ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هيبتناڪ قانون جي منظوري

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

جمعي ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ملير ضلعي جي چونڊيل پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن طرفان سخت اعتراض وارڻ جي باوجود، سنڌ جي حڪمرانن پنهنجي ليڊر آصف علي زرداريءَ جي حڪم جي بجا آوري ڪندي ھڪ اھڙو ته ھيبتناڪ قانون بنا ڪنهن سوچ ويچار يا بحث مباحثي جي منظور ڪري ورتو جنھن سان پنهنجي ئي تاريخي وطن ۾ سنڌين جو پنھنجو ۽ سندن ايندڙ نسلن جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي. سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري جي صدارت ھيٺ ٿيل اسيمبلي اجلاس ۾ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن جي وزير مڪيش ڪمار چاولا سڄي سنڌ جي ھڪ ھزار کان وڌيڪ ڪچين آبادين کي پڪو ڪري، اتي رهندڙ بنگالين، افغاني پناهگيرن، بھارين، برمي مھاجرن ۽ ٻين ھڙن ئي ڀاڄوڪڙن کي سندن قبضي ھيٺ اچي ويل پلاٽن توڙي اڏيل ڪچن گھرن کي پڪو ڪرڻ جي منظوري ڏني ويئي.
1973 کان وٺي ذري گهٽ اڌ صديءَ تائين مان پاڻ قومي توڙي صوبائي اسيمبلين ۾ ھزارين قانون پاس ٿيڻ جي ڪارروائي سوين ڀيرا اکين سان ڏٺي آهي. پارليماني روايتن ۽ اصولن موجب اھڙا حساس قانون يا بل واسطيدار سرڪاري ادارن طرفان ھرھڪ اسيمبلي ميمبر کي اجلاس شروع ٿيڻ کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ سندن گھرن يا دفترن تي پڄايا ويندا آهن ته جيئن ھو انھن نون لاگو ٿيندڙ قانونن کي چڱي طرح پڙهي سگهن ۽ ڏسن ته ھي بل سندن صوبي يا تڪ جي ماڻهن لاءِ ھاڃيڪار ته ناهي! پوءِ ڪجھه سچار ميمبر وقت جي حاڪمن کي تجويز ڏيندا آهن ته سائين فلاڻن فلاڻن نقطن کي ڪاٽيو ڇاڪاڻ ته انهن کي قانوني شڪل ڏيڻ سان اسان جي علائقي جي مسڪين ڌرتي ڌڻين لاءِ اھڙا ڏچا پيدا ٿي ويندا جن سان جهيڙا فساد ۽ رتوڇاڻ ٿيندي. سرڪار ۾ ويٺل ڪجھه ماڻهن جي جيڪڏهن نيت صاف ھوندي آھي ۽ ھو ڪنھن به لوڀ لالچ کان مٿانهان ھوندا آھن ته وڏي وزير توڙي پنهنجي حڪمران پارٽي جي سرواڻ کي منهن تي سچ چئي کين ٻڌايو ڇڏين ته ھن بل جي منظوريءَ کانپوءِ ھي مصيبتون پيدا ٿينديون.
جمعي تي اوچتو جنهن رازداري سان سنڌ سرڪار تڙتڪڙ ۾ ھي بل اسيمبلي اجلاس ۾ پيش ڪري منٽن اندر ان جي منظوري وٺي ڇڏي، ان مان منهنجي ذهن کي جن انديشن وڪوڙي ڇڏيو آهي سي ھي آهن ته ٽي ڏينهن اڳ متحده قومي موومينٽ جي ليڊر وسيم اختر ھڪ پريس ڪانفرنس ڪري وزيراعظم شهباز شريف کي دانھن ڏني ته اوهان ۽ مولانا فضل الرحمان پيپلز پارٽي جي سرواڻ آصف زرداريءَ سان ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ امين بڻجي اھو وچن ڏنو ھو ته سنڌ سرڪار ايم ڪيو ايم جا سمورا شرط قبولي انھن تي باقاعدي قانوني طريقي سان عمل ڪندي پر ٻه مھينا لنگھي ويا آهن ۽ زرداري صاحب ڪو ھڪڙو به واعدو نه پاڙيو آهي. وسيم اختر ساڳئي وقت شھبازشريف کي اھا به ڌمڪي ڏني ھئي ته جيڪڏهن واعدا پورا نه ڪيا ويا ته پوءِ اسان کي اوھان جي حمايت ڪرڻ جو ڪوبه لاچار ناھي. اسين ڌار ٿي وينداسون.
