ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آءِ ايم ايف جي ڪوڙڪي

Editorial

هيءَ حڪومت به آءِ ايم ايف جي ڪوڙڪيءَ مان پاڻ کي آجو نٿي ڪرائي سگهي، ڇاڪاڻ ته سڄو ملڪ قرض ۾ ڦاٿل آهي ۽ ان کان سواءِ ملڪي معيشت ڪنهن به ريت پاڻڀري نه پئي ٿي سگهي، جنهن جي ڪري نه رڳو عوام تي مهانگائيءَ جو بار وڌي رهيو آهي پر ايندڙ وقت ۾ ڪي به اهڙا امڪان ڪونه آهن، جن مان لڳي ته عوام لاءِ ڪي سکيا ڏينهن اچي رهيا آهن. هن ماحول ۾ ملڪي معيشت ڏينهون ڏينهن خراب صورت اختيار ڪري رهي آهي. جڏهن معيشت خراب ٿيندي آهي ته ان جو پهريون شڪار عوام ٿيندو آهي. پيٽرول جي وڌندڙ اگهن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ان کان سواءِ کاڌي پيتي جي اسمن تي جيڪا مهانگائي ٿي رهي آهي. ان سان عوام لاءِ گهر جو سيڌو سامان وٺڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي. هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مهانگائيِءَ جي شرح 32 ڏهائي هڪ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي، هڪ هفتي دوران مهانگائيءَ جي شرح ۾ 3 ڏهائي 63 سيڪڙو جي رڪارڊ واڌ ٿي. انگن اکرن موجب گذريل هفتي 28 شيون مهانگيون، 6 سستيون ۽ 17 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو. ڳڻپ کاتي جو چوڻ آهي ته بجلي 27 ڏهائي 89 سيڪڙو ۽ ايل پي جي 1 ڏهائي 15 سيڪڙو مهانگي ٿي. ٽماٽو 31 ڏهائي 53 سيڪڙو، بصر 7 ڏهائي 89 سيڪڙو، چانهه جي پتي 4 ڏهائي 60 سيڪڙو، بيضا 2 ڏهائي 56 سيڪڙو، ماش جي دال 2 ڏهائي 30 سيڪڙو، چڻن جي دال 2 ڏهائي 17 سيڪڙو، مڱن جي دال 1ڏهائي 83 سيڪڙو، کير، پٽاٽا ۽ بريڊ پڻ مهانگي ٿي.
ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان دير سان معاهدو ڪيو ۽ اسان کي هر قيمت تي ان سان معاهدو ڪرڻو هو، هاڻي هڪ ارب ڊالرن لاءِ آءِ ايم ايف اسان کي نچائي رهيو آهي، ملڪ ۾ اگهه وڌائڻ بدران چونڊون ڪرايون وڃن ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها. آءِ ايم ايف سان غلط معاهدو ڪيو ويو، جيڪو خامين سان ڀريل هو ۽ شرط به ٺيڪ نه هيا. هڪ تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اڻڄاتل حملي آورن جو پتو لڳائڻ لاءِ پنجاب حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪنداسين، اسان پاڻ تنقيد ڪرڻ تي تشدد جو نشانو بڻجي چڪا آهيون، ان ڪري اهڙن واقعن کي برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته پيٽروليم شين جي اگهه نه وڌائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻ ته اگهه وڌائڻ سان مهانگائي وڌندي آهي. جڏهن ته موجوده صورتحال ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ بابت پڻ سوچيو. گهرو وزير چيو ته اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان دير سان معاهدو ڪيو، اسان کي هر قيمت ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪرڻو هو، هاڻي هڪ ارب ڊالرز جي قرض لاءِ ڳالهيون جاري آهن، آءِ ايم ايف اسان کي نچائي رهيو آهي، ملڪ جو ڏيوالو ٿيو ته صورتحال بگڙجي ويندي. راڻا ثناءَ الله وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ ڏيڍ ارب ڊالر جو نقصان برداشت ڪيو، ملڪي معيشت ۽ امن امان جي صورتحال جو حل سياسي اتفاق راءِ ۾ آهي، ملڪ جو سياسي پارٽين کي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته هڪ شخص آهي جيڪو ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، انا ۽ غرور انسان کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي. عمران خان ڪنهن سان به ويهڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، عمران خان چوي ٿو ته هو ڪنهن به نه ڇڏيندو ۽ ماڻهن کي گاريون ڏئي ٿو. هو چوي ٿو فلاڻي کي نه ڇڏيندس، هڪ انسان جي اوقات ڪهڙي آهي؟ اهڙي قسم جي ٻولي استعمال ڪرڻ سان قوم کي نقصان ٿيندو آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي مسئلن جي حل لاءِ سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو، جيڪڏهن هي ڪجهه ڪري سگهن ٿا ته چئن ورهين ۾ ڪري ڏيکارين ها.
اسين سمجهون ٿا ته ملڪي معيشت ان طريقي سان بلڪل به ٺيڪ نٿي ڪري سگهجي، جهڙي ريت هيءَ حڪومت ڪوششون ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان نه رڳو عوام تي مهانگائيءَ جو بار وڌندو ويندو پر ان لاءِ گذارو ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويندو. حڪومت رڳو آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ لاءِ هر شعبي ۾ مهانگائي ڪندي رهندي ته ان سان عوام جي سهپ جواب ڏئي ويندي نتيجي ۾ عوام روڊن تي نڪري احتجاج ڪندو ۽ جڏهن اهو احتجاج ڪرڻ شروع ڪندو ته اهو سلسلو ايترو جلدي بند نه ٿي سگهندو. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته معاشي سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي ته جيئن عوام ساهه کڻڻ جهڙو ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button