
اڄ جمعو پھرين جولاءِ ون يونٽ ٽٽڻ جو مکيه ڏينھن آھي، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ سدائين ياد رھندو. پھرين جولاءِ 1970ع تي اولھه پاڪستان (ھاڻي پاڪستان) ۾ ون يونٽ باقاعدي ٽوڙيو ويو. ملڪ جي اڳوڻي سربراهه يحى خان مرحوم سان ڀلي ڪنھن کي کوڙ اختلاف ڇو نه ھجن پر سندس ٻه مکيه ڪارناما ھئا جن کان انڪار ڪونه ٿو ڪري سگهجي. جيڪي آھن: ون يونٽ ٽوڙڻ ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو آزاد اليڪشن ڪرائڻ.
سال 1957ع ڌاري اولھه پاڪستان جي اسيمبليءَ ون يونٽ ٽوڙڻ لاءِ ٺھراءُ بحال ڪيو ھو. سڀني ووٽ ون يونٽ ٽٽڻ جي فائدي ۾ ڏنا ھئا پر رڳو 4 ووٽ خلاف ڏنا ويا ھئا. سال 1958ع ۾ پھرين ڀيرو جنرل ايوب خان غيرقانوني طور اقتدار تي قبضو ڪري، ون يونٽ کي ٽوڙڻ کان بچائي وڏو ظلم ڪيو ھو جنھن ڪري ترت ون يونٽ ٽٽي ڪونه سگهيو ھو. اھو به ٻڌائڻ مناسب آھي ته ان کان اڳ، پاڪستان نيشنل اسيمبليءَ بل پاس ڪيو ھو ته 30 سيپٽمبر 1955ع کان اولھه پاڪستان ۾ سڀ صوبا شامل ٿي ويندا ۽ اھڙي ريت ون يونٽ پروگرام لاڳو ڪيو ويو ھو. ملڪ جي وزيراعظم چوڌري محمد عليءَ 14 آڪٽوبر 1955 تي اولهھ پاڪستان جا صوبا ختم ڪرائڻ واري بل موجب، اولهھ پاڪستان اڪيلو صوبو باقاعدي بحال ڪرائي ڇڏيو. بھرحال، ون يونٽ ٽوڙڻ تي مشھور سنڌي اڳواڻ حيدربخش جتوئيءَ مرحوم به جنرل يحى خان کي خط لکي مبارڪ موڪلي ھئي جيڪا منھنجي خيال ۾ درست ھئي.
انھيءَ تان ياد آيو ته سنڌ جي وڏي وزير محمد ايوب کھڙو جڏھن سنڌ اسيمبليءَ (حيدرآباد جي دربار ھال) مان ٺھراءُ زوري بحال ڪرايو ھو ته سندس حمايت يعني ون يونٽ جي فائدي ۾ سڀ ووٽ مجبوريءَ سبب ڪم آندا ويا پر رڳو 4 ميمبرن پوءِ به مخالفت ۾ ووٽ ڏنا ھئا پر سوال آھي، ان کانپوءِ سال 1957ع ۾ اولهھ پاڪستان اسيمبليءَ جڏھن مجموعي طور ون يونٽ ٽوڙڻ لاءِ يعني اڪيلي اولهھ پاڪستان صوبي خلاف ووٽ بحال ڪيا ته پوءِ ترت ون يونٽ ڇو ڪونه ٽوڙيو ويو ھو؟
سنڌ جي وڏي وزير طور ايوب کھڙي کوڙ ظلم ڪيا جن کي نٿو وساري سگهجي. حاجي اسداللہ شاهه ڪو معمولي ماڻھو ڪونه هو، سندس سنڌ لاءِ عاليشان خدمتون ھيون. ايوب کهڙي ون يونٽ جي مخالفت ڪرڻ تي سيد حاجي اسدالله شاهه کي به نه بخشيو ۽ کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ آرڊر جاري ڪيائين. ڳوٺ سيد ابراھيم شاہه لڳ بڇيري ريلوي اسٽيشن، ضلعي نوابشاهه ۾ اسان جا رھاڪو وڏڙا مون کي ٻڌائيندا هئا ته پوليس سندن حويلي کي ڪيترن ڏينهن تائين اٺ ئي پهر (24 ڪلاڪ) ڪڙو چاڙهيو ويٺي هوندي هئي. مان صفا ننڍڙو ھئس پر مون کي اها پوليس جي جيپ اڃا به ياد آهي جيڪا شاهه صاحب کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڏيڍيءَ جي اندر بيٺل هوندي هئي پر ائين ڪرڻ ۾ کين ناڪامي ٿي جو شاهه صاحب گرفتاريءَ کان بچڻ ۽ ون يونٽ خلاف تحريڪ کي زور وٺرائڻ لاءِ برقعو پائي، ڀر واري سهتن جي ڳوٺ (بڇيري ريلوي اسٽيشن جي دڪيَ جي پٺيان) ڏانهن ڍڳي گاڏيءَ ۾ نڪري ويو، جتي مکڻ سهتيَ جي گھر ۾ رهيو، جيڪو شاهه صاحب جو ماسات هو پر پوليس کي ڪيترن ڏينهن تائين ان جي ڀُڻڪ ئي ڪانه پيئي.
