رانديون

ڪشمير پريميئر ليگ ۾ واڌ، ٽيمن جو تعداد 7 ٿي ويو

پي ايس ايل بعد پاڪستان جي ٻي وڏي ڊوميسٽڪ ايونٽ ڪشمير پريميئر ليگ جي فرنچائيزن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد ٽيمن جو تعداد 7 ٿي ويو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪي پي ايل جي ترجمان ٻڌايو تھ ليگ ۾ نئين فرنچائيز ڄمون جانباز جو اضافو سيزن 2 جي ايونٽ ۾ ٿيو آهي. جڏهن تھ سيزن 2 جي ٽورنامينٽ جي ڊرافٽنگ قرباني واري عيد گذارڻ بعد ڪئي ويندي. هن چيو تھ ڪي پي ايل ۾ هاڻ 6 جي بدران 7 ٽيمون ٽرافي ماڻڻ  جي جنگ ۾ شامل آهن. هوڏانهن ٽورنامينٽ 25 آگسٽ کان ٿي رهيو آهي، جنهن جي اين او سي پي سي بي جاري ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button