ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڪستان ۾ وڌندڙ معاشي بحران جا ڪارڻ

Editorial-Article-Javed Panhwar

ملڪ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جو سبب نظر ايندڙ سياسي ڌڙن جي ڪيل غلط فيصلن جو نتيجو آهي يا اندروني طور ڪنهن ٻئي قسم جي هلچل متل آهي، جنهن کي راز ۾ رکي اهڙا عوام دشمن فيصلا ڪيا پيا وڃن، هيءَ يقينن پاڪستان جي تاريخ ۾ بدترين موڙ آهي.
ملڪ جون معاشي حالتون بد کان بدتر ئي ٿينديون پيون وڃن. روزاني جي بنياد تي ڪنهن نه ڪنهن عام واهپي جي شين تي نوان ٽيڪس لاڳو ڪري پورهيت طبقي کي جيئري دوزخ ۾ داخل ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي دولت مند ڌرين جي ملڪيت جو فقط 5 سيڪڙو ملڪي خزاني ۾ آندو وڃي، تڏهن به حالتون ڪجهه بهتر ٿي سگهن ٿيون.
ملڪ ۾ وڌندڙ پيٽرول جي قيمتن سان عام خريداريءَ جون شيون به غريب جي پهچ ۽ حيثيت کان ايتريون مهانگيون ٿي چڪيون آهن جو هڪ 500 کان 700 ڏهاڙي ڪمائيندڙ مزدور ان مهانگائيءَ جي ڌٻڻ ۾ اهڙو ڦاسي پيو آهي جنهن جي ڪري روزاني جي بنياد تي ڪيتريون ئي خودڪشيون ٿي رهيون آهن. ماڻهو اٽو، کنڊ، گيهه ۽ ڀاڄي خريد ڪرڻ لاءِ لاچار بڻجي چڪا آهن، کائڻ پيئڻ جي شين جي اگهن ۾ واڌ سبب پورهيت طبقي لاءِ ٻه ويلا هڪ خواب ئي وڃي رهيو آهي. سندن ٻچا بکئي پيٽ سمهن ٿا، هيءَ اهوئي اکاڙو آهي جتي عمران خان اها دعويٰ ڪئي هئي ته هتي ٻاهرين ملڪن مان ماڻهو ڪمائڻ ايندا ٻاهر ته ٺهيو پر هتان جي مقامي ماڻهن کي به روزگار کان اپاهج بڻايو ويو آهي. پر سرڪار تي ان ڳالهه جو ڪو اثر نه پيو پوي. هڪ پورهيت جو درد پورهيت ئي سمجهي سگهي ٿو. اُنهن کي ڪهڙي خبر جيڪي عوام جو پيسو لٽي ٻاهر وڃي رهائش اختيار ڪن ٿا ۽ پاڻ رٽائرڊ ٿين ٿا ته وري اباڻي ملڪيت سمجهي اولاد کي گهرايو ٿو وڃي.
2018ع ۾ مهانگائيءَ جي شرح 3 ڏهائي 9 هئي، 2019ع ۾ 6 ڏهائي 7 هئي، جيڪا هن وقت روزاني جي بنياد تي وڌي رهي آهي ۽ حال جي صورتحال ۾ اها شرح 10 ڏهائي 7 آهي. ملڪ کي وڌيڪ معاشي تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ غيرپيداواري خرچن کي ختم ڪري دفاعي بجيٽ ۾ نمايان ڪمي ڪرڻ، اعليٰ آفيسرن جي عياشين تي پابندي مڙهڻ، سمورن ججن، سرڪاري ۽ سيڪيورٽي آفيسرن تي پابندي لڳائي ۽ کين حڪومت طرفان ملندڙ سموري سبسڊي ختم ڪئي وڃي، سڀني سرڪاري عمارتن، عدالتن، يونيورسٽين ۽ سيڪيورٽيءَ جي ادارن ۾ ملازمن کي جن جون پگهارون لک کان مٿي آهن، انهن کي معمولي سهولتون ڏئي بجليءَ جي جاءِ تي سولر سسٽم کي انهن عمارتن ۾ بحال ڪيو وڃي ته هي مُلڪ ان گهوٽالي کان نڪري سگهي ٿو.
