عمر قاضي
عمران خان جي انداز ۽ ملڪي ماحول مان محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته ڄڻ عمران خان وقتي طور تي وزارت اعظميٰ جي ڪرسيءَ سان هيٺ لٿو هجي ۽ هو تمام جلد وري ٻيهر ملڪ جو وزير اعظم بڻجي ويندو.
عمران خان جي وزير اعظم ٿيڻ بعد اهڙو ڪجهه به نه ٿيندو، جنهن سان ملڪ ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهن. ان سان اهو ڪجهه نه ٿيندو، جنهن جي ڪري ملڪ مان مهانگائي ختم ٿي وڃي. ڇو ته عمران خان وٽ به ڪو اقتصادي حالتون ٺيڪ ڪرڻ جي سلسلي ۾ انقلابي پروگرام ڪونهي. هو به ملڪي معيشت کي ساڳي ڊگر تي هلائيندو، جنهن تي هن وقت پاڪستان هلي رهيو آهي. اهڙو ڪجهه به نه ٿيندو، جنهن سان پاڪستان ۾ تمام تڪڙي خوشحالي اچي وڃي. ڇو ته عمران خان به ملڪي قرضن جو ڪشڪول ڀڃي ڀورا نه ڪندو. هو به آءِ ايم ايف جا قرض وٺي ملڪ هلائڻ جي ڪوشش ڪندو. هن جي صرف اها ڪوشش هوندي ته قرضن جا شرط سخت نه هجن ۽ ملڪ ۾ مهانگائي ايتري نه اڀري اچي، جنهن سان عوام عمران خان جي خلاف روڊن ۽ رستن تي نڪري اچي. باقي جهڙي طرح هيءَ حڪومت ملڪ کي هلائي رهي آهي، عمران خان به ڪجهه اهڙي انداز سان ملڪ هلائيندو. هو ڪوشش به ڪندو ته ڪنهن طرح سان روس کان تيل وٺي پر هن جو اهو عمل به ڪا وڏي بغاوت نه سمجهيو ويندو. ڇو ته جنهن روس کان ڀارت جهڙو ملڪ تيل وٺي رهيو آهي. تيل وٺڻ جي باوجود به ڀارت آمريڪا توڙي عرب ملڪن سان تمام بهتر تعلقات قائم رکي ويٺو آهي ته پوءِ آخر پاڪستان جي مٿان آمريڪي عذاب ڇو ايندو؟ پر روس مان تيل اچڻ سان به پاڪستان جون پريشانيون ختم نه ٿينديون. ڇو ته هن ملڪ جا مسئلا ايترا ته گهڻا آهن جو اهي ٿوري تبديليءَ سان ختم ٿي نه ٿا سگهن.
پاڪستان جي معاشي خوشحالي ان صورت ۾ ممڪن آهي، جنهن صورت ۾ هڪ مضبوط ۽ تمام توانائيءَ سان ڀريل حڪومت تمام وڏا ۽ بنيادي فيصلا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هجي. صرف ان صورت ۾ تبديليءَ جا امڪان پيدا ٿي سگهن. ٻي صورت ۾ تبديلي صرف نالي ماتر هوندي ۽ ان جو ڪو به اثر عوام جي زندگيءَ تي نه پوندو. اسان کي ان سلسلي ۾ اهو به سمجهڻ گهرجي ته جنهن به ملڪ ترقي ڪئي آهي، ان تمام اهم ۽ بنيادي فيصلا ڪيا آهن. انهن فيصلن ۾ هڪ اهم ۽ تمام ضروري فيصلو اهو هوندو آهي ته ڪنهن به طرح سان انهن سببن کي ختم ڪيو ويندو آهي، جيڪي ڪنهن به ملڪ کي غلام ۽ پسمانده رکڻ جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. اها ته تمام ڪامن سينس واري ڳالهه آهي ته جيستائين ڪو به ملڪ پنهنجي غربت ۽ پنهنجي بدحاليءَ جو سبب ختم نه ٿو ڪري تيستائين هن جي ترقي ڪهڙي ريت ٿي سگهندي. ترقيءَ جي لاءِ بدحاليءَ جو سبب ختم ڪرڻ بنيادي شرط آهي.
