سنڌ

رتوديرو ۾ پرائمري استادن جو مطالبن جي مڃتا لائي احتجاجي مظاهرو

رتوديرو ۾ پرائمري استادن مطالبن جي مڃتا لا احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي سڪندر علي ڀٽو، گلاب خان بليدي، فياض علي ڀٽي، اسد جوڻيجو، مشتاق بليدي، مجيب الرحمٰن جوڻيجو، آصف علي ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. هنن دانهيندي چيو ته استادن جا مطالبا آهن ته غير مشروط اپگريڊيشن، مقرري واري تاريخ کان ريگيولر ڪرڻ، ڪانٽريڪٽ پيرڊ دوران واريون رهيل ساليانيون انڪريمينٽس، گروپ انشورنس، بائيو ميٽرڪ کي ضلعي ليول تي آڻڻ، سن ڪوٽا بحال ڪرڻ، هليٿ ڪارڊ ڏيڻ ۽ يوٽلٽي الائونس ڏنو وڃي. هنن چيو ته اسان پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪري چڪا آهيون ۽ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو به اسان جي حق ۾ آيل آهي پر ان باوجود به ڪو عمل نه ڪيو ويو آهي. هنن تعليم کاتي جي اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته اسان پرائمري استادن جا جائز مطالبا تسليم ڪري اسان کي پنهنجو حق ڏئي پرائمري استادن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ مجبور ٿي روڊن تي اچي جائز مطالبن جي حاصلات لاءِ اڃا به سخت احتجاج ڪنداسين جيڪو احتجاج مطالبن جي منظور ٿيڻ تائين جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button