ھي اھو ئي ڏينهن ھو جنھن ڏينھن لاھور ھائي ڪورٽ شھبازشريف جي پٽ حمزه شهباز جي پنجاب حڪومت کي غير آئيني قرار ڏيئي شريفن جي رڌڻي ۾ رولو وجھي ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ واڳ ڌڻين پاران اھو کيل رچايو ويو هو حمزه شهباز کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ خاطر پر مسلم ليگ نواز کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا ججن کان ھي ڪم ورتو ھئائون ھميشه وانگر!
منهنجي خيال ۾ لاھور ھائي ڪورٽ جي انھيءَ اوچتي ڌماڪي سان رلجي ايم ڪيو ايم وارن جي ڌمڪي وزيراعظم شهباز شريف جي ڪرسيءَ کي لوڏي کيس مجبور ڪري وڌو ته ھو بنا ڪنهن دير جي پ پ ليڊر آصف زرداري سان ملي ۽ کيس چوي ته ڪوته اھڙو فيصلو ڪريو جنھن سان ايم ڪيو ايم کي راضي ڪري سگھجي. زرداري ظاهر آهي ته اھو ئي ڪم ڪرڻ مناسب سمجهيو جيڪو سندس ذاتي مفاد ۾ به ھجي. اندازو اٿم ته ھن سنڌ جي چيف منسٽر مراد علي شاهه کي اسلام آباد مان فون تي حڪم ڏنو ھوندو ته مھاجرن جو سڀ کان پراڻو مطالبو مڃڻ لاءِ قدم کڻو ۽ سنڌ اسيمبلي مان بل منظور ڪرائي بھارين ۽ بنگالين سان گڏ وگڏ افغاني پناهگيرن جون ڪچيون آباديون به پڪيون ڪري ڇڏيو ته جيئن خوش ٿي ھو ايندڙ سال وارين عام چونڊن م منهنجي پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏين.
تمام ٿورن سنڌين کي ياد ھوندو ته 1977 وارين عام چونڊن ۾ پ پ جي باني اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽي پڻ ڪراچي شهر جي سڀ کان وسيع صنعتي علائقي سائيٽ شير شاهه واري قومي اسيمبلي جي سيٽ ان زماني جي پٺاڻ واپاري ھزار خان پشتون کي ڏني ھئي بنگلاديش مان لڏي آيل بهارين جي منگهوپير ڀرسان اورنگي ٽائون جي تڪ ۾ بھاري ليڊر آفاق شاهد کي بيھاريو ھو. 1977 واريون چونڊون تڪراري ٿي پوڻ ڪري جنرل ضياءَ مارشل لا مڙهي ڇڏي. پٺاڻن ۽ بھارين جا ھي ٻيئي اڳواڻ به ڪجھه سالن کان پوءِ گذاري ويا. بينظير ڀٽو شهيد پڻ پٺاڻن جي پورهيت ليڊر خواجا محمد خان کي ٻه دفعا لانڍي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا مان ايم پي اي چونڊايو ۽ کيس ليبر ڊپارٽمنٽ جو وزير مقرر ڪيائين. بينظير صاحبه جي شھادت کانپوءِ ڪياماڙي واري سامونڊي پٽيءَ مان زرداري پنھنجي ھڪ اسمگلر ساٿي کي ايم پي اي ۽ منسٽر ڪيو ھو. مون کي سندس نالو وسري ويو آهي. نواز شريف جي 2013 کان شروع ٿيل دور ۾ ان شخص کي گرفتار ڪرڻ لاءِ نيب اختياري وارن ڇاپا به ھنيا پر هو ملڪ ڇڏي ھليو ويو. ھن وقت به عبدالقادر مندوخيل پٺاڻ ڪراچيءَ مان پ پ جو ايم اين اي آھي جنھن پٺاڻن ۽ افغاني پناهگيرن کي سنڌ جا ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ ڏيارڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو آهي. افغانستان مان ظاهر آهي مالدار ماڻهو ھجرت ڪري پاڪستان پھچن ٿا. جھوپڙين ۾ رهندڙ مسڪين افغاني ته پنهنجي نياڻين کي وڪڻي باقي ٻچن کي پالين ٿا. دولتمند افغاني پناهگيرن کي ڪراچي، ٺٽي ۽ ٻين شهرن ۾ زمينون ۽ دوڪان خريد ڪندي اسان روزانو ڏسون پيا. ھو پنھنجي ملڪ مان طالبان حڪومت ٺهڻ کانپوءِ ڀڄي اچن پيا. وٽن ڊالر آهن جيڪي پراپرٽي وٺڻ لاءِ کين ڪم اچن ٿا. زرداري صاحب کي سڀ کان وڻندڙ ڪاغذ اھوئي آهي جنهن جي بدلي ۾ ھو بلڊرن کي سنڌ جون زمينون کپائي رهيو آهي ته جيئن ڌارين ماڻهن جي آبادڪاري به سولائيءَ سان ٿي سگهي ۽ سندس بينڪ اڪائونٽ به وڌيڪ مچي مواڙ ٿي وڃن.
