سنڌ

پاڻي کوٽ، ڌاري آبادڪاري خلاف حيدرآباد ۾ جسم جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو

جيئي سنڌ محاذ پاران سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ڌارين جي آبادڪاري ۽ مهانگائي سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف حيدرآباد ۾ واڌو واهه لڳ نيشنل هاءِ وي تي جسم چيئرمين رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب هاءِ وي جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون، 3 ڪلاڪن تائين ڌرڻي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو وڏو انگ شامل هو، جڏهن ته ڪارڪنن سنڌ دشمن منصوبن ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي جسم چيئرمين رياض چانڊيو خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته پيپلزپارٽي پاران سنڌ اسيمبلي مان افغانين ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن جي ڳوٺن کي ريگيولرائز ڪرڻ وارو بل واپس نه ورتو ويو ته 19 آگسٽ تي ڪراچي پريس ڪلب سامهون ٽن ڏينهن واري بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي ويندي ۽ بک هڙتال جي پڄاڻي تي قومي اجتماع ڪيو ويندو، ان باوجود سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايل سنڌ دشمن بل واپس نه ورتو ته سنڌ اسيمبلي جي عمارت سميت پيپلزپارٽي جي وزيرن ۽ اڳواڻن جي گهرن جي سامهون احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻڻ جو اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته اڄ سنڌ سڪي رهي آهي، پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻي رهيو آهي، سنڌو درياهه دنيا جي تاريخ جو قديم درياهه آهي پر اڄ اهو پاڻي بجاءِ واريءَ سان ڀريل آهي، ڪوٽڙي بئراج تي راڪاس ڇانيل آهي، پاڻي نه هجڻ ڪري رڳو تباهي ۽ بربادي نظر اچي رهي آهي، فصل سڪي ويا آهن، سنڌ جي زرعي معيشيت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. هن چيو ته سنڌ جي معيشيت جو گهڻو دارومدار زراعت تي آهي، پنجاب پنهنجن ئي ڪيل پاڻي جي معاهدن تي عمل نٿو ڪري، ڏهاڪن کان وٺي سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هڻي سنڌو درياهه کي سڪايو ويو آهي، ڊيلٽا تائين پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ سنڌ جي 32 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي، سنڌو درياهه سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي جياپي جو ضامن آهي پر پنجاب عالمي اصولن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري 75 سالن کان وٺي سنڌو درياهه جو پاڻي چوري ڪرڻ ۾ مصروف آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري لاءِ منظم انداز ۾ سازشون ڪري منصوبا جوڙيا پيا وڃن، سنڌ جي زمين تي قبضو ڪري ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي پر پيپلزپارٽي سنڌ جي زمينن تي سوديبازي ڪرڻ ۾ مصروف آهي، پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻهن سان دوکي بازي ڪري سنڌ ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين ۽ ٻين ڌارين جي ڳوٺن کي ريگيولرائز ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرايو آهي، جنهن کي رد ڪيون ٿا ۽ ان بل جي رد ٿيڻ تائين احتجاج ڪندا رهنداسين. هن چيو ته سنڌ ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪيو پيو وڃي، راڻيپور مان آديش ڪمار کي اغوا ڪيو ويو آهي، سرمد ميراڻي کي جبري طور تي اغوا ڪري گم ڪيو ويو آهي، سنڌ جا ٻارڙا ائين ئي اغوا ڪري گم ڪيا وڃن ٿا پر سندن ڪو به ڏس پتو نٿو ملي، سنڌ ۾ بربريت ۽ لاقانونيت جي انتها ٿي چڪي آهي، هر طرف ظلم ۽ ڏاڍ نظر اچي ٿو. ان موقعي تي جي يو آئي جي اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيون، اعظم جهانگيري، نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ ممتاز بروهي، جسم اڳواڻ نواز شاهه ڀاڏائي، پنهل جمالي ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏهن ته قومي راڳي ٻيجل سنڌي قومي گيت پيش ڪيا. هوڏانهن حيدرآباد پوليس پاران ڌرڻي سبب سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي، وڏي انگ ۾ اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button