پاڪستان ۾ بدحاليءَ جا بنيادي طور تي جيڪي به سبب آهن، انهن ۾ هڪ ڪرپشن ۽ ٻيو ته اهي مافياز آهن، جن کي هن مهل تائين ڪنهن به حڪومت هٿ نه لاتو آهي. ڇو ته اهي حڪومت نه ڪرڻ جي باوجود حڪومت آڻڻ ۽ حڪومت ختم ڪرڻ جي طاقت رکن ٿيون. جيستائين ملڪ انهن مافياز مان آجو نه ٿيندو، تيستائين ڪجهه به نه ٿيندو ۽ ڪجهه به ٿي نه ٿو سگهي. ڇو ته اهو هڪ اهم ترين رستو آهي. ڪنهن به ملڪ جي غربت جو علاج ڪرڻ لاءِ اهو ضروري هوندو ته غربت جا سبب ختم ڪيا وڃن. ان سلسلي ۾ جيڪي به فيصلا ڪيا وڃن، انهن فيصلن تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ هڪ حڪومت جو طاقتور هجڻ ضروري آهي. ان کان سواءِ اها حڪومت ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهي. حڪومت جي سلسلي ۾ اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ان حڪومت کان سواءِ اهو ڪم نه ٿو ٿي سگهي، جنهن حڪومت وٽ ملڪ هلائڻ جي صرف اهليت نه پر ان جي تياري ۽ تمام گهڻو اهم ته پوري وقت جي هڪ ايڪشن پلان جهڙي اها ضروري قسم جي سوچ هجڻ به اهم آهي، جنهن کان سواءِ اقتصادي ترقيءَ جا بنياد رکڻ ممڪن نه هوندا آهن.
پاڪستان جن معاملن کي منهن ڏئي رهيو آهي، انهن معاملن ۾ ٻن قسمن جا معاملا قابل ذڪر آهن. هڪڙا معاملا اهي آهن، جن جي حوالي سان اسان کي سمجهڻ گهرجي ته اهي ملڪ جي مددگار قوتن جي قربت کي ممڪن بڻائڻ جي حوالي سان موجود آهن. ٻيا معاملا انهن قوتن جي خاتمي سان آهن، جن قوتن هميشه پاڪستان کي پنهنجن مفادن تان قربان ڪيو آهي. جڏهن به ڪو فرد يا ڪوئي خاندان يا ڪا پارٽي پنهنجن مفادن تان ملڪي مفاد قربان ٿو ڪري ته ان ملڪ جي ترقي انهن قوتن جي خاتمي کان سواءِ ممڪن ٿي نه سگهندي. ان کان سواءِ اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته ملڪ جي معاشي ترقيءَ جي سلسلي ۾ اهو ضروري آهي ته ملڪ جي پرڏيهي پاليسي آزاد هجي. اها ڪنهن به دٻاءَ جو شڪار نه هجي. جيڪڏهن ملڪ جي پرڏيهي پاليسي آزاد نه هوندي ته هڪ ملڪ پنهنجن قومي مفادن تي ڪهڙي ريت عمل ڪري سگهندو. ان لاءِ اهو اهم آهي ته پاڪستان کي ڪنهن به صورت ۾ اهو مسئلو درپيش نه هجڻ گهرجي ته جيڪڏهن پاڪستان هيئن ڪيو ته پاڪستان کان آمريڪا ناراض ٿي ويندو يا جيڪڏهن پاڪستان هونءَ ڪيو ته پاڪستان کان سعودي عرب ڪاوڙجي ويندو. جيڪڏهن پاڪستان سموري دنيا کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته هو نه ته سموري دنيا کي خوش رکي سگهندو ۽ نه وري اها خوشي هن جي پنهنجي مقدر جو حصو ٿي سگهندي.