کاڌ خوراڪ جي شين جو سڌو تعلق زراعت سان آهي. پاڻيءَ جي سنگين بحران سبب آبادگار پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن جنهن سان ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ شدت اختيار ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾23 جون تي گڏيل قومن جي اداري يونيسيف ڄاڻايو آهي ته گڏيل قومن جي ٻارن بابت فنڊ (يونيسيف) موجب يوڪرين ۽ روس جي وچ ۾ هلندڙ جنگ جنھن سان تيل جا اگھه وڌي رهيا آهن، ڪجهه ملڪن ۾ موسمياتي تبديليون آيون ۽ ڪورونا جي وبا سبب هن سال خوراڪ جي کوٽ سبب رکيل شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، جنهن ڪري عام ماڻهو، جياپي جون شيون خريد ڪرڻ کان محروم ٿيندو پيو وڃي، نتيجي ۾ ننڍي ڄمار جي ٻارن کي گهربل غذا نه پئي ملي. اداري حيرت انگيز انڪشاف ڪندي چيو آهي ته 15 ملڪن جا 80 لک ٻار غذائي کوٽ سبب فوت جي خطري هيٺ آهن. ٻارن کي معمول موجب ملندڙ غذا جي کوٽ لڳ ڀڳ 11 سيڪڙُو وڌي ويندي جنهن سان سندن زندگيون داءُ تي لڳل آهن.
هن ملڪ جو لارڊ آءِ ايم ايف آهي، جيڪو 75 سالن کان اسان کي پالي رهيو آهي. هر ايندڙ سياستدان ڳرو قرض کڻي حڪومت هلائڻ ۽ ملڪي خزاني ۾ پئسا اچڻ جي دعويٰ ڪري ٿو پر هن وقت تائين پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪهڙي به حڪومت روزگار جا موقعا فراهم ناهن ڪيا، مختلف کاتن جي نالي تي جاري ڪيل فندن مان 2 سيڪڙو به انهن ترقياتي ڪمن تي استعمال ناهي ٿيو. حقيقت اها آهي ته اهڙا ماڻهو هن ملڪ ۾ رهڻ ئي نٿا چاهين، رهندا به ڀلا ڪيئن اهوئي سبب آهي ته سياست کي هڪ قسم جو ڌنڌو بڻائي ملڪ کي ملندڙ قرض مان جرنل، ڪرنل، جج، وڪيل، سياستدان ۽ بزنس مين ٻاهرين ملڪن ۾ سيڙپ ڪري رهيا آهن، ملڪ جي پاسداري وارا قانوني ادارا ئي جڏهن ملڪ کي لٽڻ ۾ شامل ٿي وڃن ته اتي ترقي فقط معجزي طور ٿي سگهي ٿي.
اصل اندروني گيم اها آهي ته جيستائين پاڪستان اسرائيل کي قبول نٿو ڪري ان ڏينهن تائين آمريڪا جي حڪم جي بجاآواري ٿيندي رهندي. اسان هر لحاظ کان آمريڪا جا غلام بڻيل آهيون. ٽين دنيا کي فنڊنگ ڪندڙ ادارا به آمريڪا جي سرپرستي هيٺ آهن جنهن جي ڪري ئي قرضن ۾ ڳرا شرط رکي ملڪن کي اهو احساس ڏياريو پيو وڃي ته آقا جي نافرماني ڪرڻ سان ڪهڙي سزا ملي سگهي ٿي، اهوئي سبب آهي ته انڊيا روس کان تيل خريد ڪري رهيو آهي جنهن کي مڪمل اجازت مليل آهي ڇو ته انڊيا اسرائيل کي قبول ڪري چڪو آهي پر پاڪستان روس يا ايران کان تيل خريد ڪرڻ لاءِ خواب به نٿو ڏسي سگهي. اسان جي سياستدانن ۽ اسٽيبلشمينٽ جا مفاد آمريڪا سان جڙيل آهن.