افسوس ته اهڙي گمنام مرد مجاهد جنهن ون يونٽ خلاف وڏي جدوجهد هلائي جنهن جو ڪاٿو ان کان لڳائي سگھجي ٿو ته اڳوڻي وڏي وزير ايوب کهڙيَ جي حُڪم تي شاهه صاحب جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس سندس حويليءَ کي ڪڙو چاڙهيو هو. بھرحال، شاهه صاحب تعليم کي پکيڙڻ، سنڌي ثقافت کي زور وٺرائڻ توڙي سماجي ڀلائيءَ وارن ڪمن کي عام ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو تنهن جو ذڪر شايد ڪٿي به موجود ناهي. ايوب کھڙي ته ون يونٽ جي مخالفن خلاف کوڙ ظلم ڪيا. سنڌ اسيمبليءَ کي ون يونٽ جي مخالفت ڪرڻ تي، وزيراعظم کھڙي، سنڌ اسيمبليءَ جي مشھور اسپيڪر مير غلام علي ٽالپر کي اٺ تي سکڻو چاڙھي کيس ٿرپارڪر ۾ قيد ڪيو ۽ ون يونٽ جو ٺھراءُ بحال ڪرايو ھو.
اصل مسئلو اھو ھو ته ملڪ جي سياسي اڳواڻ طور فوج جي سربراهه جنرل ايوب خان عجيب فيصلو ڪيو ھو ته ون يونٽ قائم رھندو ۽ ٻنھي صوبن جا ووٽ برابر ھوندا ھئا، يعني 56 سيڪڙو آبادي اوڀر پاڪستان (ھاڻ بنگلاديش) جي آبادي 50 سيڪڙو قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ھو جڏھن ته اولهھ پاڪستان (ھاڻ پاڪستان) جي آبادي 44 سيڪڙو بدران وڌائي غيرقانوني طور 50 سيڪڙو مڃي وئي. بھرحال، اھو پنھنجي جاءِ تي وڏو ظلم ھو ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا جي اھم ملڪن ۾ بنيادي طور “ھڪ ماڻھو، ھڪ ووٽ” جو اصول مڃيل ھوندو آھي.
ھونئن به ڏسجي ته اوڀر پاڪستان جي بنگالين (ھاڻي بنگلاديش) جي آزاد پاڪستان لاءِ جدوجھد اولهھ پاڪستان جي حامين کان گهڻو تيز ھئي. سندس پراڻي جدوجھد کي ياد ڪري، مون چار ڀيرا بنگلاديش جا ذاتي چڪر ڏنا ھئا ۽ مختلف قومپرستن سان پھريون ڀيرو خاص طور مليو ھئس جن جو چوڻ ھو ته اسان سال 1952ع ۾ آزاديءَ جي تحريڪ ھلائي ھئي جو اسلام جي نالي ٺھيل پھرين ملڪ ۾، اڪيلي اردو قومي ٻولي لاڳو ڪئي وئي ھئي. بنگاليءَ کي 1952ع ۾ قومي ٻولي نه مڃڻ جي شرارت ملڪ جي پھرين وزيراعظم لياقت علي خان (ڀارت کان لڏي آيل) ڪئي جيڪو پاڪستان جو اڻ چونڊيل وزيراعظم ھو. کيس، پوءِ 16 آڪٽوبر 1956ع ۾ راولپنڊيءَ ۾ قتل ڪيو ويو ھو.
جيستائين ون يونٽ ٽوڙڻ جو واسطو آھي ته اھو ٻڌائڻ ضروري آھي ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽي، پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) جي سربراهه طور پنجاب جي پنھنجي پارٽيءَ جي حامين کان جدوجھد ڪري ون يونٽ خلاف ھڪراءِ ٺھراءُ بحال ڪرايا ھئا. اھو ٻڌائڻ به مناسب آھي ته جڏھن يحى خان دور ۾ ون يونٽ ٽوڙيو ويو ته سنڌ جو گورنر، رخمان گل کي مقرر ڪيو ويو جنھن جو واسطو سرحد (خيبرپختونخواه) صوبي سان ھو. مون کي ياد آھي ته گورنر رخمان گل ڪراچيءَ جي ھڪ اسپتال جو دورو ڪيو ھو. کيس ھڪ سنڌي مريض مليو. ان سان پٺاڻ ھئڻ باوجود سنڌي ڳالھايائين ته ھن کيس چيو ته مون کي سنڌي نٿي اچي. ميڊيا موجب گورنر افسوس ڏيکاريو ھو ته توکي سنڌي ھئڻ باوجود سنڌي ٻولي نٿي اچي.
ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ سنڌ کي سندن جائز حق ڪونه مليا ھئا ۽ سنڌ سان وفاق توڙي پنجاب جون زيادتيون جاري رھيون. سنڌ ۾ انھيءَ سلسلي ۾ کوڙ جدوجھد ڪئي وئي جيڪا اڃا به جاري آھي پر سنڌ کي مڪمل جائز حصو نه اڳ مليو آھي، نه ھاڻي ملي ٿو ۽ نه ئي آئيندي ملندو.
ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ اھو ٻڌائڻ ضروري آھي ته آصف علي زرداري نه رڳو سرحد صوبي جو نالو بدلائي ڪي پي ڪي رکايو ھو پر پر ھن صدر طور پنھنجا اھم اختيار پاڻ گهٽ ڪرائي وزيراعظم کي ڏنا. اھي ٻيئي سندس وڏا ڪارناما ھئا. انھيءَ کان سندس ٽيون ۽ اھم ڪارنامو اھو ھو ته ھن صدر طور اھم 18 آئيني ترميم لاڳو ڪرائي. اصل ۾ ھڪ خاص ٽولو، سنڌ ٽوڙڻ چاھي پيو جنھن کي روڪڻ لاءِ ھن 18 آئيني ترميم آندي جنھن جو اصل مقصد سنڌ ٽوڙڻ کان بچائڻ آھي. خود اڳوڻي سلڪٽيڊ وزيراعظم عمران خان ڪيترا ڀيرا سنڌ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ھو پر 18 آئيني ترميم سندس ارادي ۾ رڪاوٽ بڻجي وئي ھئي.
اسان جي سنڌ جي اصل مفاد خاطر اھا رٿ آھي ته سياسي اختلاف ته ھر ڪنھن جو حق آھي پر اسان وٽ ڪجھه ٽولا اھڙا آھن، جيڪي پ پ پ ۽ زرداريءَ سان نفرت جي حوالي سان سنڌ ٽوڙڻ جي حامين عمران خان جا اڻ سڌي ريت حامي آھن ۽ اھا ڳالھه خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي آھي ته ان جي وزيراعظم طور پوڻن چئن سالن جي عرصي ۽ ان کانپوءِ ان جي سنڌ دشمنيءَ خلاف زوردار تحريڪ نٿا ھلائين ۽ پاڻ کي اٽلو سنڌ جو اڪيلو خيرخواه به سڏائين ٿا.
اسان جي عرض ھو ۽ ھاڻي به آھي ته ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪوشش ڪري گڏجي جدوجھد ڪريو ته جيئن سنڌ جي عوام جي مجموعي طور ڪاميابي ۽ ڀلائي ٿئي. جيڪڏھن ڪي نفرت جو ڪاروبار اھو چئي جاري رکندا ته رڳو ھڪ سياسي پارٽي يعني پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) اسان جي دشمن آھي يعني سنڌ ٽوڙڻ جا حامي عمران خان، ارباب رحيم وغيره سندن فرشتا آھن). بھرحال، ناانصافي نه ڪرڻ گهرجي.
ھتي ھڪ ڳالهھ جي وضاحت ضروري آھي ته اوڀر پاڪستان (ھاڻ بنگلاديش) جي حامين ون يونٽ خلاف تحريڪ ھلائي ھئي، تنھنڪري ون يونٽ ٽٽو ھو، ائين ھرگز ڪونه ھو ته ون يونٽ رڳو اولهھ پاڪستان (ھاڻ پاڪستان) جي ڪجھه حامين جي ڪري ٽٽو ھو. بنگالين جو ھڪ جائز مقصد اھو به ھو ته 56 سيڪڙو آبادي سندن ھئي سي چاھين پيا ته ون يونٽ جو ناٽڪ ختم ٿئي ته اسان کي پنھنجو حق ملي. ھنن جي جدوجھد، آخرڪار ڪامياب ٿي ھئي.
بھرحال، اصل ڳالھه اھا آھي ته ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ سنڌ جي سرڪار توڙي عوام کي گڏجي سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ جدوجھد ڪرڻ گهرجي. اھا تلخ سچائي آھي ته وفاق توڙي “اسٽيبلشمينٽ” وارا رڳو ھڪ اڌ صوبي لاءِ جدوجھد ڪندا رھندا آھن پر سنڌ جي گڏيل جدوجھد ذريعي انھن جو مقابلو ڪري سگهجي ٿي. ائين ڪرڻ لاءِ، پنھنجن سنڌين سان نفرت جو ڪاروبار ڇڏڻو پوندو، مطلب تج سياسي اختلاف ڀلي ھجن پر نفرت جو ڪاروبار بلڪل نه ھئڻ گهرجي.