سنڌ

سيتاروڊ ۾ بئنڪ بند ڪرڻ واري فيصلي خلاف احتجاج

سيتاروڊ ۾ نيشنل بئنڪ برانچ 27 آگسٽ 2022ع کان بند ڪرڻ واري فيصلي خلاف سيتا سرجڻهار فورم پاران هلندڙ جدوجهد جي سلسلي ۾ 21 هين ڏينهن به مشهور ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. جنهن ۾ غلام مصطفي مڱڻهار، سرفراز راجپوت، شهزاد ميمڻ، احسان سومرو، قمر الدين چهواڻ، آصف خانزادو، امام علي مڱڻهار ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ان موقعي تي مشهور ميمڻ چيو ته وڏي عمر جا سوين پينشنر ۽ حاضر سروس ملازم عورتون ۽ مرد پينشن ۽ پگهار هتان سهولت سان وٺن ٿا، بئنڪ بند ٿيڻ سان انهن پينشنرن ۽ حاضر سروس ملازمن کي دادو، ميهڙ، خيرپورناٿن شاهه جي بئنڪن ۾ وڃڻ سان تمام وڏي تڪليف مان گذرڻو پوندو. وس وارن کي گهرجي ته نيشنل بئنڪ برانچ سيتاروڊ بند ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button