ضلعن ۾ ٻوڏ جي ڪيفيت جو سبب بڻجي سگهي ٿي. وڌيڪ آگاهه ڪيو ويو آهي ته اهو مينهن چانورن جي فصل جي پوکي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو ۽ پاڻي کوٽ به ختم ٿيڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مهاڻن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته اهي 3 کان 5 جولاءِ تائين ٻوڏ جهڙي صورتحال سبب سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته برسات کان اڳ تيز هوائن ۽ آنڌاري جا به چٽا امڪان آهن.
سنڌ ۾ هاڻوڪن ڏينهن ۾ پاڻيءَ جي گهڻي کوٽ لڳي پئي آهي، جيڪڏهن برسات سٺي وسي ٿي ته ان سان سنڌو درياهه جي پاڻيءَ ۾ واڌ ايندي ۽ ان کان سواءِ سنڌ جي واهن ۾ به پاڻي اچي ويندو، پر جيڪڏهن آبپاشي کاتي جي ڪوتاهي ٿيندي آهي ته ان سان واهن ۽ شاخن کي گهارا پوندا آهن ۽ ٻئي پاسي شهرن ۾ ماڻهن کي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. اسين سمجهون ٿا ته هاڻوڪين برساتن جو پاڻي ضايع نه ٿيڻ گهرجي، پاڻيءَ کي انهن علائقن تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي، جتي پاڻيءَ جي کوٽ لڳي پئي آهي ته جيئن اتان جا آبادگار پنهنجن فصلن کي پاڻي ڏئي سگهن ۽ فصل اپائي سگهن. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته برسات سبب پيدا ٿيندڙ تڪليفن کان بچڻ لاءِ انتظاميه ڪي جوڳا بندوبست ڪري ته جيئن ماڻهو برسات سبب پريشان ٿيڻ بدران ان مان مزو وٺي سگهن. سنڌ ۾ لاڳاپيل ادارن کي ڪنهن به ريت ڪوتاهيءَ کان ڪم نه وٺڻ گهرجي.