سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پرائمري ۽ هائي اسڪول جي استادن جو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ سال 2001ع کان 2018ع دوران مختلف ٽيسٽ ذريعي ڪاميابي ماڻي پرائمري ۽ هاءِ اسڪول ٽيچر ڀرتي ٿيل استادن شروعاتي ڪانٽريڪٽ وارو عرصو ريگيولر سروس ۾ شامل نه ٿيڻ خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي استادن ذوالفقار حيدر، علي رضا منگي ۽ ٻين چيو ته پوري سنڌ سان واسطو رکندڙ سوين استاد ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج تي ويٺل آهن جن جو هڪ ئي مطالبو آهي ته شروعاتي ڪانٽريڪٽ وارو عرصو ريگيولر سروس ۾ شامل ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي پر افسوس جو ڪير نوٽيس وٺڻ وارو ناهي. هنن چيو ته اسان اين ٽي ايس، سنڌ يونيورسٽي، اقرا ۽ ٻين ادارن جي نگراني هيٺ تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر ۽ هائير سيڪندري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ ٽيسٽ ڏئي ڀرتي ٿياسين پر هن وقت تائين اسان کي انصاف ناهي مليو. هنن وڏي وزير ۽ تعليم جي صوبائي وزير کي اپيل ڪئي ته سال 2001ع کان 2018ع دوران مختلف ٽيسٽ ذريعي ڪاميابي ماڻي پرائمري ۽ هاءِ اسڪول استادن جو شروعاتي ڪانٽريڪٽ وارو عرصو ريگيولر سروس ۾ شامل ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button