سنڌ

اوستا محمد کان ڪراچي تائين ريل سروس ٻيهر شروع ڪرڻ جو مطالبو

جيڪب آباد کان بلوچستان جي شھر اوستا محمد، لاڙڪاڻي کان ڪراچي تائين مسافر ريل گاڏيون ۽ مال گاڏيون بند هجڻ ڪري ڪري عوام سستي سواري کان محروم بڻجي وئي آهي. ان سلسلي ۾ اوستا محمد جي شھرين محمد نواز ٻٻر، سيف الله ساگر رند ۽ ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته مسافر ريل گاڏيون ۽ مال گاڏيون ڪيترن سالن کان بند پيل آهن، انھن ڏينھن ۾ ماڻهو ريل گاڏين وسيلي ھڪ شھر کان ٻئي شھر سفر ڪرڻ سميت ڪڻڪ، چانور ۽ ٻيو سامان مال گاڏين وسيلي ھڪ شھر کان ٻئي شھر آڻيندا هئا. هنن چيو ته مهانگائي جي هن دور ۾ حڪومت کي گھرجي ته عوام جي سهولت لاءِ زبون حال ريلوي لائين ۽ ريلوي اسٽيشنن جي مرمت ڪري جيڪب آباد کان اوستا محمد، لاڙڪاڻي رستي ڪراچي تائين ريلوي سروس ٻيهر شروع ڪري ته جيئن مهانگائي جي هن دور ۾ عوام کي ٻيهر سستي سوار ريل گاڏي ملي سگھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button