پاڪستان کي پنهنجي مقدر کي سنوارڻ لاءِ اهم آهي ته هو پنهنجي لاءِ آزاد فيصلا ڪري سگهي. جيستائين ڪوئي ملڪ پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ جي سلسلي ۾ آزاد نه هوندو، تيستائين ان ملڪ جي آزادي سچي ۽ اصل نه هوندي. آزادي صرف ان صورت ۾ اصلي ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن ڪنهن ملڪ کي پنهنجي سلسلي ۾ فيصلا ڪرڻ جي آزادي هجي. پاڪستان لاءِ ته اهو به وڏو ڏچو آهي ته هو دنيا جي ڪنهن اهڙي ملڪ جي بهتر آفر قبول ڪري جيڪو ملڪ آمريڪا جي نظر ۾ هن جو دوست نه هجي. ان صورت ۾ پاڪستان لاءِ تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿيندا. پاڪستان سان آمريڪا جي مرضيءَ جو خيال رکڻ هڪ تمام اهم ۽ بنيادي نوعيت جو تمام وڏو مسئلو آهي. پاڪستان کي آمريڪا جي ان جديد غلاميءَ مان نجات حاصل ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ کي هن وقت به آمريڪا جي خواهش جي طابع رکيو ته هو دنيا جي انهن ملڪن مان پنهنجا فائدا حاصل ڪري نه سگهندو، جيڪي ملڪ آمريڪي جي نظر ۾ سٺا ملڪ ناهن. انهن ملڪن ۾ چين به شامل آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان تمام گهڻي ڪوشش سان آمريڪا کي ان تي راضي ڪيو آهي ته هو چين سان پاڪستان جي تعلقاتن تي ناراض نه ٿئي پر اسان پوءِ به ڏٺو آهي ته پاڪستان سان آمريڪا تمام گهڻا ڀيرا صرف ان ڪري ڪاوڙجي ويو آهي جو پاڪستان کي چين سان پنهنجا ملڪي مفاد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ گڏيل منصوبن تي عمل ڪرڻو هوندو آهي.
چين کان پوءِ هڪ به اهڙو ملڪ ناهي جنهن کان پاڪستان ڪو نالي ماتر فائدو حاصل ڪري سگهي ۽ اهو ملڪ آمريڪا جي نظر ۾ هڪ سٺو ملڪ نه هجي. مثال طور تي روس آمريڪا جي نظر ۾ هڪ خراب ملڪ آهي. جڏهن ته پاڪستان جي سلسلي ۾ روس جي ڪا به اهڙي پاليسي ڪونهي جنهن کي خراب قرار ڏجي. هاڻي ته روس ڪميونسٽ ملڪ به نه آهي. جڏهن ته پاڪستان چين جهڙي ڪميونسٽ ملڪ سان ايترن سالن کان وٺي بهتر تعلقات قائم ڪري ويٺو آهي. ان صورت ۾ روس کي آخر ڪهڙي خاني ۾ رکبو؟ روس پاڪستان جو اتحادي ملڪ به بڻجي سگهي ٿو پر ان سلسلي ۾ آمريڪا جي ناراضگيءَ جو خوف آهي ۽ اهو خوف ڪنهن به صورت ۾ اجايو ناهي. ڇو ته آمريڪا تمام گهڻو غصو محسوس ڪندو، جيڪڏهن ڪوئي ملڪ ۽ خاص طور تي پاڪستان جهڙو ملڪ روس سان پنهنجا تعلقات بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ قدم کڻندو ته اهو قدم آمريڪا جي نظر ۾ ٺيڪ نه هوندو. جڏهن ته آمريڪا منڍ کان وٺي پاڪستان جي مخالف ملڪ ڀارت کي اها اجازت ڏني آهي ته هو پنهنجن ملڪي مفادن جي ڪري روس کان نه صرف تيل به هٿيار به وٺي سگهي ٿو ۽ هو وٺي رهيو آهي ۽ ان کي اها آزادي به آهي.
هن وقت اهم سوال اهو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان کي ان مجبوريءَ سان ئي هلائڻو آهي ته پوءِ پاڪستان کي عمران خان نئين سر وزير اعظم بڻجي به ان مصيبت مان ڪڍي نه سگهندو، جنهن مصيبت جي ڪري پاڪستان معاشي طور تي تمام گهڻو ڀوڳي رهيو آهي. ان جي لاءِ پاڪستان کي گهڻي مصيبت مان گذرڻو پوندو. پاڪستان کي آزاد ڪرڻ کان سواءِ ڪنهن به طور تي هن کي خوشحاليءَ جي رستي جو مسافر بڻائي نه ٿو سگهجي. ان سلسلي ۾ عمران خان ڀلي پاڪستان جو ٻيو ڀيرو وزير اعظم بڻجي پر ان سان ڪجهه به ٿي نه سگهندو، جيڪڏهن عمران خان ڀلي پاڪستان جو چار ڀيرا وزير اعظم بڻجي.
ملڪن کي بحرانن مان فرد نه پر انهن جون پاليسيون ڪڍي سگهنديون آهن. جيستائين پاڪستان جون پاليسيون تبديل نه ٿينديون، تيستائين پاڪستان جي خوشحاليءَ جو تصور ڪرڻ به اجايو آهي. جيڪڏهن پاڪستان کي خوشحال بڻائڻو آهي ته عمران خان جي آمد اصل شرط ناهي پر اصل شرط پاڪستاني پاليسين جي تبديلي آهي.