سنڌ

اڳوڻي صوبائي وزير علي نواز ٽالپر جو پٽ عاشق ٽالپر لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌ جي اهم پارلياماني سياستدان 2 ڀيرا صوبائي وزير رهندڙ مرحوم مير علي نواز ٽالپر جو پٽ مير عاشق علي ٽالپر 67 ورهين جي ڄمار ۾ بيماري سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، مرحوم عاشق علي ٽالپر جي ميت کي ڪراچي کان سندس ابائي شهر ٽنڊو محمد خان واري رهائشگاھه تي پهچايو ويو، جنهن بعد مير غلام علي پارڪ ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد ميرن جي ابائي قبرستان ۾ کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم عاشق علي ٽالپر بزرگ سياستدان مير مشتاق ٽالپر، اڳوڻي يوسي ناظم مير معشوق ٽالپر، اڳوڻي ڪائونسلر مير راجا شوڪت ٽالپر جو ڀاءُ هو مرحوم جي جنازي نماز ۾ جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ مير سجاد ٽالپر، آبادگار اڳواڻ نواب زبير ٽالپر، سول سوسائٽي جي جان محمد ڀٽي، عبدالغفور رامليو، تعليم کاتي جي مانيٽرنگ ڪميٽي جي ڊسٽرڪٽ آفيسر عبدالعليم لغاري، پ پ اڳواڻ علي رضا ٽالپر، سيد سلال شاھه بخاري، تاجران فيڊريشن جي محمد اسماعيل ميمڻ، اڳوڻي يوسي نائب ناظم عبدالڪريم شيخ، پريس ڪلب جي صدر امتياز مڱريو، سينيئر صحافي غلام نبي ڪيريو، ذوالفقار چانڊيو، عبدالجبار بلوچ، مرسل رضوي، محمد صديق ڇيپا، ساحل اياز، شعيب ڪيريو، هندو پنچائت جي موهن لال ايسراڻي، ڊاڪٽر جي ايم گل، سنڌ نيشنل پارٽي جي حاڪم هاليپوٽو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڊاڪٽر احمد نوناري، پي ٽي آءِ جي حاجي الطاف نظاماڻي، لالا حسن پٺاڻ، اڳوڻو يوسي چيئرمين ڪمال نوناري، فضل احمد نظاماڻي، شفيق احمد ڀٽي سميت علائقي جي اهم سياسي سماجي مذهبي اڳواڻن شرڪت ڪئي. جڏهن ته ٽنڊو محمد خان شهر جي مير پاڙي جي مير گارڊن ۾ عذرخواهي لاءِ تڏو وڇايو ويو آهي، جتي تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button