ھاڻي واپس اچون ٿا ڪچين آبادين کي پڪو ڪرڻ واري قانون سازي تي جنھن کي روڪڻ لاءِ ملير ضلعي مان چونڊيل خود پيپلز پارٽيءَ جي عوامي نمائندن سنڌ اسيمبلي ايوان ۾ گھڻو ئي ٻاڏايو ۽ دانھون ڪندي چيائون ته اھڙو زھريلو قانون پاس ڪري اسان جي حڪومت ڌرتي ڌڻين سان ناحق ڪيو آهي. ملير ضلعي جي ايم پي اي ۽ صوبائي وزير ساجد جوکيو ھن بل جي سڀ کان گھڻي مخالفت ڪندي چيو ته ھي غيرقانوني افغاني ھڪ ڀيرو قانوني حيثيت ملڻ کان پوءِ اسان سنڌين کي نه رڳو اقليت بڻائي ڇڏيندا پر ھٿيار بند ھجڻ ڪري ڌرتي ڌڻين جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيندا. ملير مان 1970 کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌ جا اصل وارث اليڪشن کٽيندا رهيا آهن پر ھاڻي ھي ڀوائتو بل منظور ٿيڻ کان پوءِ اسين به مشڪل کٽي سگهون. ساجد جوکيو صاحب جا دليل وزنائتا ۽ تاريخي حقيقت سان جڙيل آهن. اھو نه وسارڻ گهرجي ته ورھاڱي کانپوءِ ھندستان مان جيڪي مسلمان ڀائر ھجرت ڪري سنڌ جي وڏن وڏن شهرن ۾ آباد ٿيا تن جي سڀني کان وڌيڪ پياري سياسي جماعت الطاف حسين واري ايم ڪيو ايم به ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن تي قبضو ڪرڻ خاطر پنھنجي گھر جا ٽپڙ خاص ڪري ٽيليويزن، فرج، وي سي آر ۽ ٻيو مھانگو سامان وڪڻي ھٿيار ورتا ۽ سنڌ ۾ جيڪا دھشتگردي ۽ قتلام ٿيو اھو اسان جي تاريخ جو سياھه باب بڻجي چڪو آهي. ھي افغاني ۽ بھاري ته آھن ئي ھٿياربند ۽ جڏهن ھي لکين اوپرا ھڪ ڀيرو سنڌ جا قانوني طور شھري ٿي ويا ته پوءِ گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ خونريزي ۽ رتوڇاڻ کي ڇا ھي جڏي ۽ رشوت خور پوليس روڪي سگهندي؟ ڇا سنڌ ۾ تازو مڪاني ادارن جي ٿيل چونڊن ۾ سنڌ پوليس جي ناڪاميءَ جو ذڪر ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر ايندڙ مرحلي ۾ فوج ۽ رينجرس کي پولنگ اسٽيشنز تي بيھارڻ جو حڪم بنا ڪنهن ڪارڻ جي ڏنو آھي؟ سو جيڪا جڏي پوليس پرامن ووٽنگ ڪرائڻ جي سگھه نه ٿي ساري سگهي اھا ھنن ھٿياربند افغانين ۽ بھارين سان ڪيئن منهن ڏيئي سگهندي. زرداري جي گھران ڇا ٿو وڃي! ھو ته ھنن پرڏيهي ڀاڄوڪڙن کي زمينون کپائي، پئسا ڪمائي پرڏيهه پڌاري ويندو ۽ سنڌين جا ايندڙ نسل ھڪڙي اڻ ڏٺل وحشياڻي ماحول ۾ اذيتناڪ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button