ملڪ ۾ ڪڏهن مارشل لا ته ڪڏهن ڪرپشن ٽولا ملڪ جي ملڪيت جو استحصال ڪندا رهيا آهن، جن جو دين ڌرم سڀ ڪجهه پيسو هوندو آهي. اهڙن کي عالمي وياجي نظام آءِ ايم ايف توڙي ورلڊ بئنڪ اهڙن اڳواڻن کي جيڪي ڊالرن ۾ وڪامندا آهن، خريد ڪري پوءِ انهن کي ئي پنهنجي مرضي مطابق هلائڻ آمريڪا جي شروعات کان ڪرت رهي آهي. نالي ماتر برطانوي راج کان ڌار ٿي اسين آمريڪا جي ڪالوني بڻجي وياسين، جتي گذريل 75 سالن کان اسان خوشيءَ سان غلام بڻيل آهيون اسان ته پاڙيسري ملڪ کان به ناهيون سکي سگهيا.
پاڪستان هن وقت مڪمل ڏيوالي ڏانهن وڃي رهيو آهي. اهو ئي تسلسل برقرار رهي ٿو ته ملڪي صورتحال جو اندازو لڳائڻ به مشڪل آهي. ايشيا ۾ اندروني تڪرار وڌي رهيا آهن جنهن سان پاڙيسري ملڪ پڻ ان جي اثر هيٺ اچي رهيا آهن. هندستان ۽ چين جي وچ ۾ هلندڙ تڪرار، افغانستان اڳ ئي مختلف قسمن جي مسئلن جي ور چڙهيل آهي. چين به پاڪستان جي هلندڙ حڪومت کان ايترو مطمئن نه آهي. اهوئي سبب آهي جو چين مختلف وقتن تي پنهنجا ماڻهو واپس گهرائيندي رهي آهي ۽ ڪافي ميگاپروجيڪٽ پڻ سياسي قيادت تي يقين نه هئڻ ڪري رڪيل آهن،پاڪستان پنهنجي آقا جي دٻدٻي ۾ اچي چين ۽ روس سان واسطا گهٽائي رهيو آهي جنهن سان پاڪستان کي ڪافي مسئلا درپيش آهن. آمريڪا پاڪستان مان جيڪا اميد رکي ٿو اها اها ئي آهي ته پاڪستان اسرائيل کي قبول ڪري چين ۽ انڊيا کان پاسو ڪري ۽ پنهنجا هوائي اڏا آمريڪا جي حوالي ڪري جتان هو افغانستان تي وري چڙهائي حاصل ڪري سگهي. اهي حالتون ملڪ کي معاشي بحران ۾ ڌڪي رهيون آهن ۽ پاڪستان هن وقت آمريڪا جي اڳيان گوڏن ڀر جهڪيل آهي ۽ ان جي حڪم کان سواءِ ملڪ جي خزاني ۾ هڪ پائي به قرض جي نه ايندي.
سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان اسرائيل کي قبول ڪري، پنهنجا هوائي اڏا آمريڪا جي حوالي ڪري روس ۽ چين سان واسطا ختم ڪري سگهندو؟ روس جي ويجهو ٿيڻ سان پاڪستان کي تيل سستو ملي سگهي ٿو، جنهن سان ڪافي شين جي اگهن ۾ گهٽتائي اچي ويندي پر اهي پابنديون انڊيا لاءِ ناهن فقط پاڪستان کي مجبور ڪرڻ جو سبب به اهوئي آهي. ان ڪري پاڪستان ايران سان به سٺا لاڳاپا رکڻ کان لنوائي پيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button