سنڌ

حيدرآباد ۾ وومين چيمبرس آف ڪامرس پاران ثقافتي شين جي نمائش

حيدرآباد جي قاسم آباد ۾ وومين چيمبرس آف ڪامرس جي اڳواڻ عورتن شاهده غلام رسول، صدف ۽ ٻين پاران عيد جي موقعي ٽن ڏينهن لاءِ ڪپڙن ۽ عورتن جي هٿ سان تيار ڪيل ثقافتي شين جي نمائش لڳائي وئي آهي. جتي خريداري لاءِ آيل عورتن وومين چيمبرس آف ڪامرس جي جدوجهد کي ساراهيندي چيو ته اڄ جي مهانگائي جي دور ۾ عورتن جي محنت کي اڳيان آڻي روزگار جا موقعا پيدا ڪيا آهن. هتي بازار جي ڀيٽ ۾ سستن ڪپڙن. گهريلو سامان ۽ ٻارن جي ڪپڙن جا اسٽال لڳايا ويا آهن. وومين چيمبرس آف ڪامرس جي صدر شاهده غلام رسول چيو ته قاسم آباد جي فاطمه لان ۾ عورتن ۽ ٻارن جي سستي شين جا اسٽال لڳايا ويا آهن، جتي سنڌ جي ٻهراڙين جي عورتن پاران هٿ سان تيار ڪيل ثقافتي شين جا پڻ اسٽال لڳايا ويا آهن. جنهن سان عورتن کي پڻ معاشي فائدو ٿي رهيو آهي. نمائش اڄ 4 جولاءِ رات ڏهين بجي تائين جاري رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button